جيئن ته خاص
طور تي سنڌ صوبي ۾ صحت ۽ تعليم اھم مسئلا رھيا آھن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي
شاه سنڌ ۾ صحت تعليم جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جو وچن ڪيو هو، سنڌ ۾ جيڪڏهن صحت جي
سھولتن جي فراهمي تي نظر وجهبي ته تمام گھڻي ڏکائيندڙ صورت حال سامھون اچي ٿي،شڪارپور
سميت سنڌ جي ھر شھر ۽ علائقي ۾ قائم ٿيل سرڪاري اسپتالون تباه ۽ برباد ٿيل آھن, دوائن
جي کوٽ، ڪرپشن، عملي جو نه ھجڻ، ڊاڪٽرن جي غفلت ۽ اسپتالن جي انتظاميا پاران
اسپتالن تي بيان نه ڏيڻ سبب شڪارپور جا ماڻهو وڏي تڪليف ۽ مشڪل کي منهن ڏين ٿا،
اسپتالن ۾ سهولتون نه هجڻ جي ڪري ماڻهو تڙپي تڙپي بيھوش ٿي وڃن ٿا شڪارپور سميت
سنڌ جي غريب سٻاجهڙي ۽ مسڪين عوام جو سھارو صرف سرڪاري سول اسپتالون ئي ھجن ٿيون،
سرڪاري اسپتالون به تباه ۽ برباد ھجن ته پوءِ غريب ماڻهو ڪيڏانهن ٿا وڃي سگهن،شڪارپور
جو عوام ھوءَ ته ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڏتڙيل آهي، شڪارپور جا اھم مسئلا صفائي، سٿرائي،
بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ صحت سميت ٻيا ڪيترائي اھم مسئلا آهن، جيڪي گذريل ڪيترن ئي
سالن کان حل نه ٿي سگھيا آهن، شڪارپور جي چونڊيل نمائندن عوام کي سنھرا خواب
ڏيکاري ووٽ وٺي غائب ٿي ويندا آهن، عوام جا مسئلا جيئن جو تيئن آهن، انھن کي حل
ڪرڻ جي لاءِ ڪو به اڳتي نه ٿو وڌي، بجليءَ جي لوڊشيڊنگ، واڌو بل، صحت جون سهولتون،
صفائي سٿرائي لاءِ عوام روڊن رستن تي نڪري مجبورن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا ھڻڻ تي
مجبور ٿي ويندا آهن، سنڌ حڪومت شھرين کي سھولتون فراهم ڪرڻ لاءِ صفائي سٿرائي ۽
ڊرينيج سسٽم شڪارپور سميت اندروني سنڌ جي ضلعن جو نساسڪ حوالي ڪيو ويو، پر نساسڪ
کي انتظاميا به عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، جڏهن ته شھر ۾ صفائي
سٿرائي نه ھجڻ جي ڪري گندگيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن جنهن کي نساسڪ انتظاميا شھر مان
ڪچري جا ڍير نه کڻائڻ سبب روڊ رستا گندگيءَ جي ور چڙهي ويا آهن، صفائي سٿرائي عملو
گذريل ڪيترن ئي ڏينهن نه اچڻ جي ڪري ڪچرو روڊن پيل نظر اچي رهيو آهي،نساسڪ
انتظاميا ڪچري جا ڍير جيڪي رستن ۽ گند پيٽي ۾ پيل ھوندو آھي ان کي کڻڻ بدران نئون
طريقو ايجاد ڪري ورتو آهي، گندگيءَ جي ڍير کي باھ ڏيئي ساڙيو ويندو آهي، جنهن سان
ھڪ طرف شهر جي اندر فالودگي ڦھلجي رهي آهي، ٻئي طرف گاڏين لاءِ ايندڙ لکين رپين جي
پيٽرول جا بل ٺاهي ھڙپ ڪيا ويندا آهن، شھر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڊرينيج سسٽم درست
نه ھجڻ جي ڪري گٽرن جو گندو پاڻي روڊن ۽ رستن تي نڪري تلائن جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي،
جنهن ڪري شھرين جو روڊن رستن تي گھمڻ مھال بڻجي ويو آهي، شڪارپور جي سول اسپتال ۾
دوائن جي کوٽ سميت بجليءَ جي لوڊشيڊنگ سبب مريض سخت گرمي ۾ بي حال بڻجي ويا،
ڪيترائي ڊاڪٽر ڊيوٽين تان غائب صفائي سٿرائي جي به صورت حال به خراب آھي، اسپتال
جي اندر سڌارا اچڻ جي بدران صورتحال ويتر خراب ٿي وئي، اسپتال اندر دوائن جي کوٽ
ھجڻ ڪري داخل مريضن کي سھولتون ۽ دوائون نه ملڻ تي مريضن جون دانهون، بجليءَ جي
غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ اسپتال جي بجلي گھرن ۾ ڏيڻ ڪري وولٽيج ڊراپ ٿي وڃڻ ڪري
داخل مريض سخت گرمي ۾ بي حال بڻجي ويا آهن اسپتال اندر ھيوي جنيٽر ھجڻ باوجود
اسپتال انتظاميا جنيٽر ھلائڻ کان قاصر نظر اچي رھي آھي، جڏهن ته اڪثر ڊاڪٽر ڊيوٽين
تان غائب نظر اچي رھيا آھن اسپتال ۾ مڪمل نظام نه ھجڻ ڪري احساس نوعيت جي مريضن کي
مختلف وارڊن ۾ ڪنهن نه ڪنهن بھاني سان رولائڻ ته ڊاڪٽرن جي عادت بڻجي وئي آهي،
جنھن ڪري ھو سخت عذاب ڀوڳي رهيا آهن،اسپتال جي بجيٽ جو سھي استعمال نه ٿيڻ ڪري
مريض سھولتن کان محروم آهن ۽ انھن کي سھولتون ملڻ مشڪل بڻجنديون پيون وڃن، سول
اسپتال شڪارپور جي ماڻهن جي لاءِ آسرو ۽ اميد آھي، ان اسپتال کي ھٿ سان تباه ڪري
شڪارپور جي غريب سٻاجهڙي عوام جي زندگيءَ تان راند ٿي رهي آهي، سڀ کان وڏي
ڏکائيندڙ اھا ڳالھ آھي ته ھيڏي وڏي شهر شڪارپور جي سرڪاري اسپتالن جي تباهيءَ جو
سبب خانگي اسپتالون به آهن جتي سرڪاري اسپتالن جا ڊاڪٽر به نوڪريون ڪن ٿا، جيڪي
سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن تي ڌيان ڏيڻ بدران خانگي اسپتالن ۾ ڊيوٽي ڪري اسپتالن جي
مالڪن کي ماھوار لکين رپيا ڪمائي ڏين ٿا،
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment