موجوده وقت ۾ پاڪستان ۾ پاڻي جو معيار اهو آهي ته منگللا ڊيم ۾ صرف 20 ڏينهن جو پاڻي باق رهيو
آهي. جڏهن ته
منگلا ۾ ، 90 لک ايڪڙ پاڻي جي گنجائش هوندي آهي،پاڻي جي اهڙي کوٽ پاڪستان
جي سنڌ جي چار لک ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ،جي فصل جي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي جنهن سبب
آبادگارن تمام گهڻا پريشان نظر اچي رهيا آهي. پاڻي جي لکين ايڪڙن جو پاڻي ڇڏي ويو آهي.انڪري مان سمجهان ٿو ته پاڻي جي کوٽ
بجلي ۽ خوراڪ جي بحران جي لحاظ کان خوفناڪ تباهي آھي،۽ هن عظيم قوم جو نقصان آهي
ڇو ته ترقياتي ڪم بند ٿي رهيا آهن ۽ حڪومت مصروف مصيبت ۾ ڦاٿل آهي جيڪا بلڪل به بي
وس نظر اچي رهي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ملڪ دشمن ڪيترا ئي غير منافع بخش فائدا وٺي
رهيا آهن.سٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پنهنجي بيان ۾ چيو
آهي ته ايندڙ تورڙي وقت پاڪستان
۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ويندي جنهن پاڻي جي کوٽ سبب ملڪ جي معيشت تي اهڙا اثر
پوندا جو ملڪ جي معيشت پاڪستان واسين لاءِ هڪ وڏو چئلنج هوندي.بدلجندڙ موسمون ۽
شهرين جي وڌندڙ آبادي ۽ پاڻي جي قلت شهرين توڙي ٻهڙارين واري علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ
انساني زندگي توڙي جنگي جيوت ۽ جانورن لاءِ تمام گهڻي خطرناڪ ثابت ٿيندي.سٽينٽ
بئينڪ آف پاڪستان پنهنجي سال 2017ع ۽ 2018ع جي هڪ جائزي رپورٽ ۾ اهڙو انڪشاف ڪيو
ويندو آهي جنهن ۾ سٽينٽ بيننڪ آف پاڪستان اهو به چيو آهي ته پاڻي جي مسلسل وڌندڙ
کوٽ خلاف حڪومت موثر حڪمت عملي جوڙي ڪري پاڻي جي معاملي تي غور ويچار ڪري.جڏهن ته
پاڻي بابت ماهرين ڪيتري عرصي کان وٺي خبردار ڪندا پيا اچن.هر سال جيان هن ٻن سالن
۾ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي تربيلا
ڊيم ۾ مسلسل پاڻي کي کوٽ ٿي رهي آهي، جڏهن ته هن وقت پاڻي گهڻي سنگين صورتحال
اختيار ڪري ويو آهي جنهن مان بجلي جي پيداوا ۾ مسلسل کوٽ ٿي رهي آهي ۽ اهو عام ڏسڻ
۾ اچي رهيو آهي ته پاڻي جي کوٽ بجلي جي بحران جو اهم سبب بڻبي ۽ ملڪ ۾ هن وقت
جيتري بجلي جي لوڊشِينگ هلي رهي آهي انهي لوڊ شِيٽگ ۾ پڻ واڌ جو انديشو آهي جنهن
سان ملڪ جي معيشت تي وڏي اثر پوندو،۽ حڪمرانن جون ملڪ مان بجلي جي بحران کي ختم
ڪرڻ واريون ڳاليهون صرف هڪ ڳالهين تائين محدود ٿي وينديون.جڏهن ته هن وقت سموري
ملڪ ۾ بجلي جو سنگين بحران هلي رهيو آهي ۽ بجلي ۾ پيدوار ۾ 40کان 50فيصد کوٽ ٿي
وئي آهي،هن وقت تربيلا ۾ پاڻي جي کوٽ ٻڌائي پئي وڃي ٻئي پاسي منگلا ڊيم ۾ صرف پاڻي
فٽن تي وڃي بچيو آهي،ٻنهي
ڊيمن ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ ذرعي ضرورتن لاءِ پڻ هڪ وڏو سواليه نشان بڻيل آهي،خاص
طور صوبي سنڌ ۾ جتي
سال جا ٻارهن مهينا پاڻي جي کوٽ رهندي آهي، حڪومت تربيلا ڊيم جي واڌاري واري
منصوبي لاءِ عالمي بينڪ کان وڌيڪ قرض حاصل ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ناڻي واري
وزير جي صدارت هيٺ تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي جي حوالي سان اجلاس پڻ ٿيو هو. جنهن اجلاس
۾ انٽرنيشنل بئنڪ جي نمائندن به شرڪت ڪئي هئي . اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ جي اختيارين
ٻڌايو ته تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي لاءِ قرض جو انتظام ٿي ويو آهي. ته
انٽرنيشنل بئنڪ 39 ڪروڙ ڊالر ڏيندي. هنن چيو هو ته ايشين بئنڪ منصوبي جي
انفراسٽڪچر انسويسٽ مينٽ لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته داسوڊيم لاءِ ٻه ارب ڊالر به
ڏيندي.. تربيلا
ڊيم پاڪستان لاءِ اهم تاريخي ڊيم آهي. حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهي
آهي. توانائي شعبي ۾ سڌارا حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهن.پر وري ٻئي پاسي ڪالهه حڪومت
پاران اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي
آهي انڪري ملڪ مان لوڊشينگ ختم ڪرڻ نه پري جي ڳالهه آهي پر وڌيڪ لوڊشِيٽنگ ٿيڻ جا
امڪان آهن،پاڪستان واپڊا پاران جيڪا لسٽ جاري ڪئي وئي آهي ان ۾ ٻڌايو ويو آهي
تربيلا ڊيم اندر پاڻي جو ذخيرو1380ڊيڊ لائين تي اچي پهتو آهي،جڏهن ته ڊِيم جو
استعمال لاءِ قابل پاڻي صرف ۽ صرف 60هزار ڪيوسڪ وڃي بچيو آهي، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي
جي آمد16هزار800ڪيوسڪ آهي ۽ پاڻي جو نيڪال 60هزار ڪيوسڪ آهي،انڪري ايندڙ هفتي
تائين تربيلا ڊيم مان ايترو پاڻي خارج ڪري سگهجي ٿي جيترو پاڻي تربيلا ۾ داخل ڪيو
ويندو اختارين پاران اهڙو به بيان ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن تربيلا مان پاڻي جو نيڪال
وڌيڪ ڪيو ويو ته ان سان هائيڊل پاور سسٽم کي پاڻي جي موجود کان وڌيڪ نقصان پهچائي
سگهي ٿي،هڪ طرف تربيلا ڊيم جي صورتحال ڪجهه اهڙي آهي ته ٻئي پاسي ٻيو پاڻي جي
ذخيرو جو وڏي ۾ وڏو ڊيم منگلا ڊيم جنهن ۾ پاڻي جو ذخيرو ڊِيڊ ليول14فٽ کان مٿي جي
آهي،جتي هن وقت پاڻي جو ذخيرو1050فٽ جي سطح تي آهي،جڏهن ته ڊِيڊ ليول1040فٽ
آهي،جنهن ڪري اهو خدشو آهي ته انهي ڊيم ۾ به ٻن ڏينهن ۾ پاڻي ڊيڊ لائين تي پهچي
ويندو. هن وقت منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 2600هزار700ڪيوسڪ آهي ۽ نيڪال 20 ڪيوسڪ
آهي،جڏهن ته قابل استعمال پاڻي جو ذخيرو1لک2هزار ڪيوسڪ آهي، ۽ ٻئي پاسي اهو به
ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان جي هڪ ٻئي وڏي ڊيم ريزروائر ۾ به پاڻي جي مسلسل کوٽ ٿي
رهي آهي،جنهن ۾ به پاڻي جو گڏ ڪيل ذخيرو تقريبن ختم ٿيڻ وارو آهي،جتي پاڻي جي ڊِيڊ
لائين 637فٽ آهي ۽ هن وقت اتي پاڻي جي سطح 639فٽ آهي،اختيارين پاران ٻڌايو ويو آهي
ته ٻنهي ڊيمن ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ انتهائي سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي،۽
بجلي جي پيدوار صرف هڪ هزار ميگا واٽ وڃي رهي آهي،جيڪا پاڻي جي پوري دستيابي وقت
5هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندي هئي،جنهن ڪري ڊيمن ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب بجلي جي
پيداور ۾ پريشانيون پيش اچي رهيون آهن ۽ ملڪ کي بجلي جي فراهمي لاءِ سمورو بار
ٿرمل پاور هائوس ۽ گئس پارو پلانٽن کي برداشت ڪرڻو پوندو،جنهن مان اهو واضع آهي ته
پوري ملڪ ۾ بجلي جي بحران جو انڊيشو آهي،۽ ،ملڪ ۾ بجلي جي قلت 4هزار ميگا وارٽ
تائين پهچي سگهي ٿي،انڪري شهري آبادي گهٽ ۾ گهٽ 6 ۽ ٻهراڙين واري علائقن ۾ بجلي جي
لوڊشيٽنگ 9کان 10 ڪلاڪ ڪئي ويندي،۽ اها بجلي جي لوڊشِينگ گليشيئر تان جيستائين برف
نه ٿي ڳري ان وقت تائين بجلي جو بحران برقرار رهندو،۽ جڏهن جبلن تان برفف ڳڙي پاڻي
جي صورتحال اختيار ڪري ڊيمن ۾ داخل ٿيندي ان وقت ٻئي ڊيم پاڻي جي بحران کان بچي
ويندا.پاڻي جي مسلسل کوٽ جتي پاڪستان ۾ وڏا بحران پيدا ڪيا آهن اتي پاڪستان جي
صوبي سنڌ ۾ به وڏيون تباهيون آنديون آهن، اسان جي سنڌ ۾ سڀئي پڇڙين واريون آباديون
پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ تڙپي
رهيون آهن ۽ هر طرف ڪربلا جا منظر آهن هن زرعي ملڪ ۾ ماڻهن جو 100 سيڪڙو گذارو ٻني
ٻاري تي آهي ۽ پاڻي نه هجڻ سبب زمينون ڀڙڀانگ بڻجي ويون آهن جنهن سبب ماڻهو لڳ ڀڳ
چئن سالن کان بلڪل بيروزگار بڻجي ويا آهن جنهن سبب هڪ پاسي ته ماڻهن وڏي پيماني تي
لڏپلاڻ ڪئي آهي ته ٻئي طرف شهر ويران بڻجي ويا آهن. اها صورتحال صرف ۽ صرف پاڻي جي
کوٽ جي ڪري پيدا ٿي آهي،
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment