ڏٺو ويو آهي
ته دنيا جي هر ملڪ ۾ اندروني ۽ بيروني فسادن ڪر کنيو آهي . جن ۾ سواءِ انسانيت جي
قتلام جي ٻيو ڪو به فائدو ناهي . گھڻي ڀاڱي مسلمان ملڪن ۾ هٿ سان افراتفري ڦهلائڻ
لاءِ بيروني قوتن جي چال آهي جيڪي ٻين ملڪن
کي ڪمزوري ڪري مٿن حڪمراني ڪندا آهن ، ڪٿي دهشتگردي جي آڙ ۾ ، ڪٿي جوهري هٿيارن جي
آڙ ۾ ، ڪٿي گھرو ويڙھ جي آڙ ۾ مسلمان ملڪن ۾ فساد پکيڙيا ويا آهن مسلمان ملڪ دشمنن
جي چال کي سمجھي ناهن سگھيا . شام ۾ به گھرو ويڙھ جو
فساد پکيڙيو ويو آهي . جنهن جي نتيجي ۾ ۾ شام جي اترين علائقي غوطا ۾ حڪومتي فورسز
جي ڪيميڪل بم حملي جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته هڪ هزار کان
وڌيڪ زخمي ٿي پيا. اهو نقصان ڪنهن جو آهي
۽ اهو فائدو ڪنهن جو آهي . ان طرف ڪنهن پنهنجو ڌيان ناهي ڏنو . جنهن ڪري ملڪن جو
اندروني جاني توڙي مالي ٿي رهيو آهي . هاني مسلمان ملڪ پنهنجي طاقت پنهنجي ئي ملڪ
جي ماڻهن تي استعمال ڪري رهيا آهن بلڪ ائين نه هجڻ کپي پنهنجي ماڻهن کي سمجھائڻ جا
ٻيا به گھڻا ئي طريقا آهن پر اسان مسلمان ملڪن کي تشدد وارو طريقو الائي ڇو ٺيڪ
نظر آيو آهي . جهڙي نموني شام ۾ فوج اترين علائقي
غوطا ۾ ڪيميڪل بمن سان بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا
جيڪو انسانيت جو قتل آهي تشدد سان تشدد کي ختم ناهي ڪري سگھبو توري جوشام ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ باغي زخمي ٿي پيا. امدادي
اهلڪارن موجب حملي ۾ متاثر ٿيل ماڻهن ۾ گهڻي قدر تعداد ٻارڙن جو آهي، شام ۾ امدادي
ڪمن ۾ مصروف تنظيمن موجب زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتان ڊاڪٽرن
جو چوڻ آهي ته زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن جو جسم مفلوج
ٿي ويو آهي. شامي باغين دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومتي فورسز اترين غوطا جي علائقي ۾
ڪيميڪل بم اڇلايا جنهن سبب شهرين کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ٻئي
طرف شامي حڪومت ڪيميڪل بم حملي جي ترديد ڪندي چيو آهي ته باغي ناڪامي ڏسي بي بنياد
افواهه پکيڙي رهيا آهن. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي
ته شام جي صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ حملي ۾ روسي مدد جي امڪان کي رد نه ٿو
ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ اندروني معاملا پيدا ٿيندا آهن ته ان ۾
بيروني طاقت جي مداخلت هوندي آهي . هون به شام جي اندر روسي مداخلت رهي آهي جيڪي
وقتن به وقتن سامي باغين کي ڀڙڪائيندا رهيا آهن . ڪيئن به هجي پر آخر معاملا ته ملڪي
آئين تحت رياست کي سنڀالڻا هوندا آهن . هن ڪيميڪل حملي جي انگ اکر به مختلف ذريعن
مختلف طاهر ڪيا آهن ان باري ۾ شام ۾ امدادي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته دوما شهر ۾ ٻارن
۽ عورتن سميت گهٽ ۾ گهٽ 70 ماڻهو امڪاني طور تي زهريلي گئس جي حملي ۾ مارجي ويا
آهن. وائيٽ هيلمٽس نالي امدادي تنظيم تهه خانن مان ڪيترن ئي لاشن جون تصويرون
ٽوئيٽر تي پوسٽ ڪيون آهن. تنظيم جو چوڻ آهي ته فوتين جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.
ان کان اڳ ساڳي تنظيم فوتين جو انگ 150 ٻڌايو هو پر پوءِ اها ٽوئيٽ ڊليٽ ڪئي وئي.
ٻئي طرف شامي حڪومت ڪيميائي حملي جي خبرن کي من گهڙت قرار ڏنو آهي. جڏهن ته آمريڪي
پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اهي انهن انتهائي پريشاني وارن اطلاعن جو جائزو وٺي رهيا
آهن ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو آهي ته پوءِ روس کي ان موتمار ڪيميائي حملي جو ذميوار سمجهڻ
گهرجي جيڪو شامي حڪومت جي حمايت ۾ وڙهي رهيو آهي. آمريڪا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ”حڪومت
جي پنهنجي ئي ماڻهن تي ڪيميائي هٿيار استعمال ڪرڻ جي تاريخ ۾ ڪو شڪ ناهي.“ آمريڪي
ترجمان مطابق ”بي شمار شامين کي ڪيميائي هٿيارن سان نشانو بڻائڻ جي ذميواري آخرڪار
روس تي لاڳو ٿئي ٿي.“ حڪومت مخالف تنظيم غوطا ميڊيا سينٽر چيو آهي ته ان مبينه گيس
حملي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ زخمي ٿيا آهن. ان الزام مڙهيو ته هڪ سرڪاري
هيليڪاپٽر بيرل بم ڪيرايو جنهن ۾ سارين نالي موتمار گئس جا جزا شامل هئا. دوما
اوڀر غوطا ۾ باغين جي قبضي وارو آخري شهر ٻڌايو وڃي ٿو ۽ ان کي حڪومتي فوجن جو
ڪيترن ئي مهينن کان گهيرو آهي . شامي صوبي حلب ۾ هڪ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا
مارجي ويا آهن. اختيارين ٻڌايو آهي ته الباب نالي شهر ۾ موجود جامعه مسجد ڀرسان
ٿيل ان ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ 4 ٻار به شامل آهن. سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائٽس
موجب باغين جي قبضي هيٺ ان علائقي ۾ تازي ڪارروائي اڄ ڇنڇر ڏينهن ڪئي وئي. ان
علائقي ۾ شامي فورسز ۽ باغين وچ ۾ جهڙپون جاري آهن. شامي شهر اوڀر غوطا ۾ ڪالهه
جمعي ڏينهن ڪيل فضائي بمباري جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.
شامي تڪرار تي نظر رکندڙ تنظيم سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائٽس موجب اوڀر غوطا
جي علائقي دوما ۾ سخت ترين بمباري ڪئي پئي وڃي. دمشق جي ڀر ۾ موجود باغين جو اهو
آخري مضبوط ڳڙهه آهي. آبزرويٽري فار هيومن رائٽس موجب ان علائقي تي فضائي حملن سان
گڏوگڏ ڳري توپ خاني جو استعمال به ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ان آپريشن ۾ شام جي زميني
فورسز به اڳڀري آهي. آبزرويٽري جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ عام شهري سخت ڏکيائين
کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪنهن به ملڪ ۾ باغي ڇو پيدا ٿيندا آهن . انهن جي مالي
سهائتا ۽ پٺ ڀرائي ڪٿان ٿيندي آهي . جڏهن ادارا ڪمزور ٿي ويندا آهن ته باغي يا ٻيا
ڌڙا جنم وٺندا آهن . اهو سڀ ڪجھ ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جي چرچ تي ٿيندو آهي پر رياست کي
پر امن طريقي سان پنهني رٽ مطابق معاملا حل ڪرڻ گھرجن بجاءِ جو انسانن جو رت
وهائجي ان کان بهتر آهي ته پر امن طريقي سان اندروني معاملن کي حل ڪري دشمن جي چال
کي چڪناچور ڪجي .شام کي ڪيميائي حملن کان پاسو ڪرڻ گھرجي .
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment