اڄ جو حاڪم ۽ مستحق مزدور/ محمد امين سولنگي


پرهه ڦٽي پرڀات کي پار ڪري جڏهن لالاڻ گلابي رنگ آڪاش کان ڪنهن چورس چادر مثل زمين جي تهه مٿان پکڙا ڦيري سج ڪني کان ظاهر ٿيندو آهي تڏهن منهنجي ديس جا مسڪين ماروئڙا مزدور هاري ناري ڪڏهن پيٽ ڀريل ته ڪڏهن پيٽ بکايل سان گهر جو سهن ڇڏي پنهنجي ٻچن جي پيٽ گذر لاء شهرن ۽ جهنگن طرف رخ ڪندا آهن، ٻچڙن جي پيٽ گذر خاطر ان آس ۽ اميد سان ته رب ڪريم شل جهجهو رزق روزي عطا ڪري!! ڇو جو اڄ به اسان جي ملڪ جا حاڪم بااثرن، وڏيرن، ميرن، رئيسن ۽ چمچن کي نوازڻ ۾ پورا آهن جنهن کان پوء انهن کي اهو ٽائيم به نٿو ملي جو ڪنهن غريب جي دل جو حال معلوم ڪن يا ڪنهن محتاج بي وس کي ڪا ڪوڙي آٿت ڏين، وري اليڪشن ويجهي ايندي ئي جڏهن ووٽ جو ٽائيم ٿيندو پوء حڪمران ڌرين کي مرڻن ۽ پرڻن جون لسٽون تيار ٿي ملنديون ۽ هر اهو شخص بااثرن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويندو جنهن جو ووٽ داخل هوندو تنهن کانپوءِ اقتدار لالچ ۾ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ان مسڪين جي در تي مجبورن ڪهي ايندا پنهنجي لاءِ ووٽ پنڻ !! جڏهن ته ان وقت حڪمرانن سياستدان کي اقتدار جو نشو دماغ جي ڌن تي سمايل هوندو آهي جنهن جي ڪاڻ در در ڀٽڪندي اهڙا کوڙ حڪمران ڏسڻ وٽان ايندا آهن جن کي شايد پنج سال پهرئين گهڻن ووٽرن نه ڏٺو هجي.!! اليڪشن کانپوءِ اقتدرا مليو نشو لٿو هاڻي ڳول ته توکان لڀان.....؟وري پنج سال حڪمران چونڊيل تڪ جا نمائنده غريب ووٽر لاءِ ناياب ٿيو وڃن پوء اهي مسڪين ماڻهو مايوسي جي ماسي ۾ پنهنجو متن پنهنجي پاڇي کان ورجائيندا ويٺا.!! ڇا حاصل رهيو آهي اڄ تائين مزدور مسڪين غريب ۽ بي وس لاچار کي حڪومت جي طرف کان.؟ صحت جي سهولت.؟ مٺي ۽ صاف پاڻي جي سهولت.؟ تعليم جي سهولت.؟ ڪنهن بي گهر کي گهر.؟ يا وري ڪا مزدور کي مزدوري ۾ سرڪار طرفان رقم جيڪا انهن کي اضافي ملي ان جي سهولت.؟ مان سمجهان ٿو اگر ان مسڪين بي پهچ کان ڪو ظلم ٿيل هوندو تڏهن قانون به انجي لاءِ انڌو ٿي ويندو ۽ انصاف ان مسڪين لاء اڻ لڀ ٿي ويندو.!! پوء آخر ووٽ وٺڻ مهل انهن مسڪينن جا در کٽکٽايا ڇو ٿا وڃن جڏهن ته انهن جي لاء ڪا سرڪار پاران سهولت ئي ناهي يا ڪو سرڪاري پيڪيئج ناهي.!! در در ڀٽڪندڙ مسڪين ماڻهو اڄ به توهان کي رستن روڊن بازارن ۽ شهر جي مک چوراهن تي ملندو جيڪو جهولي هٿ ۾ ڪري آواز بلند ڪري صدائون هڻندو هوندو ته اي انسانو اي مسلمانو منهنجي مدد ڪيو منهنجو ٻچڙو بيمار لاعلاج آهي؟ منهنجو ٻچڙو بک تي آهي؟ منهنجو ٻچڙو تعليم جهڙي زيور کان محروم آهي؟ منهنجو ٻچڙو کليل آسمان تلي سڙندو ٿو رهي انکي ڇانوء ڪرڻ لاء ڇت ناهي؟ مونسان ظلم ٿيل آ مون لاء ڇو انصاف ناهي؟ اهڙيون اڀ ڏاريندڙ صدائون يقينن اهو انسان جنهن ۾ انسانيت موجود آهي ان جو جيء جهوري وجهنديون ۽ حسب حال ان مسڪين جي مدد به ڪندو پر اهڙي دردناڪ موقعي تي حڪمرانن سان گڏ گهڻي ڀانڱي وس وارن جو آواز به گم ته ڦوٽو به گم!! هر بنيادي سهولت کان محروم منهنجا مسڪين ماروئڙا دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهن پوء ڇا اها غلطي ان حاڪم جي ناهي جيڪو ووٽ وٺي وري سار نٿو لهي نٿو ڏسي ان مسڪين اٻوجهه جي حالت کي؟ ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته جنهن رياست ۾ اگر چور چوري ڪري ته ان چور جا هٿ ڪٽڻ بجاء ان رياست جي بادشاهه جا هٿ ڪٽيا وڃن.!! اڄ جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا اهڙن واقعن کي وقتن به وقتن وائکو ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي پوء به حڪمران ڌريون اگهور ننڊ ۾.؟ هن دجالي دور ۾ مسڪين ماڻهو مسڪين ئي رهجي ويو ڇو جو هو هڪ مخلص سچو ايماندار رهيو وري حڪمران ڌريون امير تر ٿينديون ويون ڇو جو اهي غريبن جون حق تلفيون ڪندا رهيا.!! اڄ هر شيء جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو آهي پر منهنجي وطن جي غريب مسڪين مزدور هاري ماڻهو جي محنت عيوض ادا ٿيندڙ معاوضو ڄڻ نه جي برابر آهي. !! وري مٿس رب ڪريم جي ٻاجهه جو سندس گهر ۾ بيماري به گهر ڪيو ويٺي هوندي پر ان مسڪين غريب جي دل منجهان شڪراني جا لفظ زبان تي جاري هوندا ڇو جو هو رب ڪريم جي رضا تي راضي رهڻ وارو ايمان افروز انسان آهي.!! مسڪين ماڻهو جي اهڙي حال مٿان ته اڄ جي حڪمران جي اک به نٿي پوي بس مزدور ڊي جي نالي سان ڏهاڙا ملهايا وڃن ٿا پر مزدور جي حاجت پوري ڪرڻ لاء حڪومت ڪي به اپاء وٺڻ لاء تيار ناهي ان ويلي حڪمران اکين تي ڄڻ ڪاريون پٽيون ٻڌي نابين جو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.!! بس ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ هن ڌرتي تي اهڙي رياست اندر محب وطني مسڪين مزدور جو هجڻ ڪو جرم پيو لڳي.!! اهڙي حالت ڏسي حڪمرانن جي لاء ته ان مسڪينن جي دل مان جيڪا دعا نڪرندي هوندي سو ته رب ڪريم بهتر علم رکڻ وارو آهي!!سوال ته هزارين اٿن ٿا منهنجي دل مان به پر جواب طلب ڪرڻ ڄڻ انڌن جي شهر ۾ آئينا کپائڻ جي برابر ٿو سمجهان.!! ڪجي ته ڇا ڪجي نٿو ڏسي سگهان اهڙي حالت ۾ پنهنجي وطن جا مسڪين مالهي ڪي ڪڇي ڪولهي ڪي حاسد هاري.!! امير ڏينهون ڏينهن امير ٿيڻ جي سپنن ۾ مشغول آ جنهن کي آس پاس ڪا وسايل چلهه نظر ئي نٿي اچي.!! ڪو پيٽ بکايل ڪو پياسو اڃايل رڙندو هر روز مرندو ٿو رهي ڪنهن تي ڪو فرق نٿو پوي.!! خودڪشيون عام ٿي ويون اولاد جو وڪرو ڪرڻ جام ٿي ويو اها حڪومت جي بي وسي، مجبوري يا ناڪامي آهي.؟ پوء ڇاجي لاء هي مزدور ڊي جي نالي تي ڏهاڙا ملهايا ٿا وڃن.؟ هر بنيادي سهولت کان وانجهايل وانگهي منهنجي ديس جي ڌرتي جا مزدور مسڪين ماڻهو آهن جنهن جو ذميوار اهو حاڪم آهي جيڪو انهن ئي مسڪينن جي ووٽ عيوض ڪرسي تي قاضي بڻيو!! پوء وساري ويٺو حاڪم به ان مسڪين کي جنهن سندس کي عزت بخشي اعليٰ مقام عطا ڪيو!! وري سهولتون ان کي مهيا ڪيون پيون وڃن جنهن کي ڪا گنجائش به ناهي جيڪو پهرئين ئي لٿ پٿ هر آسائش کان لڳو پيو آهي وري به اعلان انهن جي لاء.؟ واهه منهنجي ملڪ جا حاڪم تنهنجي حڪومت تو درد مندن ڪا داد رسي به نه ڪئي!!نه ڏک لاٿئي نه ڏک سڻيئي نه ڪو سڀاڻ جي لاء ڪو آسرو ڏنئي!! اڄ به ان مزدور کان پڇي ڏس جيڪو سڄو ڏينهن لوڙي جان گهايل ڪري هٿن ۾ ڦلا وجهي پتنگ ٿي پنهنجي ٻچن جي پيٽ پالڻ لاء هر طرح جي محنت ڪشي ۾ رڌل آهي جنهن کي عيوض ۾ ادائگي اها نصيب ٿي ٿئي جو هو ڪڏهن ڪڏهن رات ويلي پيٽ سان پٿر به ٻڌي ٿو سمهي جڏهن ته انجي محنت جي عيوض ادا ٿيندڙ قيمت 500 يا 800 ان سان ان جو پورائو ڪڏهن ڪڏهن ناهي به ٿيندو انڪري جو سندس گهر ۾ ڪو ضعيف مريض به ساڻ ان ڇت تلي موجود هوندو آهي يا وري ڪڏهن مهمان مثل ڪهي آيل انسان جي به ميزباني سندس آجيان ڪرڻي پوندي آهي جنهن ڪاڻ مجبورن پاڻ پيٽ سان پٿر ٻڌڻ جو رستو اختيار ڪندو آهي.!! جڏهن ٻه واٽي زندگي ٿي پوندي آهي تڏهن اهو معصوم مسڪين مظلوميت جي زنجيرن ۾ جڪڙيل پنهنجي وجود سان فرياد ڪري داد طلب ڪندو آهي ۽ آهه عرش عظيم تي پڄائڻ لاء آواز لڳائيندو آهي ته هن دردن جي هن سورن جي ڪنهن کي دانهن ڏيان ڪنهن سان ڳالهه ڪيان.

No comments:

Post a Comment