اٽلي۾ واڱڻ چور کي9سال سزا/حميدشڪيل


 هڪ ڏينهن پهريان روز جي معمول مطابق  جيئن اخبار هٿن ۾ آئي جڏھن مطالعو ڪرڻ لڳس ته هڪ خبر اکين اڳيان گذري جنهن کي پڙھندي منهنجو دماغ گهڙي کن لاء چڪرائجي ويو هوش کتا ٿي ويو ڄڻ ته ڪو مجبور مسافر گهڻن ڏينهن کان ريل گاڏي جي انتظار ۾ ڦاٽڪ تي ويٺل هجي, شايد اهو وقعو اکين اڳيان پهريون دفعو گذريو آھي جنهن جي ڪهاڻي ڪجھ هن طرح آھي ٻاهرين ملڪ روم اٽلي جي علائقي ۾ 2009ع ڌاري هڪ بي روزگار نوجوان جوابدار کي هڪ فصل مان صرف 20سينٽ  يعني جنهن جو مقصد ڪجھ روپيا قيمت جو واڱڻ چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن بعد عدالت ۾ پيش ڪيوويو اتان جي عدالت جوابدار کي پنج مهينا قيد ۽ 300يورو ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جڏھن ته انکانپوء سزا ۾ گهٽتائي ڪري ٻه مهينا  قيد ۽ 120يورو ڏنڊ وڌو ويو وڪيلن ان ڪيس بابت اپيل ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو اهڙي طرح ھڪ ٻيئي ۽ ٽئين عدالت ۾ اھو ڪيس پورا 9 سال جاري رهيو جنهن بعد واڱڻ چور کي 2018ع ۾ بري ڪري ڇڏيو, صرف 20سينٽس جو واڱڻ چوري ڪرڻ  جي ڪيس تي 7000 کان 8000هزار يورو خرچ ٿيا جنهن ڳالھ جي جج به تصديق ڪئي, هاڻي انهن ڳالهين کي مدنظر رکي ڪري پنهنجي ملڪ پاڪستان جي ڳالھ ڪنداسين ته اسان جي ملڪ ۾  واڱڻ چوري ڪرڻ واري کان به شايد گهٽ چور آھن جو انهن کي سزا نٿي ملي ڇو ته  وڏين پارٽين سان تعلق  رکندڙ ڳورپٽ چورن مٿان اربين روپيا ڪرپشن ڪرڻ جا الزام آھن ته جيل کان ٻاهر آھن ان کان  علاوه چئني صوبن ۾ڪيترائي چور  يا ته ان کان وڌيڪ اهڙا به سياستدان ,حڪمران , وزير مشير آھن جيڪي ڪرپشن  ڪري عوام جي پئيسي تي ڌاڙو هڻي چوري ڪئي چاهي اهي  نواز ليگ جا ماڻھون هجن ,چاهي پ پ پ جا هجن يا چاهي ايم ڪيو ايم جا هجن يا کڻي پي ٽي آئي۾  شفٽ ٿيا هجن مطلب ته جنهن جنهن پارٽي سان تعلق رکندڙ ھجن ته انهن ڪڏھن به واڱڻ واري همراه جيان نون سال تائين قيد جي سزا نه ڪاٽي, شايد ڪڏھن به نه, پاڪستان سميت سنڌ جي عوام کي  پريشاني, غم ,سور صدمن کان سواء ڪجھ به نٿو ملي واڱڻ جي ڳالھ ته الڳ ۽ پري جي خبر آھي جنهن ملڪ ۾ صرف واڱڻ جي چوري ڪرڻ تي ايڏي وڏي سزا ڏني وڃي ٿي ته ان ملڪ ۾ قاتل کي ڪيڏي نه وڏي ڀيانڪ سزا ڏيندا هوندا اسان جي ملڪ ۾  قاتلن کي ته پناھ  ڏيڻ جا بندوبست,ڪيا وڃن ٿا ,  پنهنجي ملڪ ۾  هزارين ڪوس گهر موجود آھن لکن جي تعداد ۾ ڪاسائي انسان جو بي گناھ رت وهائيڻ ۾ مصروف آھن انهن خلاف ڇا ٿيو ڪجھ به نه اگر آھي ته اهو به وڏن ماڻھن لاء آخري طبقي وارن ماڻھن لاء انصاف لفظ اڻلڀ ۽ گمنام آھي , ڪرپشن ڪندڙ ڪامورا ڪات ڪهاڙا کڻي عوام جو رت چوسيدا رهن ٿا, انصاف جي گهر ڪندڙ ويتر ناانصافين جي ور چڙھي ٿا وڃن سيڪڙن جي تعداد ۾ ماڻھن کي کنڀي گم ڪيو وڃي پيو, مستقبل کي روشن ڪندڙ معصوم ٻارڙن کي زيادتين  جو نشانو بڻائي بيگناھ  قتل ڪيو وڃي ٿو  سندس جي والدين جا روح مجروح ٿيو وڃن سواء پٽڪي, آھُن دانهن کان ٻيو ڪجھ نٿو ملي, پوليس طرفان ڪوڙا مقابلا ڪري هاف ۽ ڦل ڦرائي ڄاڻائي ڪونڌر ڪسيا وڃن ٿا,ظلم ,بربريت جبر ,ڏاڍ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن , فضيلا سرڪي جي ماءُ پي سان هن وقت تائين ڪو انصاف نه ڪيو ويو ڪيتري عرصي کان گهرگهاٽ ڇڏي روڊن رستن تي  انصاف جي ڳولا ڪندي فضيلا فضيلا ڪري رت جا ڳوڙھا ڳاڙي حڪومت جي بي حسي کي للڪارين ٿا, مٺي ۾ ٻن ڀائرن کي قتل ڪيو ويو شھادت جو جام پيئڻو پيو جن جا عزيز قريب هن مهل تائين ڏک ۾ ورتل آھن پر پو به ڪهاڻي کٽڻ جي ناهي انصاف ڏياريندڙ ادارا خاموش تماشائي بنجي ويٺل آھن ان کان علاوه ميهڙ شھر ۾ رت جي راند ٿي ٽي ڪونڌر  راھ گناھ ڏينهن ڏٺي گولين جو کاڄ بڻجي ويا جيڪي اڄ به ملڪ جي گادي واري شھر اسلام آباد جي رستن ۾ انصاف جي گُھر ڪندي ڀٽڪندي نظر اچن ٿا, ساڳي ئي جڳھ ميهڙ ۾ کوسا برادري جي جهيڙي ۾ ٻه  ٻه الڳ الڳ واقعا پيش آيا جنهن سبب ٻه ٻه خون ٿيا نوجوان گولين, ڇُرن ۽ ڪارتوسن جو شڪار ٿي ويا, انهن ئي ڏينهن ۾ رات جي وقت وارھ ۾ ٻه ڀائر بيگناھ ظالمن جي نشاني ۾ اچي ويا انهن جو بلاجواز گهر تي چڙھائي ڪري ماريو ويو ڇا انهن کي هن وقت تائين انصاف ملي سگهيو آھي ڪڏھن به نه ۽ ويتر به انهن مظلومن کي ڌمڪايو وڃي پيو ته ٻي طرف الٽو انهن مٿان ئي ڪيس داخل ٿي وڃي ٿو, اباڻا ڪک,گهرگهاٽ ۽ ڳوٺ چڏائڻ تي ڌمڪيون ملڻ ڪا نئي ڳالھ نه آھي انهي بابت هر ڪنهن  ماڻھون کي ڄاڻ حاصل هوندي پر پوء به ڀوتار , وڏيرا ۽ اعلي عهديدار هڪ طرفي راء ڏئي انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي پاڻکي سرخرو سمجهن ٿا, غربت جي  لڪير ۾ زندگي گهاريندڙ ماڻھون دهشت ۽ وهشت جو شڪار ٿي خوفزده آھن چوريون ڌاڙا, ڦر جهيڙا, ڦڏا ڦشريون ته عام جام آھن پر هتي شريف ماڻھن جو جيئڻ به جنجال آھي سڪون سان ساھ به کڻڻ نٿو ڏنو وڃي ته انصاف ڪٿان ملندو ڪنهن سان ڪهڙي چڱائي ٿيندي,  ڊگريون کڻندڙ بي روزگار نوجوان آفيسن جا چڪر لڳائي لڳائي جتيون گسائن ٿا پر تنهن هوندي به ڪو لاڀ نٿو ملي آخرڪار مجبورن ڇولا انڊا وڪڻي پنهنجي پيٽ جي پوڄا ڪن ٿا پر پوء به رياست هلائندڙن کي  ڪنهن طرف غور فڪر نه آھي, مقصد ته پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان ۾ اهڙا لکين ڪروڙين مسئلا آھن جنهن جي ڪنهن به پوئواري نه ڪئي نه ڪڏھن ڏوهي کي صحيح طريقي سان سزا ملي  نه ئي ڪنهن بي گناھ کي انصاف مليو آ ڇو ته انصاف فراهم ڪندڙ ادارن ۾ غلط ماڻھن جو هجڻ ئي نا انصافي آ ته اميد به ڪهڙي ڪجي,,جيئن ڪنهن شاعر چيو ته ""ڏک جي نه پوڄاڻي آ هر شخص ڪهاڻي آ"" هتي به سڀ ڪجھ ايئن لڳو پيو آ لکڻ لاء  ملڪ ۽ سنڌ جي دردن تي لکجي ته زمين آسمان ملائي پنا ڪجن سمنڊدرياه ڍنڍو واھ گڏائي  مس ڪجن ۽ دنيا جا سڀ وڻ قلم ڪري درد ۽ ڏک لکجن تب پورو نٿا پئي سگهن  اگر اسان جي ملڪ ۾ اهڙو قانون اچي وڃي جيئن اٽلي جي رهواسي کي صرف  هڪ واڱڻ جي چوري  بدلي نون سالن جي ڊگهي سزا ڀوڳڻي پئي, نظام اهڙو هجي سسٽم ۾ تبديلي اچي وڃي ماڻهون غلط ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا حق سچ جو ساٿ ڏئي ملڪ جو نالو روشن ڪندا,,

No comments:

Post a Comment