ھن
وقت اسان مسلمان جنھن تيزيءَ سان لاديني، اقدار، ذھني ارتداد ۽ فڪري انتشار جو
شڪار ٿيندا وڃون پيا، اھا حقيقت ڪنھن بہ طرح سان
لڪيل ڪو نه آهي شايد ئي ڪو اھڙو گناھ به مشڪل ھجي جنهن ۾ اسان اجتماعي طور سان
مبتلا نه ھجون،ڳائڻ، وڄائڻ، شراب خوري، جوا، آڪڙا پرچي، چغلخوري،غريبن جا حق
ڦٻائڻ، ظلم، تشدد، بربريت، فحاشي، زبردستي، حقوق الله جي ڀڃڪڙي، حقوق العباد سان
زيادتي، چوري، ڊاڪا، فلمن ۽ رشوت، سود، حرام ڪاري، زنا خوري، حسد ۽ ڪيني جھڙن وڏن
وڏن گناهن ۾ مسلمانن جو غرق ھجڻ، اھي سڀ صورتون ڏسي ڪري معلوم ائين ٿو ٿئي ته ڄڻ اسان
گناھ کي گناھ سمجهون ئي نه ٿا ائين ته ھر شعبي جي اندر فريب ۽ ڌوڪي بازي نظر اچي
ٿي ليڪن حلال ۽ حرام جي ڪمائي جي وچ ۾ فرق به ھاڻي اسان نه ٿا رکون، حلال اچي ته
به ٺيڪ حرام اچي ته به واھ واھ مطلب ته حرام ۽ حلال جي وچ ۾ فرق به اسان ڪو نه
رکيو آهي جيڪو اچي تڏھن به ھل من مزيد جي ڳالھ ختم نه ٿي ٿئي، نبي ڪريم صلي الله
عليه وآله وسلم جو فرمان آهي ته: ماڻھن تي اھڙو به زمانو ايندو جڏهن ماڻهو اھا
پرواھ به نه ڪندو ته ھن جيڪو حاصل ڪيو آهي اھو حلال آهي يا حرام، رشوت يا وياج جي
حقيقت سمجهڻ کان اڳ اسان اھو سمجھون ته حلال ۽ حرام جو اسان لاءِ الله پاڪ جيڪو
فرق رکيو آهي ان ۾ ڪھڙي حڪمت آهي؟ ان لاءِ اھو اسان کي سمجهڻ گهرجي ته انسان ھڪ
تمدني مخلوق آهي ۽ ان جي تمدن جو سڄو دارومدار ھڪ ٻئي سان تعاون تي آهي ۽ انساني
تعاون ان وقت تائين صحيح نه ٿي سگھندو، جيستائين ھڪ ٻئي جي حقن جو خيال نه رکيو
وڃي، بدنظمي ۽ لاقانونيت کي جنم ڏيئي ڪري اھڙو ماحول پيدا ڪجي جنهن سان نه ڪنهن جي
عزت ۽ نه ڪنهن جو مال ۽ نه ڪنهن جي دولت ۽ نه آبرو محفوظ ھجي جنهن جي لٺ تنھنجي
مينھن واري ڪار ھجي ۽ ھر زبردست زبردست کي ختم ڪري،اھڙين حالات ۾ انسانيت جو ھڪ
قدم به اڳتي وڌڻ ازحد محال آهي جيڪڏهن انساني معاشري ۽ تمدن ۾ صحيح صحيح تعين نه
ڪيو ويندو ته لازمي انسانيت تباه و برباد ٿي ويندي، ان ڪري ضروري آهي ته ھڪ ٻئي جي
حقن ۽ حدودن جو تعين لازم آھي ۽ انھيءَ انساني ضرورت کي حلال ۽ حرام چيو وڃي ٿو
حلال ۽ حرام جي صورت ۾ اسان جي ھڪ ٻئي جي حقن جو تحفظ آهي ۽ انھيءَ تحفظ ۾ اسان جو
نفعو به آهي ۽ حلال حرام جي تميز اسان جي ضرورت به آهي ۽ حقيقت به اها آهي ته الله
پاڪ حلال حرام جا احڪام جاري ڪري اسان تي وڏو احسان ڪيو آھي، جيڪڏهن اھو احسان
الله پاڪ نه ڪري ھا ته لازمي انساني معاشرو تباه وبرباد ضروري ٿي وڃي ھا، حديث
شريف ۾ رشوت خور جي باري ۾ فرمايو ويو ته: لعنت فرمائي محبوب ڪريم صلي الله عليه
وآله وسلم رشوت ڏيڻ واري تي رشوت وٺڻ واري تي ۽ انھن ٻنهي جي وچ ۾ لکڻ واري تي،ھڪ
ٻي حديث شريف ۾ معراج جي رات وياج خورن جو حال سھڻي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله
وسلم ھن طرح سان ٻڌايو آهي ته اھڙا ڪجھ ماڻھو آھن جن جا پيٽ ايڏا وڏا آهن جيئن ھڪ
ڪمري ۾ نانگ ڀريل ھجن، اھو اٿڻ جي ڪوشش ڪن ٿا مگر اٿي نه ٿا سگهن، حضرت ابن مسعود
رضه جي روايت ۾ آهي وياج جا ٽيھتر دروازا آھن، انھن ۾ گھٽ ۾ گھٽ دروازو اھو آھي تہ پنھنجي ماءُ سان
برو فعل ڪيائين، حضرت جابر رضہ جي
روايت آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم سود کي کائڻ واري تي ۽ کارائڻ واري تي ۽
سود جي لکپڙھ ڪرڻ واري تي لعنت فرمائي آهي، حضرت ابن عباس رضہ فرمائي ٿو ته قيامت
جي ڏينھن سود خور کي چيو ويندو ته جنگ جي لاءِ پنھنجا ھٿيار سنڀالي وٺ، تو سان
الله پاڪ ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي جنگ آهي، حضرت عبدالله بن حنظلہ رضہ کان روايت آهي ته
حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمايو جڏهن ڪو شخص ڄاڻي واڻي وياج
جو ھڪ روپيو به کائي ٿو ته ھن جو گناھ ڇٽيھہ دفعا زنا ڪرڻ کان
به سخت آهي، ھڪ ٻي حديث شريف ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته
جڏهن ڪنهن قوم ۾ زنا ۽ وياج عام طور رائج ٿي ويندو آهي ته اھا قوم الله پاڪ جي
عذاب جي مستحق ٿي ويندي آهي،گھڻا ماڻهو چوندا آهن ته ميان الله پاڪ کان دعا گھڻي
ٿا گھرون پر قبول نه ٿي ٿئي ڀلا قبول ڪيئن ٿئي جڏهن اسان جو کائڻ پيئڻ حرام آهي،
پنھنجي حرام کاڌي ڏي ڏسون ڪو نه ٿا باقي چئون ٿا ته دعا قبول نه ٿي ٿئي، پنھنجو
عيب ڏسون نه ٿا ۽ چئون ٿا ته دعا قبول ڇو نه ٿي ٿئي؟ ھن جو مثال ائين آهي جو پاڻ
سفر ڪريون پيا ڪراچي جو ۽ چئون پيا ته لاھور ڇو نه اٿي اچي اھڙي نموني حلال ۽ حرام
جي ڪا تميز نه آهي جيڪو اچي ھڙپ ۽ ھضم ٿي وڃي، شراب، جوا، رشوت، وياج، ناحق جو مال
جيڪو اچي اھو چوريءَ جو ھجي يا امانت اھي سڀ ڪجھ شيون واپرائڻ کان بعد چئون ٿا ته
دعا قبول نه ٿي ٿئي، ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان ٻڌائي رهيو آهي
ته حرام کائيندڙ جي ڪا به عبادت قبول نه آهي ۽ نه ان جي دعا الله پاڪ جي دربار ۾
مقبول آهي الله تعالي اسان کي پنهنجي محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي صدقي
۾ ھر حرام کان بچائي ۽ حلال ڪمائي ڪمائڻ جي توفيق عطا فرمائي، آمين ثم آمين يارب
العالمين
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment