سنڌ جو عوام ''ڪوڙي جمهوريت''جو متبادل ڳولي/درياءُ خان جهتيال / دادو


سنڌ جي شهرن جي حالت تہ هاڻي قبرستانن کان بتر ٿيندي پئي وڃي، پنهنجي شهر جي حالت تہ ڏسون پيا پر سنڌ جي ٻين شهرن جي تباهہ ٿيل حالت اخبارن ۾ ڏسون پيا، هر شهر جي هر مين چوراهن تي گٽرن جا ڍڪ کليل، شهرن جي لنڪ روڊن ۾ کڏا پيل، انهن شهرن سان ڳنڍيل لنڪ روڊ ڪچن رستن ۾ تبديل ٿيڻ، شهرن ۾ گند جا ڍير، ايتري قدر جو پيئڻ جي پاڻي جو بهران بہ هاڻي هر شهر ۾ پيدا ٿي ويو آهي، اهو سمورو ڪجهہ ''جمهوري'' حڪومت ۾ ٿئي پيو، شڪر آهي جو هي حڪومت جمهوري آهي جيڪڏهن آمريت حڪومت هجي ها تہ جمهوريت پسند چون ها تہ اسانکي ووٽ نہ ڏيندڙن سان آمريت وارن اهڙو حشر ڪيو آهي، پر سنڌ ۾ 10 سالن کان جيڪي جمهوريت جي نالي تي ووٽ وٺي حلف کڻڻ وقت حلف واري سِٽن تي عمل ڪرڻ جي ڳالهہ ڪري اسيمبلي جي ڦرڻي ڪُرسي تي وڃي ويٺا انهن کان تہ ان وقت ئي وسري ويندو آهي تہ جنهن ڪُرسي تي ويٺا آهيون اها اسانجي تڪ جي عوام جي ووٽ سان اسانکي ملي آهي، اهي چونڊيل نمائندا اهو وساري ويهندا آهي تہ جنهن تڪ مان چونڊجي هتي پهتا آهيون اتي اسان اليڪشن وارن ڏينهن ۾ ورڪ دوران شهر کي بهتر بڻائڻ، اتان جي شهرين کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جا اعلان ڪيا هئا، اهو سڀ ڪجهہ وسارڻ تہ پنهنجي جاءِ تي، وڏي بي حسي تہ اها آهي جو اهي چونڊيل نمائندا پنهنجي ويگو گاڏي تي چڙهي جڏهن تڪ ۾ پهچن ٿا تہ سڄي شهر جي ماڻهن کي روڊ کان پري ڪيو وڃي ٿو، پوليس جي ڪيترن ئي گاڏين جي پروٽوڪول ۾ ''صاحب'' شهر کان گهر پيا وڃن، ان مان ئي ان تڪ جي ووٽرن جي حيثيت خبر پئجي وڃي ٿي، اتان جا مااڻهو سوچيندا تہ اسان انهن کي ووٽ ڏنو ۽ هُنن ڪوڙا واعدا ڪري ووٽ ورتو اڄ اهي ئي ڪارن شيشن واري گاڏي ۾ چڙهي شهر مان روب تاب سان ڪئين پيا گذرن، تڪ جا اهي ماڻهو اهو بہ سوچيندا تہ اسان پوئين ڀيري تہ غلطي ڪئي پر هاڻي انهن جي ڳالهين ۾ نہ اينداسين، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ بہ اهڙو ڪجهہ ٿيو هو جو ڪائونسلر جي سيٽون، ضلعي ڪاونسلر جون سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ٺيڪ اهو ڪم ڪيو ويو هو، ڪائونسلر ڏينهن جو تہ ورڪ ڪرن پيا پر رات جو بہ پاڙن، گهٽين، اوطاقن، دڪانن تي ويهي ماڻهن کان حمايت وٺن پيا ۽ چونڊجي ويا تہ هاڻي چون ٿا اسانجي اختيار ۾ ڪجهہ ناهي، جيڪڏهن ڪجهہ نہ آهي تہ ڪائونسلر ڇو ٿا سڏايو؟ يا کڻي پنهنجي ڪائونسلري تان استعفيٰ ڇو نٿا ڏيو؟ اهي آهن حڪومتي ڌر جي ڪائونسلر جا جواب جيڪي هو پنهنجي وارڊ جي ووٽر کي ڏئي ٿو، ان جاءِ تي مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل مخالف ڌر جي ڪائونسلرن جي ڪهڙي پوزيشن هوندي؟ ظاهر آهي تہ ڪا بہ نہ!، ڇو جو اهو جيڪڏهن ڪنهن اجلاس ۾ ڪنهن ڳالهہ جي مخالفت ڪندو تہ ان جي ڳالهہ ٻڌي ئي نہ ويندي ۽ ان کي احساس ڏياريو ويندو تہ اسان ''جمهوري'' آهيون اجلاس ۾ صرف اسانجي ڳالهہ هلندي، مڪاني چونڊن کي 2 سال ٿي ويا، پر چونڊيل ڪائونسلر، يوسي چيئرمين، ٽائون چيئرمين، ميونسپل چيئرمين، انهن جا وائيس چيئرمين ''بيوسي'' جا هوڪا ڏيڻ ۾ پورا آهن، هاڻي وري عام چونڊون ويجهو آهن، سنڌ جو وڏيرو اڃا بہ پنهنجي ويگو گاڏي تي هلي پيو ۽ رستن تان ڌوڙ اڏائيندو پنهنجي شهر مان گهر وڃي پيو، اڃا بہ شايد هو ننڊ ۾ آهي تہ اليڪشن ويجهو آهي سجاڳ ٿيان يا وري ساڳيي لکيل اسڪرپٽ کي نئو ڊرامو ڪري پيش ڪيان، اليڪشن ۾ باقي ڪجهہ مهينہ آهن جيڪڏهن صورتحال بهتر رهي ۽ وقت تي چونڊون ٿين ٿيون تہ پوءِ تہ سنڌ جا چونڊيل نمائندا ويگو گاڏين تان ضرور لهندا ۽ پوءِ شروع ٿيندا ڊراما! ڪٿي ڪارنر گڏجاڻي ڪرائي انهن ماڻهن کان مسئلا پڇيا ويندا جيڪي هنن 5 سالن ۾ حل نہ ڪيا اهي پنهنجي ''منشي'' کي لکرائيندا تہ هي نوٽ ڪر جلد اهو مسئلو حل ڪرڻو آ، ڪارنر گڏجياڻين سان گڏ عذرخواهين جي سلسلي کي بہ تيز ڪندا، ايترو تيز جو رات جي وقت بہ ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي پوندا تہ دعا گهرڻي آهي، ماڻهن ۾ احساس ڏياريندا تہ اسان توهان سان هر وقت گڏ آهيون، هڪ ، هڪ ڪلو ميٽر جي روڊن جي افتتاح ڪري اهو ٻڌائيندا تہ هن سڄي شهر کي هن ئي ''جمهوري'' حڪومت ۾ اسان روڊ ڏنا اسان کي ووٽ ڏيو تہ وڌيڪ ڪم ڪنداسين، اليڪشن جي کٽڻ جي ڏينهن کان وٺي ويندي اليڪشن ويجهو اچڻ سان چونڊيل نمائندن کي تڪ جا ماڻهو، بنيادي مسئلا ياد اچڻ ۽ ڪوڙا واعدا ڪرڻ وارا ڊراما هاڻي ختم ٿيڻ گهرجن، سنڌ کي ڊرامي بازن ڏاڍو خوار ڪيو آهي، سنڌ جو ماڻهو تہ هڏڪين ۾ پيو ساهہ کڻي، سنڌ جو ماڻهو تہ هاڻي مفلسي واري زندگي مان ئي تنگ اچي خودخشيون پيو ڪري، سنڌ جو نوجوان تعليم يافتا هئڻ باجود ڇولا پيو وڪڻي، سنڌ جي ماڻهو کان هر حق کسي ان کي غلام بنائڻ واري روش هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، اليڪشني ''موسمي'' هاڻي ڪوڙ هڻڻ واري روايت کي ٽوڙن، مڪاني چونڊون هجي يا عام چونڊون هجن پر هر الڪيشن ۾ ڪوڙ جي سياست جي وڻ کي هاڻي پاڙ کان وڍي ڇڏين، صرف ڪجهہ وقت لاءِ اهو سوچن تہ سنڌ جا ماڻهن اسان کي ووٽ ڪرپشن ڪرڻ لاءِ نٿا ڏين، سنڌ جا ماڻهو اسان کي ووٽ ڦرڻي ڪُرسي تي ويهي رڳو ڦرڻ لاءِ نٿا ڏين، هي ماڻهو اسانکي ووٽ ان اميد سان ڏين ٿا تہ پوئين ڀيري جمهوي حڪومت ڪجهہ نہ ڪيو متان هن ڀيري ڪري، پر اسان 10 سال ۾ سنڌ کي ڳڙڪائي وياسين، هاڻي تہ ڪا بهتر پلاننگ ڏيون، هاڻي تہ ڪوڙ جي سياست نہ ڪيون، هاڻي تہ سنڌ جي عوام سان ويساهہ گهاتيون نہ ڪيون، جيڪڏهن چونڊيل نمائندا 10 سالن ۾ ٿورو بہ پنهنجي ضمير کي ڌوڻو ڏين ها تہ سنڌ بهتر ٿي سگهي پئي، سنڌ جو انفرا اسٽيڪچر بهتر ٿي سگهي پيو، پر ايئن نہ ٿيو ۽ ايئن نہ ڪرڻ وارا ڪي ٻيا نہ پر سنڌ جي جمهوري حڪومت وارا ئي آهن، هن وقت سڀ ڪجهہ سنڌ جي عوام تي آهي تہ هو پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪيئن ٿا ڪن، اهو ووٽ جيڪو سنڌ کي پيئرس تہ نٿو بڻائي سگهي پر بهتر ضرور بڻائي سگهي ٿو، سنڌ جو عوام بہ هاڻي ان ڳالهہ تي سوچي تہ ووٽ ''جمهوريت'' جي ڪوڙن دعويدارن کي ڏيڻو آهي يا اُن کي ڏيڻو آهي جيڪو اسانجي حالت سڌاري سگهي، اسانجي شهرن کي بهتر بڻائي سگهي، سنڌ جو عوام هاڻي پنهنجي حالت تي رحم کائي، سنڌ جو عوام هاڻي پاڻ سان واعدو ڪري تہ 10 سالن کان جن اسانجي جي شهرن کي تباهہ ڪيو، انهن ذميوارن جو متبادل ڳولڻو آهي ۽ پنهنجي ووٽ جو استعمال صحيح ڪري''ڪوڙي جمهوريت''جي دعويدارن کي رد ڪرڻو آهي.

No comments:

Post a Comment