عورت
پيدا ناهي ٿيندي پر اها ٺاهي ويندي آهي اها ڳالهه عورتن جي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ
سا.ئمن ديبوريا ڪئي آهي اسان قومي آزادي ۽ برابري جي ڳالهه ته ڪندا آهيون پر عورتن
جي آزادي پياري نه آهي جيڪر آزادي پياري آهي ته پوءِ اها عورتن جي ڇو نه! ارسطو
چواڻي “
غلام
عورتن جي ڪُک منجهان غلام ئي پيدا ٿيندا”. مون سميت شايد توهان
جي ذهنن ۾ به اهي مونجهارا هوندا ته اگر عورتون به آزاد ٿي ويون ته پوءِ سماج جو
ڇا ٿيندو؟ اتي اسانکي سماج ۽ قدرن جو خيال ٿئي ٿو باقي هر روز اسان پنهنجن روين،
دائرن ۾ عورتن مٿان جيڪي حملا ڪيون ٿا اهي آخر ڪهڙي کاتي ۾ ويندا! اسانجي ٻولي ۾
به عورتن خلاف نفرت انگيز مواد ملي ٿو جيئن، رنو رب وڃايون ڏاڙهن ڪهڙا ڏوهه يا
عورت کي عقل کڙي ۾ هوندو آهي اڃان وڌيڪ عذاب ته عوررتن لاءِ اسان وٽ نازڪ، نفيس،
شرميلي ۽ پاڪدامن جهڙا لفظ پيا ڏسجن
جهڙوڪ عورتون ڪيڪ جيان هجن ۽ اسين انهن کي کائي چٽ ڪري ڇڏيون. پر اها اسانجي ڀُل آهي
اهو هرو ڀرو ڏڍ آهي ته عورتون ڪمزور آهن آخر ڪهڙي شعبي ۾ سائنس ۾ بيشمار نالا ملندا،
فلسفي، سماجيات ۾ به مطلب ته عورتون ڪٿي هٽيون آهن پر مار پوي هن سرمائيدار نظام ۽
پدرشاهي کي جيڪي گڏجي عورتن جا جنازا (سڀ حق کسڻ) ڪڍڻ ۾ پورا آهن. هر روز ٽي وي، اخبارن
۽ وڏن رسالن ۾ عورتن جون تصويرون ڪنهن وکر سميت ڏسيون وينديون آهن اها نفسيات ٺاهي
ويندي آهي ته جيئن ماڻهو اهي شيون خريد ڪن مطلب ته ڀلو ٿيندو سرمائيدارن جو. اچون ٿا
پدرشاهي تي مطلب مردن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي بالادستي (عورتن) مٿان
آهي. پر اها ڳالهه اڄ کان 4000 قبل مسيح جي آهي ۽ اڄ سڌو تائين عورتن جو ماس ۽ هڏا
رهڙي پئي کائي. ڏاهي ارسطو ته کڻي چيو ته عورتون مردن کان گهٽ آهن بلڪ اڻمڪمل مرد آهن
خير يونان جي دور ۾ عورتن ڏانهن رويا اهڙا ئي هيا کڻي جي تاريخ ۾ عورتن ٿيوڊورا (اوڀر
روم جي حڪمران) جهڙا ڪردار ملندا جن چرچ ڪيليسا جي سڀئي نافذ ڪيل عورت دشمن قانونن
کي رد ڪيو، سينٽ هيلينا روم سلطنت ۾ حڪمراني ڪئي 1959 ۾ ڪيوبا انقلاب فيڊرل ڪاسترو
۽ چي گويرا کان اڳ هڪ انقلابي عورت سيليا سانچيز ظلم خلاف وڙهي1879 فرانس انقلاب دوران
عورتن به مردن سان گڏجي آزادي، برابري، ۽ ڀائيچاري جي نعرن هيٺ ويڙهه ڪئي پر عورتن
کي ڪجهه به نه ڏنو ويو. 1917 جي روسي انقلاب
دوران سڀ کان پهريان اجرتن لاءِ هڙتالون ڪندڙ اهي پهريان مزدور عورتون ئي هيون. ۽ هيئنر
ترڪي ۾ پنهنجي وطن جي آزادي ۽ داعش سان وڙهندڙ اهي ڪرد ويڙهاڪ عورتون ئي آهن جن کي
اسان ڪمزور سڏيندا آهيون. سنڌ ۾
مائي جندو ۽ مائي بختاور هيون جن مان هڪ ڪرنلن کي ڦاسي چاڙهائڻ ۽ ٻي جاگيردارن سان
جنگ ڪئي. ان سميت تاريخ ۾ ايترا ڪيترا ئي ڪردار ملندا جن اهو ثابت ڪيو ته عورتون مردن
کان گھٽ نه پر برابر آهن تاريخ جي وهڪري ۽ سماج جي اوسر ۾ اسان جهنگ جي زندگي ختم ڪري
وڏيون تهذيبون ته اڏيون آهن پر ان دوران اسانکي ايترا ڪيترائي عورت دشمن رويا ۽ قانون
به مليا آهن جيڪي عورتن جي سياسي، سماجي ۽ معاشي زندگيءَ ۾ رخنو وجهن ٿا ۽ عورت کي
انسان نه پر جنس سمجهن ٿا گھر جي چوديواري هجي، پردو، حق بخشرائڻ، ملڪيت جو چوٿون حصو،
شاهدي هڪ مرد برابر ٻه عورتون، منهن تي تيزاب هارڻ، گھريلو تشدد. ٻيو عذاب اهو ته جيڪڏهن
ڪنهن عورت مٿان ڏاڍ يا زنا ٿئي ته چار شاهد گڏ ڪري اچي مطلب ته اها عورت مردن کي سڏي
ته مونسان ظلم ڏسو پوءِ عدالت م ٻڌائجو اهو عدالت وارو انصاف اسانکي نه کپي.اسان ڀلا
عوررتن جي آزاديءَ کان ڊنل ڇو آهيون مطلب ته اسان پاڻ پاليون به(عورت) غلام پوءِ
اسان آزاد ڪيئن ٿينداسين اسان سمجهو ئي ناهي ته آزادي مان مطلب ته اسان اهو
ڪنداسين جيڪو اسان جي سمجهه ۾ ايندو نه هر گز نه اسان گھريلو ڪم ڪار کان وٺي فيڪٽرين
۾ ڪم ڪار ڪنديوسين پر پنهنجي مرضي سان نڪي مالڪ جي زور يا مارڪٽ جي ڊپ کان اسان به
ته ان زبردستي جي خلاف آهيون ڇو ته زبردستي اتي هلندي آهي جتي عقل ۽ سبب جي ضرورت ناهي
هوندي مونسان ڪلاس جو دوست مزاق ۾ لطيفو ٻڌائيندو آهي ته ريلي ۾ اسان وڃي رهيا هياسين
۽ نعرا پيا هڻو ته عورت به گھري ٿي آزادي پريان “ بابا ڌڙڪو ڏيندي چيو ته هڪڙي ماءُ
کي آزادي ملي ته پوءِ ماني ڪير پچائيندو” اسان وٽ اهو ڊپ آهي ته ايئن ڪرڻ سان سماج
منجهه فحشت ۽ ڇڙواڳي رقص ڪندي ڀلا هن سماج ۾ پدرشاهي ڪهڙا رشتا بچايا آهن! پيار لاءِ
ڪورٽن جا چڪر، زهر، آپگھات، ڦاهي، گھران نڪرڻ، ۽ ڪارو ڪاري کان وٺي حق بخشرائڻ ۽ سـڱ
چٽي ڏيڻ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بربادي ٿيندي. اها پدرشاهي ئي آهي نه جنهن جو مطلب گھر
جو سربراه هڪ مرد هوندو پوءِ اهو جيڪي فيصلا وٺي اهي سَر اکين تي. عورتن جي آزادي مان
مراد سياسي، معاشي ۽ سماجي برابري، پر اسان ڪير ٿيندا آهيون اهي بنيادي حق ڪنهن کان
کسڻ وارا. تاريخ ۾ ووٽ، تعليم، حمل ڪيرائڻ سميت ٻيا حق به ته عورتن وڙهي ورتا آهن اسان
ٽئين دنيا جي ملڪن جي حالت تمام خراب آهي پاڪستان عورتن جي حوالي سان ٽيون نمبر تي
خطرناڪ ملڪ آهي مطلب عورتن جي حقن ۽ ترقي فراهم ڪندڙ ملڪن مان 142 نمبر تي آهي. جيڪڏهن
اسان هيومن رائٽس ڪميشن جي رپورٽ ڏسون ته خوف سان جسم جا وار اُڀا ٿي ويندا ان لاءِ 2014 ،2015 ۽ 2016،17 جون رپورٽون
پڙهي سگھجن ٿيون ته اسانجو سماج عورتن لاءِ دوزخ کان بدتر آهي قانون ۽ بل ته پاس ٿين
ٿا پر انهن تي عمل ڪير ڪرائيندو 1973 جي آئين ۾ اهو واضع چيل آهي “نسل، مذهب ۽ جنس
جي مٿڀيد کي اوليت نه ڏني ويندي سڀني کي برابر حق ملندا پر هتي قصو ان جي بلڪل ابتڙ
آهي حالت اها آهي ته 25 سيڪڙو ڇوڪريون يونيورسٽي تائين مس رسي سگھن ٿيون ميڊيڪل يونيورسٽين
۾ ڇوڪرين جو تعداد ته 70 سيڪڙو آهي پر شادي يا
گھريلو پابندين ڪري 50 سيڪڙو ڇوڪريون به نوڪري نٿيون ڪري سگھن. ٻي پاسي گھريلو
ڪم ڪار ۽ انفارمل سيڪٽر ۾ 70 سيڪڙو عورتون پورهيو ڏين ٿيون ٻهراڙين ۾ ته ٻارن سنڀال
کان وٺي گھر ۽ ٻني ٻاري ۾ عورتون پورهيو ڪن ٿيون صحت ۽ تعليم انهن کان ڪوهين ميل پري
آهي. جنهن سماج ۾ انسان جو قدر جنس جي بنياد تي ٿيندو ته پوءِ اهو معاشرو صحتمند ڪيئن
هوندو مطلب ته سڄو جسم (AIDS) مدافعي قوت جي بيماري ۾ ورتل هجي مدافعي قوت
باقي نه بچي هجي ته پوءِ اتي الٽيون اچڻ، مٿي کي چڪر،دل جو ڪچو ٿيڻ ٻي معني ۾ عورتن
جا ڪن، وار،نڪ، ڪپڻ جيئن تازو ڪراچي ۾ خنجر حملا آور عورتن مٿان ظلم ڪن پيا ۽ جيئن
سوات م ننڊڙي ڇوڪري کي زمين تي ليٽائي ڪوڙا هڻندا آهن توهان باضمير انسان رت جا ڳوڙها
رُنا هوندا واقعي ضمير هجڻ به گھرجي. نيٺ سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته ڇا ڪجي! عورت مرد
جي نجي ملڪيت آهي جيسين تائين اها پنهنجي معاشي آزادي حاصل نٿي ڪري ان وقت تائين سڀ
اعزاز ۽ لقب ڪوڙا ۽ کوکلا آهن ڏاهي ڪارل مارڪس چوڻي “ ڪنهن معاشي کي جاچڻو آهي ته ان
۾ عورت جو مقام ڏسڻو آهي ته سماج ڪيترو صحتمند آهي مطلب معاشي برابري” باقي اسانجي
سماج ۾ عورتن جا وڏا مقام آهن هڪ لطيف آباد ۾ ٻيو قاسم آباد ۾.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment