نيٺ تمام گھڻي ڊگھي مدت کان پوءِ سنڌ سرڪاري تعليم کاتي ۾ استادن جي
ڀرتي ڪرڻ جو اشتهار شايع ڪيو پر پڙهڻ سان مردن جي پيرن هيٺان زمين ئي نڪري وئي ۽
سخت مايوسي جو شڪار ٿي ويا ڇو ته هن اشتهار ۾ فقط عورتن کي نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ٻيو ته عمر جي حد به وڌ
۾ وڌ 30سال رکي وئي آهي توڙي جو ڏهاڪو کن
سال نوڪرين تي پابندي هئي جنهن ڪري هر نوجوان جا 10 کان 15 سال گذري ويا هيا ڇا ان
عمر جيتري نوجوانن کي ڪا رعايت ڏني ويندي يا نه ؟ جيڏي بيروزگاري سنڌ ۾ عروج تي آهي اوتروئي سنڌ سرڪار جون پاليسيون به
بيروزگاري وڌائڻ ۾ ٻوڏ جهڙو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن . توڙي جو سنڌ جا لکيا پڙهيا
نوجوان ڪاغذن جا فائيل ڪڇ ۾ کڻي نوڪرين لاءِ ڊوڙي ڊوري ڪراڙا ٿي ويا آهن تڏهن به
کين نوڪري ناهي ملي سگھي . سنڌ جي هر سرڪاري اسڪول ۾ ننڍ پڻ جي تعليم جي اهم ضرورت
آهي ان کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هر پرائمري اسڪول ۾ اي سي اي جا استاد مقرر ڪيا
وڃن ۽ ٻين استادن جهڙيون مراعتون ڏنيون وڃن . سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي ننڍ پڻ جي تعليم ( اي سي اي) ٽيچرس لاءِ
جيڪو اشتهار مختلف اخبارن ۾ شايع ڪرايو آهي ان ۾
مردن کي نظر انداز ڪري عورتن لاءِ سموريون پوسٽون نالي ڪري ڇڏيون آهن .
جيڪا حڪومت جي مايوس ڪندڙ پاليسي آهي . اي سي اي ٽيچرس به ڪوٽا سسٽم تحت مرد ۽
عورتون ڀرتي ڪيا وڃن . ڇاڪاڻ ته اڄ کان تقريبن 10 سال پهريان سال 2009 ع ۾ سنڌ جي 150 سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌ
ايجو ڪيشن فائونڊيشن طرفان 300 مرد ۽
عورتون استاد ڀرتي ٿيل آهن . جيڪي محذ 14000 ليڊ ٽيچر ۽ اسسٽنٽ ٽيچر فقط 12000
ماهوار سهائتا عيوض سرڪاري اسڪول ۾ اي سي اي جي تعليم ڏئي رهيا آهن پهريان انهن کي
پڪو ڪري پوءِ نيون ڀرتون ڪيون وڃن جيڪڏهن سنڌ سرڪار وٽ اي سي اي ڪلاس جون پوسٽون
آهن ته پهريان انهن استادن جو حق بڻجي ٿو جيڪي ٿوري معاوضي تحت به سنڌ جي پرائمري
اسڪولن ۾ اي سي اي جي تعليم ڏيندا رهيا آهن جيڪڏهن سنڌ سرڪار ائين نه ڪيو ته پوءِ
اها اي سي اي جي استادن سان نا انصافي هوندي . اي سي اي ٽيچرس عدالتي در کڙڪائيندا
ڪٿي به پاڪستان جي آئين ۾ اهو نه لکيل ناهي ته مردن کي نوڪريون نه ڏيون يا وري اهو به ناهي لکيل ته استاد طور
فقط عورتون ئي عورتون ڀرتي ڪيو . حڪومت جي اهڙن قدمن سان بيروزگاري کي وڌيڪ هٿي
ملي ويندي ياد رهي ته سنڌ ۾ خاص ڪري بي روزگار نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي
خودڪشي ڪري رهيا آهن اهو به ياد رکڻ گھرجي ته هڪ طرفو عورتون ڀرتي ڪرڻ سان خود ڪشي
۾ واڌارو ايندو . عورتن کي نوڪريون ڏيڻ سٺي ڳالھ آهي پر اهي نوڪريون انهن کي آئين
۽ قانون موجب ڏنيون جيڪڏهن هڪ ئي کاتي ۾ مرد نل هجن ۽ عورتون ئي عورتون ملازم هجن
ته پوءِ جيڪي مقدس ايون مان بل پاس ڪيا ويندا آهن جن هر اداري ۾ عورتن جي ڪوٽا رکي
ويندي آهي پر هاڻي اي سي اي استادن جي ڀرتي لاءِ ڪنهن به ڪوٽا جوپ خيال ناهي رکيو
ويو ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون وڃن پوءِ اهل مرد ۽ عورتن کي ڪوٽا واري ونڊ ورڇ مطابق
ڀرتي ڪيو وڃي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ اها قانون جي سڌي ڀڃ ڪري هوندي اوهان کڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جو مثال وٺو جنهن پي آءِ اي کي حڪم ڏئي پابند ڪيو ويو هو ته قومي ايئر لائين نون ڀرتي ٿيندڙ پائليٽن جي
سيٽن لاءِ 10 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ رکي وئي آهي . اهڙو فيصلو تڏهن ڪيو ويو
جڏهن هڪ درخواستگذار پائليٽ ڪومل ظفر طرفان درخواست ڪئي وئي هئي ، جيڪڏهن پاڻ
مرادو ڪوٽا واري قانوني چاراجوئي پوري نه ڪئي وئي ته ڪو نه ڪو مرد همت ڪري ڪورٽ
سڳوري سان رجوع ڪندو ڪورٽ قانون تي عمل ڪرائيندي . پاڪستان جي قانون ۾ مرد ۽ عورت
لاءِ حدون مقرر ڪيون ويون آهن جن کي اورانگھڻ سان لا قانونيت کي هٿي ملندي ان ڪري
سنڌسرڪار وٽ هي سونهري وقت آهي ته اي سي اي استادن واري اشتهار ۾ سڌارا آڻي ڪوٽا
تحت ميل ۽ فيميل استاد ڀرتي ڪرڻ جو اشتهار شايع ڪرائي جيئن ڪنهن کي به
مٿن تنقيد ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگھي اڃا ته سنڌ سرڪار فقط 300 اي سي اي استادن کي
پڪو ناهي ڪري سگھي اگي سنڌ سرڪار اي سي اي استاد ڀرتي ڪرڻ چاهي ٿي ته پهريان انهن استادن کي پڪو ڪري جيڪي 10 سالن کان گھٽ
اجرت عيوض به ديانتداري سان پڙائي رهيا آهن جن ۾ اڪثيريت في ميل ٽيچرس جي آهي جن
کي 5 ٽريننگس پڻ ڪرايون ويون آهن. سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ اي سي اي ڪلاس مثالي
اسڪول آهن جن کي سينگارڻ سنوارڻ ۾ اي سي اي ٽيچرس جو ڪردار آهي . مان چوندس ته
ڪنهن جي حق تلفي نه ٿئي عورتون ۽ مرد برابر جا شريڪ آهن ٻيو ته ٺهيو پر اگر ايترو
ڪيو وڃي ته اڌ مرد ۽ اڌ عورتون ڀرتي ڪيون وڃن ته به مردن مان احساس ڪمتري ختم ٿي
ويندي . جيڪڏهن انهن ڪريسسز کي ڌيان ۾ آڻجي ته عورتون ڪهڙين ڪرائيسسز مان گذري
اسڪول تائين پهچنديون آهن ته پاڻ مرادو خبر پئجي ويندي ته ننڍ پڻ جي تعليم لاءِ
مرد بهتر آهن يا عورتون آخر ڪهڙي وجھ آهي جو سنڌ سرڪار اي سي اي لاءِ مقرر ڪيل
سموريون پوسٽون عورتن جي نالي ڪري ڇڏيون آهن ڪتي انهن جي اتي ته سوچ ناهي اڙيل ته
مرد سنگدل ۽ عورتون حساس دل آهن ته بلڪل ائين نه آهي مرد ۽ عورتون هڪجڙي دل رکن ٿا
ڇاڪاڻ ته اولاد لاءِ ماءُ پيءُ ٻئي هڪ جيترو درد رکندا آهن ۽ ٻئي شفيق هوندا آهن
اها به ڳالھ مڃڻ جوڳي آهي ته ماءُ جي هنج ٻار جي پهرين درسگاھ آهي بلڪل صحي ان ڪو
به شڪ نه آهي پر پيءُ به شاگردن لاءِ روهاني والد هوندو آهي انڪري بهتر آهي ته مرد
۽ عورتون گڏيل منصوبي تحت اي سي اي ڪلاس جا استاد ڀرتي ڪيا وڃن جيئن معاشري مان
آهستي آهستي مرد ۽ عورت وارو رجحان ختم ٿي وڃي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويندو ته اهائي
طبقاتي سوچ قائم رهندي جنهن مان اسين بيزار ٿي ويا آهيون، ها اڃا جيڪڏهن ميرٽ ۾
اگر عورت اچي ٿي ته جيءُ بسم الله ڀلي سموريون عورتون استاد بڻجي وڃن پر جيڪڏهن
ميرٽ واري آهي هاڻي اسان کي پراڻي طريقيڪارن کي ڇڏي فقط ميرٽ جي بنياد تي ڀرتين جا
اعلان ڪرڻ گھرجن ميرٽ ۾ ڪو به مرد ۽ عورت جو شرط نه هجي جيڪو کٽي سوکائي انڪري سيڪريٽري تعليم ، وزير تعليم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي هن طرف ڌيان
ڏيڻ گھرجي .
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment