سنڌ صوبو خوشحال زرعي صوبو آهي جتي موسم جي تبديلي سان گڏوگڏ معاشي
تبديلي ايندي آهي.جڏهن جڏهن آبادگارن جون نئون فصل لهندو آهي هن وقت نئي ڪڻڪ
مارڪيت ۾ اچي چڪي آهي پر افسوس سنڌ جي هارين کي نسدن فصل جو صحيح اگهه نه ٿو ڏنو
وڃي ڇا اهو آبادگارن سان ظلم ناهي؟بي رحم واپاري پنهنجي مرضي جا اگهه مقرر ڪندي
نظرايندا آهن جن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي هوندو هن وقت تائين ڪڻڪ جي خريداري جا
سينٽر به ناهن کلي سگهيا. سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ سرڪاري سينٽرن کلڻ سان ڪڻڪ جي اگهه
ڪجه سٺو ملي پوندو هارين کي جڏهن سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل جي به سٺي پيداوار ٿيندي
آهي.حڪومت سنڌ جو ڪڻڪ خري ڪرڻ جو الائي ڇا ٽارگيٽ بيهندو هارين ۽ آبادگارن هر سال
اهو يقين ڏياري ويندو آهي ته ڪڻڪ جو هڪ هڪ داڻو حڪومتي سينٽر خريد ڪندا پر افسوس
سڀ اهي دعوائون ڪوڙ ثابت ٿينديون آهن. ڇو ته ڪڻڪ جي آبادگارن کي سنڌ جي ڪنهن به
سرڪاري سينٽرن تان باردانو ناهي ملي سگهيو. بارداني نه ملڻ جو دانهون ڪندي نظر
ايندا آهن. ۽ احتجاج ڪندي به نظر ايندا آهن. ڪڻڪ وارو سڀ باردانو ڪڻڪ جي انهن
واپارين کي ڏنو وڃي ٿو. جيڪي هارين جي مجبورين جو فائدو وٺي انهن کان سٺي اگهه ۾
ڪڻڪ خريد ناهن ڪندا انهن منافعي خور واپارين ۾ هاري دوست وارو جذبو ناهي نظر ايندو
هر سال سنڌ هارين سان هر فصل لهڻ سان انهن سان مسئلا پيدا ڪي ويندا آهن. واپارين
هڪ هٽي جي ڪري آبادگارين کي پنهنجي محنت جو اصل معاوضو نه ٿو ملي ان کان علاوه
آبادگارن کي ڪڻڪ جي لاءِ بارادنو نه ملڻ جون شڪايتون به هونديون آهن. سنڌ جي
سرڪاري سينٽرن تي ايتري قدر بدعنواني ۽ ڪرپشن جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي. هر سينٽرن
تي سياسي بنياد تي سياسي ماڻهن کي باردانو ونڏ ويندو آهي. عام هاري کي اهو چيو
ويندو آهي ته توهان پنهنجو باردانو استعمال ڪري ڪڻڪ سنٽرن تي کڻي اچو ته خريد
ڪنداسين ڇا اهو بدعنواني جو مطاهرو ناهي فود ڪنٽرول ۽ خوراڪ کاتي جا بالا آفيسر ۽
انسپيڪٽر ڪهڙي مرض جي دوا آهن . جو ڪڻڪ جي آبادگارن کي ڪڻڪ لاءِ باردانو به نه ٿو ملي جنهن تي آبادگران دانهون ڪوڪو ڪندا رهن ٿا. پر انهن جي
دانهن جو ڪوبه فرق نه ٿو پوي. آخر اهي غريب هاري پنهنجي دانهن ڪنهن کي ڏين ته سندن
سان اهو ظلم آهي. سنڌ جي محنت ڪندڙن هارين کي پنهنجو هر فصل جو صحيح اگهه نه ملڻ
جي ڪري سنڌ جو هر آبادگار پريشاني جو شڪار آهي. ڪڻڪ جي پيداواري جي حوالي سان صوبو
سنڌ جي ذخيرن مٽي کي خصوصي شهرت مليل آهي.سنڌ جي 15 سيڪڙو ڪڻڪ جي پيداوار ٿئي ٿي.
هن وقت سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ ڪڻڪ جو فصل لهي چڪو آهي. پر خوارڪ کاتي بدران هارين
۽ آبادگارن کي بارداڻو ڏيڻ ۾ سستي جو شڪار آهي. خوراڪ کاتي جو اهڙو ارهه زواريون
وڏڻ ڪري هري ۽ آبادگار پنهنجي ڪڻڪ اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته
ڪڻڪ جوسرڪاري اگهه 1300 سئو روپيه في مڻ مقرر ڪيو ويو آهي. آبادگارن ۽ هاري
بارداڻو نه ملڻ جو دانهون ڪندي نظر اچن ٿا.جنهن جي ڪري هاري ۽ آبادگار پنهنجي ڪڻڪ
کليل مارڪيٽ ۾ سستي اگهه ۾ ڏيندي نظر اچن ٿا. اهو معاملو ڪو پهريو ڀيرو پيش نه آيو
آهي. سنڌجي آبادگارن سان هر سل هر فصل لهڻ سان جيڪو ظلم ٿيندو آهي. انهيءِ ظلم کي
لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي هر فصل لهڻ سان هاري ۽ آبادگار وڏي مشڪلات جو شڪار
ٿيندي ڏسو ٿا. جيڪڏهن ڪمند لهندو آهي. ته شگر ملز وارن جي ڏاڍ مڙسي وارو ظلم
آبادگران ۽ هارين کي ڪمند جو اگهه ڪيرائي ڏيندا آهن. پنهنجي مرضي جو اگهه مقرر ڪيو
ويندو آهي. ڪڻڪ لهندي آهي بارداڻي تي لٺ لڳي ويندي آهي. با اثر ۽ واپارين کي
بارداڻو ڏيئي ڪڻڪ سرڪاري ريٽ تي خريد ڪئي
ويندي آهي.عام غريب هاري ۽ ننڍڙو آبادگار اوپن مارڪيٽ ۾ ظالمن جي هٿا ظلم
جو شڪار ٿي ويندو آهي. سارين جي سينٽرن ۾ به اهي چنگ ۽ اهي لاٽو وارو ماحول پدا
ڪيو ويندو آهي. اها ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي ساريالو فصل به جڏهن لهندو آهي. ته
ان جو في مڻ 650 ۽ 700 روپيه ڏنو ويندو آهي هارين ۽ آبادگارن سان جيڪو ظلم ٿيندو
آهي انهيءِ ظلم ۾ سنڌي طرح سان حڪومت ملوث هوندي آهي. جيڪا ڏکئي مهل غريب هارين ۽
آبادگارن جي ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي رائس ملن جا واپاري هارين ۽ آبادگارن کي
مناسب اگهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهن هوندا اسان ججو زراعت جو وزير ۽ زراعت سيڪريٽري
ميڊيا سان ڳالهائيندي رائيس ملن جي واپارين ۽ شگر ملن جي مالڪن لاءِ هارين ۽
آبادگارن کي مناسب اگهه ڏيارڻ جو بگليو وڄائيندي نظر ايندا آهن. اهي جملا سارين ۽
ڪمند جي سيزن ۾ ناهن ٿڪبا جڏهن ته اهڙو حشر ڪڻڪ جي آبادگارن ۽ هارين سان ڪيو ويندو
آهي جنهن جي ذميواري خوراڪ لاتي جي هوندي آهي هر سال مارچ ۽ اپريل م هن قسم جي
صورتحال پيدا ٿيندي آهي ڪڻڪ لهڻ سان بارداڻو هڪ دم غم ڪيو ويندو آهي. حڪومت ۾ ويٺل
چونڊيل نمائيدن جي سرپرستي سان هارين ۽ آبادگارن کي مارڪيٽ جي واپارين جي رحم ڪرم
تي ڇڏيو ويندو آهي. اهڙي کي آبادگار ۽ هاري پاڻ سمجهي سگهي ٿو. فصل ڪيتري محنت سان
تيار ٿئي ٿو. ان فصل لهڻ هاري جي خاندان جا ڪيترا سچا خواب سلهاڙيل هوندا آهن.
خوراڪ کاتي طرفان ايمانداري سان ڪڻڪ جي آبادگارن ۽ هارين کي بارداڻو ڏيئي ڪڻڪ جي
خريداري ڪئي وڃي. هر سفارشي ۽ رشوت وارو نظام بند ڪيو وڃي. خوراڪ کيتي جي
ايمانداريءَ سان هارين ۽ آبادگارن کي مناسب اگهه ملي پوندو اڃي ٿيڻ سان انهن جي
گهر ۾ خوشحالي وارو ماحول پيدا پوندو سنڌ جا آبادگار ۽ هاري پنهنجي بنيادي حقن
لاءِ پريشان آهن. ۽ انهن جي لاءِ ظلم جي بازار گرم ڪئي ويندي آهي. اسن جي سنڌ ۾ في
ايڪڙ ڪڻڪ جي پيداوار 30 مڻ آهي حڪومت صرف 15 مڻ ڪڻڪ جي في مڻ ايڪڙ خريد ڪئي ويندي
آهي 100 ڪلو وزن واري ٻوري مان 2 ڪلو ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي. ايتري وڌيڪ ڪڻڪ جي
ڪٽوتي ڇو ٿي ڪئي وڃي ٿي ۽ انهيءَ ڪٽوتي جا پئسا ڪنهن جيپ ۾ وڃن ٿا.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment