سنڌ ۾ اليڪشن ويجهو ايندي
ئي سياسي سرگرميون تيز ٿيندي نظر اچي رهيون آهن ۽ سياسي ڪامورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو
آهي، ڪامورن پاران پنهنجي رُٺل
اتحادن کي پرچائڻ وارو سلسلو شروع ٿيڻ سان گڏ عزرخوائن جو سلسلو بہ شروع ٿي ويو آهي،اليڪشن
جي موسم جو بہ هڪ عجيب
منظر هوندو آهي جنهن موسم جا رنگ ڏسڻ وٽان
هوندا آهن،جيئن برساتن جي موسم ۾ برسات
پوڻ کانپوءِ پوسل تي ڏيڏر نڪري ايندا آهن اهڙي ئي طرح اليڪشن واري موسم ۾ بہ وڏيرن، ڪامورن،
سردارن جي هوندي آهي،
جيڪي پنجن سالن بعد وري ڏيڏرن جيان پنهنجي تڪن تي نڪري پوندا آهن، هن اليڪشن واري
موسم ۾
ڪامورا، سردار ۽
وڏيرا مجبور ۽ بيوس لاچار بڻيل نظر ايندا آهن، جنهن سان هو ملڻ بہ پسند ناهين ڪندا
انهن سان وڏا وڏا
ڀاڪر پائي ملندا آهن ، سندن جي ڏکن ۾ شامل ٿي ڪري سندن جو همدرد ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش
ڪندا آهن، جيئن ئي اليڪشن جا ڏينهن ويجهو ايندا آهن تہ ان ڏينهن کان هر
جڳهہ جيان پوري سنڌ ۾ بہ عزخوائن جي بهاني
ووٽ حاصل ڪرڻ جي ورڪ ۾ ڪامورا لهي پوندا آهن جنهن ڪاموري پوري
پنجن سالن ۾ تڪ تي واپسي نہ ڪئي اهي
وري انهن تڪن ۾ گاڏيون ڊوڙائيندي ڏسجن ٿا،جن ڪامورن کي جيئرا ياد نہ هئا اڄ انهن کي مئا
ياد اچي ويا آهن ۽ عزرخوايون ڪري رهيا آهن،سندن جي تڪ ۾ ٿيل فوتين جي
لسٽ پنهنجي کيسي ۾ رکي
گهمي رهيا آهن،ڪنهن عام ماڻهون کي سلام نہ ڪرڻ وارو ڪامورو ان
سان پيري پئي ملڻ تي
مجبور بڻيل ڏسجي ٿو، جيئن سرديءَ جي موسم ۾ گرم بسترن جي ضرورت پوندي آهي اهڙي ريت
ڪامورن کي اليڪشن ويجهو اچڻ سان
ئي ووٽن جي ضرورت هوندي آهي،سردي هجي ۽ گرم بسترو نہ هجي تہ ماڻهون سرديءَ ۾
ڏڪندو آهي ائين ئي ڪامورو بہ ووٽ نہ هجڻ جي صورت ۾
ڏڪندي نظر ايندو آهي،
اليڪشن ويجهو ايندي ئي ننڊ ۾ ستل ڪامورا
جاڳي پوندا آهن، جيئن گرميءَ جي موسم ۾
مڇر اچي ويندا آهن ائين ئي اليڪشن
جي موسم ۾ ڪامورا بہ مڇرن
جيان ڳوٺن ۾ گهرن جو گهيراءُ ڪندا آهن، اليڪشن جي ويجهو اچڻ شرت ئي سندن جي ننڊ
حرام ٿي ويندي آهي، هو ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندا آهن،اسان جي سهڻي سنڌ کي ڪامورن
تباهيءَ جي ڪناري تائين پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي آهي، پوءِ بہ هو سنڌ ۾ ترقياتي
ڪمن جي ڄار وڇائڻ جي ڪوڙي دعوا ڪندي نظر ايندا آهن، سندن وٽ صرف پنهنجا نوازڻ وارو
فارملو هوندو آهي، ڪامورن بہ غريبن
جو مال کائي پنهنجا گهر ڀريا آهن ،غريبن جي ڪا بہ مدد نہ ڪئي آهي نہ ئي سندن کي بنيادي
سهولتون ڏنيو ويون آهن،
روزگار جا دلاسا ڏيندڙ ڪامورا ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ جوڳي نہ ڪنهن جا مٽ ٿي
ويندا آهن، وڏي افسوس جي ڳالھ تہ اها آهي
تہ هتي نوڪريون بہ پئسن عيوض ڏني ٿيون
وڃن جنهن جي ڪري اڄ جو غريب پڙهيل
لکيل نوجوان بيروزگاريءَ جي ور چڙهندي خودخوشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، اسين ذڪر
ڪيوسي پئي گذريل
اليڪشن جو جنهن ۾ عوام جن کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري هنن کي اسيمبلين
تائين پهچايو
انهن کي اڄ اٽڪل پنج سال پورا ٿيڻ وارا آهن، پر انهن عوام جو گذريل پنجن سالن ۾ هڪ
بہ مسئلو حل نہ ڪيو آهي، نہ ئي پنهنجي تڪن تي
واپسي ڪئي آهي، جيڪي پنج سال اڳ جنهن تڪن تان هزارين ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا هئا، ان
ڪامياب ڪامورن جي نااهلي سنڌ جا اهڙا ڪافي علائقا آهن جيڪي پوري طرح بنيادي سهلوتن
کان وانجهل آهن ۽ اتان جا رهواسي پٿر دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، دنيا وڃي
چنڊ تي پهتي آهي پر سنڌ
جا ٻهراڙي وارا علائقا اڄ بہ بنيادي
سهولتن کان محروم بڻيل نظر اچي رهيا آهن، ڪي تہ اهڙا بہ علائقا آهن جتي
اسڪول کان ويندي گيس تائين، گيس کان ويند روڊ تائين، روڊ کان ويندي بجلي تائين ڪا
بہ سهولت نہ آهي، آءُ پاڻ
ٻهراڙي جو رهواسي آهيان جنهن ڳوٺ ۾ آءُ رهندو آهيان ان ڳوٺ جو نالو آهي ڌڻي بخش
مستوئي ان جي ڀرسان ٻہ ڳوٺ
واقعي آهن هڪ ڳوٺ خير محمد مستوئي ۽ ٻيو وريام خان مستوئي آهي جنهن جو تعلق يونين
ڪائونسل مبارڪپور تعلقي ٺل ۽ ضلعي جيڪب آباد سان آهي اتي بہ ساڳيو حشر لڳو پيو
آهي، هن وقت تائين سندن کي ڪا بہ بنيادي
سهولت نہ ڏني وئي
آهي، جڏهن کان مون اک کولي آهي تڏهن کان هن ڄاڻايل ڳوٺن ۾ ڪو بہ ترقياتي ڪم نہ ٿيو آهي ۽ اها ان
ڪامورن جي منهن تي چماٽ آهي جيڪي ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي دعوا ڪري رهيا آهن، ٽي
اليڪشني دور منهنجي نظر آڏو گذريا آهن ان ٽنهي اليڪشني دورن ۾ ڪامورن کي وڏا وڏا
واعدا ڪندي ڏٺو آهي پر ان ڪيل واعدن مان هڪ بہ واعدو اڄ تائين وفا
نہ ٿي سگهيو آهي،هر
اليڪشني دور ۾ وفا جا جتن ڪندڙ ڪامورا اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد بيوفا ٿي ويندا آهن
۽ پنجن سالن لاءِ ويزا تي هليا ويندا آهن، وري پنج سال گذرڻ کانپوءِ ساڳيون ئي
ڳالهيون ڪيون وينديون آهن هن ڀيري اوهان کي نظر انداز ڪونہ ڪبو صرف هن ڀيري
ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو وري ڪاميابيءَ بعد ادو هوا ۾ اڏامي ويندو آهي سندن کي پر لڳي
ويندا آهن ۽ هو آسمان سان ڳالهائڻ لڳندو آهي، سندس جي هيٺ رهندڙ عوام تہ اک ئي ناهي ٻڏندي تہ هو جنهن کان ووٽ
وٺي ڪامياب ٿيو آهي اهي ڪهڙي مشڪلاتن مان گذري رهيا آهن انهن کي ڪهڙي بنيادي سهولت
نہ ملي آهي جيڪا هنن
کي ڏيارجي اهو هو سوچيندا ئي نہ آهن
عوام ڄاڻي تہ عوامي
جي قسمت،جيڪي پنج سال پهريا ڪامياب ٿيا ان پنجن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ ان ڪرپٽ
ڪامورن کان مٺي ڳالهين کان سواءِ ٻيو ڪجھ بہ حاصل نہ ٿيندو آهي،جيئن ئي
اليڪشن ويجهو اچي ويندي آهي تہ اُهي
نظر نہ ايندڙ
ڪامورا ان اليڪشن واري ڏينهن ۾ ضرور ظاهر ٿيندا آهن، عوام سان همدردي جتائڻ لاءِ
سندن جي ڪکائي گهرن ۾ پهچندا آهن وري ساڳيا دلاسا سکڻا واعدا ڪندي نظر ايندا آهن ۽
هاڻي بہ ساڳيو
منظر نظر اچي رهيو آهي، سندن جي
نا اهلي جا اهي بہ چٽا
ثبوت آهن تہ سنڌ جو
غريب پڙهيل لکيل نوجوان، اڄ بہ
دربدريءَ جو شڪار بڻيل نظر اچي رهيو آهي، پڙهيل لکيل نوجوان اڄ بہ روزگار لاءِ در در
جون ٺوکرون کائي رهيا آهن،پر ڪنهن بہ سياسي
نمائندي سندن جي هڪ بہ نہ ٻڌي آهي،چونڊيل
نمائندا ووٽ وٺڻ کانپوءِ پنج سال غائب
رهڻ بعد اليڪشن واري موسم ۾ اجانڪ ظاهر ٿي پوندا آهن، وري پنجن سالن کانپوءِ
ڪامورن کي سندن جا تڪ ياد اچي ويا آهن، اليڪشن ويجهو ايندي ئي سندن جا رويا تبديل
ٿيندي ڏسجن ٿا، جيئن موسم تبديل ٿيندي آهي اهڙي طرح اليڪشن واري موسم ايندي ئي سياسي نظام ۾ بہ ڪافي تبديليون اچي
وينديون آهن،عوام کي وساريندڙن کي وري عوام ياد اچي ويندو آهي،اُهي ئي ڪامورا جيڪي
عوام سان ڳالهائڻ کان بہ
لنوائيندا هجن ۽ جيڪي سندن سان ملڻ بہ گواره
ناهن ڪندا اڄ اُهي ئي ڪامورا وري ووٽ جي
چڪر ۾ ان غريب عوام ڏانهن اچي مسئلن جي حل جون حاميون ڀري رهيا آهن،اُهي سڀ جون سڀ
تبديليون صرف ووٽ وٺڻ تائين محدود هونديون آهن ۽ پوءِ ساڳيا لاٽو ساڳيا چُگھ وارو
ڪم ٿي ويندو آهي، پورا پنج سال ڪامورن
عوام کي نظر انداز ڪندي ڪڏهن بہ انهن جي
دردن جي دانهن نہ ٻڌي نہ ڪڏهن سندن جي دردن
کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نہ ڪڏهن
عوام جي ڏکن ۾ شامل ٿيندا آهن، سندن جا گرم لهجا تبديل ٿيندي نرم لهجا ٿيندي ڏسجن
ٿا، ڪامورا وري غريب عوام کي بيوقوف بڻائيندي ٻٽا ڀاڪر پائيندي
نظر اچي رهيا آهن،گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ائين ئي عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي،
هاڻي بہ اهائي
پوزيشن آهي،منهنجي خيال ۾ اليڪشن واري موسم ۾ ٻيو ڪجھ تبديل ٿيندي نظر نہ ايندو آهي سواءِ
سياسي ڪامورن جي لهجن
کان بس تبديلي ايندي آهي تہ انهن جي
لهجن ۾ پٿر دل
رکندڙ ڪامورا اليڪشن ۾ پنهنجي دل کي موم بڻائي ڇڏيندا آهن، اهو مون اليڪشن واري
موسم ۾ محسوس ڪيو آهي تہ سياسي
ڪامورو ڪيڏي بہ تيز
طبيعت جو مالڪ ڇو نہ هجي پر
اليڪشن ويجهو اچڻ کانپوءِ اهو تيز طبيعت رکندڙ ڪامورو برف جيان ٿڌو ٿي ويندو
آهي،ان ڪامورن جي چالاڪين کان اڻ واقف عوام ىان جي ٿڌي طبيعت ۽ واڳن واري ڳوڙهن
مان اهو سمجهي ويندو آهي تہ هاڻي
سائين جن ۾ وڏي تبديلي اچي وئي آهي، لڳي ٿو هن کي خوفِ خدا ٿيو آهي تنهن ڪري هن
پنهنجو پاڻ ۾
ايڏي وڏي تبديلي آندي آهي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي هوندو جيئن ڪامورن جي لهجن جي تبديل ٿيڻ سان عوام سوچيندو
آهي ،بلڪہ منهنجي
نظر ۾ ان ڪامورن ۾ ڪا تبديلي ناهي ايندي نہ ئي ڪو سندن کي خوفِ
خدا هوندو آهي،اُهي ڪامورا سڀ جون سڀ تبديليون صرف ووٽ وٺڻ تائين اپنائيندا آهن،
ووٽ وٺڻ کانپوءِ اهُي ئي
ڪامورا جيئن پهريا پٿر دل هئا وري اُهڙي طرح پٿر دل بڻجي ويندا آهن ۽ وري پوري
پنجن سالن لاءِ گم ٿي ويندا آهن ۽ چوندا آهن تہ عوام ڄاڻي تہ عوام جي قسمت ڄاڻي،
جيڪي اليڪشن کان اڳ ۾ چوندا هئا تہ اسان
توهان کي ڪڏهن بہ اڪيلو نہ ڇڏينداسين نہ ئي توهان تي ڪو
ڏکيو وقت اچڻ ڏينداسين اُهي سڀ جون سڀ ڳالهيون صرف اليڪشن کان اڳ جون هونديون آهن
اليڪشن کانپوءِ اُهي ڪامورا سندن کي پنهنجي قسمت تي ڇڏي ڏيندا آهن، مونکي حيرت تہ ان ڳالھ جي آهي تہ عوام آخر سياسي
ڪامورن کي ڪڏهن سمجهندو ۽ ڪڏهن سندن جي چنبي مان نڪري ايندو ۽ تبديلي جي سفر ڏانهن
وکون وڌائيندو جيڪڏهن تبديلي آڻڻ چاهيون ٿا تہ پوءِ هاڻ اليڪشن
اچڻ واري آهي اچو تہ هاڻي
تبديليءَ جي سفر جي شروعات اِتان ٿا شروع ڪيون کوڙ ئي بيقوف بڻايو ويو اسان کي
هاڻي اسان کي ووٽ سوچي ۽ سمجي ڏيڻ جي ضرورت آهي جڏهن اسان ووٽ جو استعمال صحيح
ڪنداسين تہ پوءِ
تبديليءَ جي منزل پري نہ آهي
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment