ٽيڪس سان ڀريل بجلي جو بل..؟؟/غلام مصطفيٰ جمالي


منهنجا پيارا پاڪستانيون اوهان ڪڏهن بجلي جي بل کي غور سان ڏٺو آهي..؟ جي ناهي ڏٺو ته هڪ دعفو ضرور ڏسي وٺجو.. اهو بجلي جو بل واهان کي بجلي جو بل نه پر ڀتاخوري واري پرچي ضرور لڳندو.ڇو ته اوهانکي خبر آهي ته ڀتا خوري هڪ مجرم ڏوهه آهي جيڪو اگر سري عام ڪيو وڃي ته انهي جي سزا به پاڪستان جي قانون ۾ موجود آهي،پر اهو اگر سرڪاري سرپرستي ۾ ڪيو وڃي ته ڪو ڏوه ناهي.؟ڪو جرمانو ناهي.؟جڏهن هڪ دڪاندار کي ڀتي جي پرچي ملندي آهي،ته هو انهي ڀتي جي پرچي جي ادائيڱي ان ڪري ڪندو آهي،جو کيس ڀتاخورن جي دهشت جو ڊپ هوندو آهي.پر اگر اها پرچي بل جي صورت ۾ ملي ۽ انجي ادائيگي نه ڪجي ته وري بجلي ڪٽڻ جو ڊپ هوندو آهي. هڪڙي خوشخبري ملي ته بجلي جي بل تان ڪجهه چارجز ختم ڪيو ويون آهن. اها خبر مون هڪ دوست جي اوطاق تي ڪنهن اخبار ۾ پڙهي. مون انهي دوست کي چيو ادا اوهان جو نئون بل ته کڻي آ ٿورو ديدار ڪريون ته حڪومت ڪهڙيون چارجز ختم ڪيون آهن.ته هُو ويچارو سندس هن مهيني وارو بل کڻي آيو، مون جڏهن انهي کي ڏٺو ته ان ۾ ٻه خانه نظر آيا ،جنهن جي هڪ خاني م لکيل هو (حيسڪو چارجز )۽ ٻئي خاني ۾ لکيل هو (گورنمينٽ چارجز) ۽ گورنمينٽ جيڪا چارجز وٺندي آهي اها انهي بل جي مطابق هوندي آهي جڏهن اهو بل عوام تائين پهچي ٿو ته ان جي چارجز ڊبل ٿي ويندي آهي. جهڙوڪ واپڊا في يونت ڏه رپيا وٺندي آهي ۽ انهي بل جي جيڪا گورنميٽ چارجز وٺندي آهي.اهو بل مالڪن تائين پهچندي پهچندي في يونٽ ويهه رپيا ٿي ويندو آهي. حڪومتي چارجز تي نظر وجهبي ته  اهين لڳندو ته اها عوام سان سري عام غنڊاگردي آهي غنداگردي به اهڙي جنهن جو ڪو داد فرياد ناهي.هاءِ ڪورٽ ان درد ۾ عوام جو ساٿ ڏنو آهي،پر ان کي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري هڪومت لائينس حاصل ڪري انهي چارجز کي برقرار رکڻ ٿي چاهي.پر اها ڪا نئي ڳالهه ناهي حڪومت لاءِ عوام کي لٽڻ واري روايت پراڻي آهي .اوهان وٽ اگر هن وقت بجلي جو بل موجود آهي ته ان کي غور سان ڏسون اوهان پاڻ سوچڻ لڳي ويندا ته واقعي اهو سچ آهي ،حموڪت جي چارجز ۾ پهرين ٽيڪس نمبر(1) حصو اليڪٽرونڪ ڊيوٽي آهي. هلو ٺيڪ آهي اسان به مڃي ورتو ته اهو انهن جو حق آهي ته آخر حڪومت کي به پنهنجو ڪاروبار هلائڻو آهي.۽ ان کان پوءِ اچي ٿي(پي ٽي وي) في جيڪا25رپيا ڪجهه پئسا آهي.جيڪا سنئون سڌو ڀتو آهي ڇو ته بجلي استعمال ڪندڙ پي ٽي وي جو بل ادا ڪندا اچي پي ٽي وي جو ٽيڪس ڇو ڀرئين. جڏهن ته پي ٽي وي جو ٽيڪس ڪيبل آپريٽر هر مهيني عوام ڏيندي آهي پوءِ چاهي اهي پي ٽي وي ڏسن يا نه ڏسن،! 2 نمبر (جي ايس ٽي) ٽيڪس اليڪٽرسي ٽيڪس جنهن کان پوءِ جي ايس ٽي جنهن جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ناهي ته هي آهي ڇا..۽  نه ئي پاڪستاني حڪومت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جي ايس ٽي ڇا آهي. ڇو ته انکي صرف ۽ صرف ٽيڪس وصول ڪرڻو آهي ان کانپوءِ اڳيون خانو نمبر(3) ايڪسٽرا ٽيڪس ان کان پوءِ نمبر( 4) فيوچرٽيڪس.اوهانکي ڪٿي پگهر ته نه اچي رهيو آهي .؟ اڃان ته هڪ حصو به ٽيڪس جو نه ٻڌايو آهي پند اڃان پري آ ادا.؟ جيڪڏهن اوهانجي بل سامهون آهي ته نمبر(5) جو وارو آهي اتي هڪ خانو آهي جنهن ۾ اين جي (نيلم جهلم سرچارج لکيل آهي جنهن جي ادائيگي ته هاءِ ڪورٽ روڪي ڇڏي آهي. ڇو ته (سرچارچ) جي وصولي بجلي وڪندڙ ڪمپئين کي ان جي وصول جو اختيار ناهي هاڻي ٿورو اڳيان هلون نمبر(6)ايف پي اي) هي چارجز آهي جيڪا وفاق وصول ڪندي آهي اوهان ٿورو غور ڪيو“جي ايس ٽي اون ايف پي اي“۽ ٻئي خاني ۾ لکيل آهي(ايڪسٽرا ٽيڪس اون ايف ڇي اي) ٽئي خاني ۾ لکيل آهي “فيوچر ٽيڪس اون ايف پي اي“چوٿين خاني ۾ آهي“انڪم ٽيڪس وان پي ايف اي) پجين خاني ۾ آهي ايڊاون پي ايف اي“هاڻي اوهان فيصلو ڪريو ته هي( پي ايف اي) حڪومت لاءِ سون جي جهرڪي آهي يانه.؟ پر اها “پي ايف اي“ عوام لاء ڇا آهي هڪ رت چوسڻ واري ڏائڻ.. انهن چارجز جو استعمال ڪيترن ئي لفطن ۾ وجود آهي جنهن جو جواب ڪو به ناهي حڪومت ڪيترو ٽيڪس وصول ٿي ڪري انهي جي باوجود سندس پيٽ ناهي ڀربو.عوام ٽيڪس ڀري ڀري مري پئي آهي پر حڪومت ٽيڪسن جي گهڻائڻ بجاءِ هر زرو وڌائي رهي آهي،حڪومت اگر هاءِ ڪورٽ جي حقن جاوجود ان جو دفاع به پئي ڪري سگهي ته ان مان ظاهر آهي ته آئين اندر ڪو قانوني جواز موجود ئي ناهي .حڪومت وٽ ڏنڊو آهي جيڪو عوام جي مٿن تي وسائي رهي آهي ۽ عوام ويچاري کي اف چوڻ جي اجازت ناهي.عدالت هڪ فيصلو ضرور ڏنو آهي الله ڪري انهي فيصلي تي عمل ٿي ايتري قدر جو عدالت ايترا به حڪم جاري ڪيا آهن ته ورتل رقم به واپس ڪئي وڃي.عوام کي مال کي مال غنيمت سمجهي کائڻ وارن لاءِ اهڙا بيان غذاب لڳي رهيا آهن.،ڪيتري عرصي کان وٺي سوشل ميديا چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيلون ڪيون پيون وڃن ته هو عوام سان ٿيندڙ ٽيڪس واري ظلم جو نوٽيس وٺي انهي ڪري هاءِ ڪورٽ انهي نوٽِيس ورتو جهن ڪري حڪومت انهي نوٽيس کي سپريم ڪورٽ ۾ حڪومت چلنئج ڪندي جنهن کان پوءِ اهو فيصلو چيف جسٽس وٺ اچي ويندو ان ڪري سڄي ملڪ جي ڪروڙين عوام چيف جسٽ کان وڏيون اميدون رکي ويٺِي آهي حڪومت بجلي چوري جي سزائن ۾ واڌارو آڻي رهي آهي آفيسرن جي اختيارات ڏنا پيا وڃن پر حڪومت کي جيڪو ڪم ڪرڻو کپي اهو نه پئي ڪري .بجلي ڪئپنين جي آفيسرن ۽ ملازمن جيڪي رشوت خوري ۾ ملوث آهن .ايف آءِ اي وارا ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڪاروائي ڪري به وٺندا آهن ته واپڊا وارن کي هڙتالون ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي هوندي هو رڳو بجلي بند ڪندا آهن ته ايف آءِ وارا پنهنج پير بروقت پويان ڪري وٺندا آهن.جڏهن ته واپڊ هيٺئي طبقي واري پنهنجي وڏن وڏن آفيسرن تي لڳل الزامن جي ڪري هڙتالون به ڪري وٺندا آهن ڪيترا دعفا اهو ٿي به چڪو آهي بجلي ڪمپئين جي آفيسرن لائن لاسز کي لڪائڻ لاءِ هڪ حل ڪڍيو آهي ته هو مر ميهني يونٽ اوربلنگ ڪندا آهن پر حقيقت ته اها آهي ته پاڪستان عوام ٽلجي رهي آهي بجلي هڪ کاتو ناهي پر پاڪستان عوام موبائل ڪارڊ جي 100رپين تي 26رپيا ٽيڪس ڏيندي آهي بجلي ۾ جيتري قدر ٽيڪس جي ڳالهه آهي ته مان سمجهان انهي مسئلي کي حل ضرور ٿيڻ گهرجي انهي لاءِ يونٽ جو بلنيس سهي هجڻ گهرجي پر افسوس ته اهو آهي عوام لاٰءِ سخت قانون جوڙيندڙن کي عوام جي حال تي رحم ڇو ڪون ٿو اچي،عوام جي ظلم ڪرڻ وارن وٺ اوور بنلگ ڪرڻ جا خلاف ڪو قانون آهي.اندير نگري ڄرپٽ راجه جهڙي قانون عوام جي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي اتي هاءِ ڪورٽ جو فيصلو واقعي دردن جي دوا آهي انهي ڪري اهو آسرو آهي ته اهو فيصلو هميشه قائم رهي

No comments:

Post a Comment