ٺٽو( رپورٽ محمد شفيق ڀٽي)پي ٽي آئي جو مرڪزي اڳواڻ ايم پي اي حليم عادل شيخ ۽ ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جي دوري تي پھتو وحشي بگھڙن ھٿان اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري عائشه ٿھيمور سان ھمدردي لاء سندس ڳوٺ پھچي ھر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ رئيس ارسلان خان بروھي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته افسوس جي ڳالھ آهي ته ھفتو گذرڻ باوجود سنڌ جي مظلوم نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاء ڪو به چونڊيل نمائيندو ناھي پھتو. مظلوم پيء کان ڪيس داخل ڪرڻ لاء پوليس 14 ھزار رپيا ورتا آهن. جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي. ان موقعي تي حليم عادل شيخ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري عائشه جي مالي مدد ڪرڻ سميت مڪمل علاج ڪرائي ڪرائي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي ويئي. ان موقعي تي پي ٽي آئي پاڪستان تحريڪ انصاف ٺٽي جو سينيئر اڳواڻ ھوش محمد عباسي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي سجاول جا اڳواڻ شعيب آزاد ميمڻ، آصف ڪڇي ميمڻ ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment