اسپتالن ۾ ڪرپشن ڪڌا ڪم شراب نوشي مريضن کي ڌڪا/سيد زوار حسين شاهه


سنڌ ۾ اسپتالن جي ڪارڪردگي مڪمل ختم ٿي چڪي آهي  ڪافي سالن کان وٺي سنڌ جي عوام سان وڏي ٻي اکيائي ڪئي پئي وڃين  سنڌ جي اسپتالن جو اهو حال آهي جو اڪثر ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪرڻ بجاء ڀوتارن جي چاپلوسي ڪرڻ ۾ پورو آهن سنڌ جا اٻوجهه ماڻهون هڪ سرنج لاء تڙپي رهيا آهن هزارين مريض مريا وڃن انهن کان ڪو به پڇڻ وارو ناهي صرف افسوس ڪري سگهجي ٿو  سنڌ جو عوام دانهن ڏيئي ته ڪنهن کي ڏيئي سنڌ جو عوام هٿ ٻڌي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام چيف جسٽس  جناب ثاقب نثار کي عرض ڪيون ٿا ته پنجاب جي مختلف اسپتالن جا توهان دوره ڪيا آهن جنهن کان پوء پوري پاڪستان جي تمام اسپتالن ۾ ڪجهه نه ڪجهه اهو فرق ضرور ٿيو آهي ته  اتي ڊاڪٽر ڊيوٽيون ڪرڻ لڳا آهن صفائي جو نظام انتهائي خراب هو اهو هاڻي ڪافي حد تائين بهتر ٿيو آهي ،  سائين جن جي خدمت ۾ عرض ڪندس ته سائين سنڌ جي اسپتالن اندر ٿيل عوام سان ويسا گهاتي تي هڪ نظر وجهو اسان جي مٿان رحم ڪيو وڃين ڏک جي ڳالهه اها آهي ته اسان ووٽ به ڏنو پر اسان جي مٿان چونڊيل نمائيندن سميت اعلي افيسرن ڪو به رحم نه ڪيو  جنهن جي دانهن اسان خدا پاڪ کي به ڏيئي رهيا آهيون سنڌ جي وڏن شهرن جي اسپتالن جو اهو حال آهي جو اتي مريض هزارين  انهن کي هاڻي ته بيڊ به نه ٿو ملي پر ان سان گڏ اهو به چوندس ته هڪ بيڊ تي ٽي ٽي مريض داخل ڪن ٿا دوا به انهن کي مور ملي ئي نٿي جنهن تي به عوام سڄي سنڌ  صحت جي اهڙين سهولتن کان پوء سراپا احتجاج آهن ، جنهن کي پڻ نظر انداز ڪيو ٿو ُڇين ڪو ٻڌڻ لاء ناهي ،   ،  سنڌ جي اسپتالن ۾ وڏي ظلم جي ڳالهه اها آهي ته  مريضن کي ڊاڪٽر چيڪ ڪرڻ لاء به تيار ناهي جنهن لاء پڻ عوام ڪافي احتجاج ڪيا آهن پر ڪو به کڙ تيل نه ٿو نڪري ، سنڌ جي اسپتالن کي اپ گھريڊ ڪرڻ جي مدد ۾ پڻ ڪروڙين خرچ ٿين ٿا پر اهو پڻ انڪشاف ٿيو آهي ته ان جي مد ۾ پڻ ڪرپشن ڪئي ٿي وڃين ،  ڪراچي ۾ ته مريضن کي ابتو ٽنگيو ٿو وڃين آپريشن ڪرڻ کان پوء ان مريض سان جيڪو حشر ٿئي ٿو الله پاڪ ڪنهن دشمن سان به نه ڪري ، سنڌ جو اسپتالون ڪوس گهرن ۾ تبديل ٿي ويون آهن سرڪاري اسپتال جا اڪثر داڪٽر نجي اسپتالون کولي ويٺا آهن جتي هو مريضن جي پڻ ابتي کل لاهين ٿا ، انهن کان ڪير به وڇڻ وارو ناهي راڻي پور ۾ پڻ انٽرينڊ ڊاڪٽر نيون  بلڊنگون ڪرائي تي  وٺي جنهن جو ڪرايو 50 هزار کان مٿي هوندو  بجلي مفت ٻاريندو   اهو مريضن جي ابتي کل لاهڻ ۾ مصروف عمل  آهي جيڪڏهن اهڙن اسپتالن کي فوري بند نه ڪرايو ويو ته پوء هي سنڌ مڪمل ڪوش گهرن ۾ تبديلي ٿي ويندي ان ڪري مان اهو چوندس ته هاڻي ائين نه ٿيندو پاڪستان جا اداره جاڳي رهيا آهن هو هر ان ڊاڪٽر خلاف آپريشن ڪندا جيڪي به غريب مريضن جي ابتي کل لاهين ٿا  سچ ته اهو آهي ته مريصن کي هاڻي ڌڪا ملن ٿا، سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ جڏهن ڪو مريض پهچي ٿو ته ان کي فوري ڪنهن ٻي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ٿو وڃين ٿو اسپتالن مٿان عوام کي پاڻ نظر رکڻ گهرجي ،  ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏيو پنهنجي حق لاء گهرن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو ،  ضلعي خيرپور ۾ صحت جي حوالي سان  يعني  ٽوٽل 13 تيرانهن  رورل هيلٿ سينٽر آهن جن جي گذريل 9 مهينن کان مڪمل بند آهن جنهن جي مد ۾ ڪروڙين رويپن جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي پر معلوم ته اهو ٿيو آهي ته ٻين شهرن ۾ به دوا نه ملي آهي مريض لکين آهن صرف ضلعي خيرپور جي آبادي تي نظر وجهنداسين ته معلوم ٿيندو ته 25 لک روپين جي لڳ ڀڳ هوندي  هڪ ڇڏي ٻيو بيمار ضرور آهي جڏهن هو اسپتال پهچي ٿو ته ان کي نه ڊاڪٽر ٿو ملي يا جيڪڏهن ملي ٿو ه بس ڏسي ان کي پرچي لکي ٿو ڏيئي جيڪا ٻاهر ڪنهن پرائيويٽ اسٽور کان دوا وٺڻي پوندي آهي ، مريض شفاياب ته نه ٿو ٿئي رهندو بيمار ضرور ٿئي ٿو جنهن طرح سان ڪافي عرصي کان وٺي سنڌ جي حڪومت عوام کي نظر انداز ڪيو آهي جنهن جي به دانهن ڪنهن کي ڏيون ، سنڌ جي اسپتالن ۾ نظر رکڻ جي ضورت آهي ، سنڌ جي عوام تي رحم ڪرڻ جو وقت آهي  ضلعي خيرپور ۾ 13 رورل هيلٿ سينٽر آهن جنهن مان سواء ڪوٽ ڏيجي جي ٻين رورل هيلٿ سينٽرن کي هڪ گوري به نه ٿي ملي اهڙي صورت حال ۾ ڪروڙين رويپن جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي اهڙي  مڪمل حالات کان پوء مريض آپي کان ٻاهر نڪري ويا اهن تازو راڻي پور سرڪاري اسپتال ۾  هڪ ٽاپر محنتي سدائين  پوزيشن ۾ امتحان پاس ڪندڙ هاڻي جو ميڊيڪل آفيسر  مشرف حسين وساڻ جنهن جو 4  مهينا اڳ راڻي پور اسپتال ۾ مقرر ڪيو ويو جنهن کان پوء هو نئين جذبي تحت مريضن کي چيڪ ڪرڻ سان گڏ دوائون به لکي ڏيندو رهيو  پر دوائون ڏيڻ کان اسپتال استورڪيپر نه ڏني جنهن جو پ۾ڻ موقف هو ته دوا ملي ئي نه ٿي پر اهو به ڪڙو سچ آهي ته من پسندن ماڻهن کي دوا ملي ٿي پئي  پر راڻي پور اسپتال ۾ هڪ به مريض کي هڪ ٽيبليٽ به نه پئي ملي جنهن کان پوء ڊاڪٽر مشرف وساڻ ايم ايس محمد رمضان ميمڻ کي ٻڌايو ته اسٽور ڪيپر غلام اصغر ملاح نه ٿو ڏيئي مريضن کي موٽايو ٿو وڇين ان سان گڏ جيڪڏهن ڪو امير ٿو اچي ته ان کي فوري دوائون ڏيون ٿيون وڃن  برحال جهيڙو وڌندو ويو ايتري قدر جو گار گند تائين ڳالهه پهتي جنهن کان پوء ڊاڪٽر ضمير حسين کوکر رمضان ميمڻ ٻين داڪٽرن سان مشاوت ڪري ڊاڪٽر کي بحڪم ڊي ايڇ او نثار ڦلپوٽو  فوري رليو ڪيو ويو جنهن کان پوء سول سوسائيٽي  سماجي ٽنطيمن جا ڪارڪن اڳواڻ  جنهن ۾ ٽائون چيئرمين پير سيد فياض حسين شاه ، جيلاني سماجي رهنما انسان پرست پير سيد فرزند علي شاه جيلاني  پير سيد حمزه شاه حاجي عبدالله پيرزادو وائيس چيئرمين غلام اصغر وساڻ اڪبر شاهاڻي ملڪ قاسم نانڪ رام ديدار عباسي ماهويل مغيري  جگنو عباسي  الطاف عباسي مدد علي ملاح امداد لاڙڪ بدر ابڙو اختيار وساڻ  ياشين راجپر سرمد نثار ڀٽو جي سامهون  هڪ اهڙو ته انڪشاف ٿيو ته راڻي پور اسپتال ۾ قائم هڪ نجي ميڊيڪل اسٽور ۽ اسپتال ۾ شرب نوشي پڻ ڪئي ويندي آهي ان سان گڏ عورتن سان پڻ بدسلوڪي ڪئي ويندي آهي جنهن کان پوء سول سوسائيٽي ۽ ميڊيا فوري نوٽيس وٺندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ، وزير صحت ، سيڪريٽري صحت ، هيومن رائيٽس لا ڪائونسل پاڪستان ۽ ٻيا ادارو فوري انهن ماڻهن جي خلاف ڪاروائي ڪن جن به اهڙيون ڪڌيون حرڪتون هن اسپتال اندر ڪيون آهن ان سان گڏ جڏهن  با خبر ذرائعن کان پڻ معلوم ڪيو ويو ته  انهن پڻ ڇڙڪائيندڙ انڪشاف ڪيا جنهن کان بعد  هڪ هفتي اندر پڻ تحقيقات ڪري سول سوسائيٽي  شهرين  شهري فورم راني پور صحافين آڏو رکي ويندي  مان هٿ ٻڌي اهو سوال سنڌ جي وڏي  وزير کان ڪندس ته ڇا توهان هاڻي سنڌ جي نياڻين جي عزت جي رکوالي  کان  ڪاثر آهيو ڇا   عوام ڪوڪون ڪري احتجاج ڪري ڪري مري  وڃن ڪو نوٽيس به نه ٿو ورتو وڃين جيڪڏهن سفارش تي رکيو ضلعي خيرپور جو ڊي ايڇ او توهان کان ڏاڍو آهي ته  هن اليڪشن ۾ عوام توهان کي عبرناڪ احتساب سان گڏ شڪست پڻ ڏيندو سنڌ جو عوام لاورث يتيم ٿي چڪو آهي اسان جي مٿان رحم ڪيو سنڌ اندر صحت جون تمام سهولتون مهيا ڪيو ٿر واري صورت حال توهان سنڌ جي اندرئين عوام سان پيدا نه ڪيو اسپتالن مٿان سول سوسائيٽيز کي قانوني اختيار ڏيو ته هو هر اداري جيان هن صحت اسپتال جي مٿان به نظر رکن جنهن ۾ نه شراب نوشي هلي نه ڪنهن مظلوم جي عزت داء تي لڳي.

No comments:

Post a Comment