پاڪستان ۾ جڏهن کان چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجو عهدو
سنڀاليو آهي انهي ڏينهن کان وٺِي نه رڳو سياستدان جو احستاب ٿي رهيو آهي پر هر
انهي سرڪاري ماڻهو جو احستاب هلندڙ آهي جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهي.اوهان
کي ياد هوندو ڪجهه وقت تائين سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير وائرل ٿي جنهن تصوير ۾ اهو
ڏيکاريو ويو هو ته هڪ جنازو آهي جنهن کي ماڻهو قبرستان طرف کڻي وڃي رهيا آهن ۽ اهو
جنازو هڪ اهڙي جاءِ تان گذاريو پيو وڃي جتي انهي شهر جو گٽر کليل آهي ۽ انهي کليل
گٽر پوري گلي ۾ پاڻي بيهاريو ڇڏيو هو ۽ ماڻهو انهي گندي پاڻي مان انهي جنازي جي
کڻي وڃِي رهيا آهن.اها تصوير سوشل ميڊيا جي ڪيترائي ڏينهن بحث بڻيل رهي ۽ سوشل
ميڊيا جي انهي تصوير آخرڪار چيف جسٽس کي نوٽيس وٺڻ تي مجبور ڪيو،۽ پوءِ چيف جسٽس
آف پاڪستان انهي تصوير جو نوٽيس وٺندي چيو ته مونکي جلد کان جلد ٻڌايو وڃِي ته اها
تصوير ڪهڙي شهر جي آهي ۽ انهي شهر جا چونڊيل نمائيندا ڪير آهن،چيف جسٽس آف پاڪستان
جي اهڙي بيان کانپوءِ اهڙي شهر جي ڳولا ڪئي وئي. آخرڪار پتو لڳائڻ وارن انهي
علائقي جي پتو لکائي ورتو اها تصوير پنجاب جي ساهيوال شهر جي ڪنهن پاڙي جي تصوير
هئي.اهڙي نشاندهي ٿيڻ کانپوءِ چيف جٽس آف پاڪستان انهي علائقي جي چونڊن نمائيدن کي
طلب ڪري ورتو آهي جن جي خلاف اڳين ٻڌڻي ۾ ڪاروائي ڪئي ويندي.هڪ طرف چيف آف پاڪستان
اهڙي تصوير جو نوٽيس ورتو جيڪا ڪيترائي ڏينهن هڪ نامعلوم تصوير هئي پر جئين چيف
جسٽس آف پاڪستان انهي تصوير جو نوٽيس ورتو ته انهي تصوير جي نه رڳو سڃاڻپ ٿي پر
انهي تصوير واري علائقي جي چونڊيل نمائيندن جي به سڃاڻپ ٿي ته ڪير آهن جن خلاف
نوٽيس پڻ موڪليا ويا آهن.هڪ طرف چيف جسٽس جون اهڙيون ڪاروايون آهن ته ٻئي پاسي هن
وقت پاڪستان پيپلزپارٽي جي نمائيندن ۾ به چرپر نظر اچي وئي آهي،اوهانکي ٻڌايندو
هلان ته ٽنڊي باگي جي هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ حنيف ملاح جيڪو جواني اندر ئي
پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو هوُ ۽ سندس والد وٽ ايترا پئسا نه هئا جو هو انهي
ذهني توازن وڃائي ويٺل پٽ جو اعلاج ڪرائي سگهي،جواني ۾ ذهني توازن وڃائي ويٺل انهي حنيف ملاح جي پيُ غربت هجڻ سبب علاج نه ڪرائڻ جا پئسا
هجڻ ڪري کيس لوهي سيخن سان گهر جي اڱڻ ۾ هڪ وڏو ڪلو هڻي ڪري سنگهرن سان ٻڌي ڇڏيو ۽
پوءِ ڪيترائي ميهنا گهر جي اڱڻ ۾ حنيف ملاح سنگهرن سان ٻڌل رهيو. نيٺ ڳالهه گهر
کان وٺِي پاڙي تائين پهتي ۽ پاِڙِي کانپوءِ اهو به واقعو سوشل ميڊيا جي زينت بڻيو
۽ ڪيترائي ڏينهن اها سگهنرن سان ٻڌل حنيف ملاح جي تصوير سوشل ميڊيا تي بحث جو مرڪز
بڻيل رهي ۽ پوءِ نيٺ ٽنڊي باگي جي صحافين انهي اشو کي اخبارن ۾ هاءِ لائيٽ ڪيو.مان
ٽنڊِي باگي جي انهن صحافين کي جس ٿو پيش ڪيا جن غريب مسڪين سنگهرن سان ٻڌل حنيف
ملاح جي اشو کي هڪ اهم اشو سمجهي ڪري خبرن جي صورت ۾ پوري دنِيا تائين پهچايو جنهن
بعد حنيف ملاح جون اهي سنگهرن سان ٻڌل تصويرون اخبارن ۾ شايع ٿيون ته جلد پاڪستان
پيپلزپارٽي جي عورت اڳواڻ فريال ٽالپر انهي خبر جو نوٽيس ورتو ۽ بدين ضلع سان تعلق
رکندڙ ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو ۽ جنرل سيڪٽري حاجي سائين بخش کي چيو ويو ته جلد
کان جلد ٻئي چونڊيل نمائيندا حنيف ملاح جي گهر وڃن ۽ وڃِي ڪري سندس سار سنڀال هلن
جنهن بعد ضلعي صدر ۽ جنرل سڪيٽري حاجي سائين بخش جمالي ۽ ضلي توڙي تعلقي واري
قيادت حنيف ملاح جي گهر پهتي ۽ حنيف ملاح کي سنگهرن کان آجو ڪرايو ۽ سندس پيُ کي
اهو يقين ڏياريو ته سندس پٽ جو اعلاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو ويندو جنهن بعد هڪ
سرڪاري ايمبولينس آندي وئي جنهن ۾ حنيف ملاح کي اعلاج لاءِ ڪراچي روانو ڪيو
ويو.پاڪستان پيلزپارٽي جي اهڙي نوٽِيس تي دل سان خوشي به ٿي آهي ته پاڪستان پيلزپارٽي عوام جي سار لهڻ شروع ڪري ڏني آهي پوءِ اها همدري الڪيشن ويجهو اچڻ جي هجي يا
هڪ انساني ناتي جي اها فريال ٽالپر ئي ڄاڻي ٿي. پر اکين ڏٺي ماحول مان اهو چئي
سگهجي ٿو ته پ پ پاران کنيل قدم واقعي ساراهه جوڳو آهي.پر ڳالهه رڳو حنيف ملاح ۽
گندي پاڻي مان گذرندڙ انهي جنازي تي ختم نه پئي ٿي.سنڌ اهڙن لکين حنيف نالن سان
ڀري پئي آهي ۽ سنڌ جو هر ننڍو وڏو شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي.انهي طرف به ڌيان
ڏيڻ جي ضرورت آهي،ڪالهه تازو بدين ويجهو نئوڪوٽ شهر جي هڪ مظلوم هاري سان جيڪو
ناحق ٿيو اهو شايد ئي ڪنهن کي ياد هجي پر مان سمجهان ٿو ته هن مضمون جي ذريعي اها
ڳالهه سموري عوام تائين پهچي ويندي جن جن جي نظرن مان ڪالهه جي واقعي واري خبر نه
گذري هوندي.بدين ڀرسان مولي ڏنو چانڊيو ۾ قهر ان وقت اچي هنُ
غريب جي گهر ۾ ڪڙڪيو جنهن وقت سندس 15سالن جي معصوم نِياڻي ميلريا جي بخار ۾ مبتلا
ٿي بيهوش ٿي وئي هئي ۽ زميدار اعلاج لاءِ پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو،اهو
مظلوم جنهن جو نالو شگهن ۽ ذات جو ميگهواڙ هو ڪيترائي در رليو ڪيترائي ئي در
کڙڪاياين پر سندس ڪنهن به مدد نه ڪئي ته هوُ سرڪاري اسپتال ۾ پنهنجي نياڻي وٺِي
انهي اميد سان روانو ٿيو ته من سندس 15سالن جي معصوم نِياڻي بچي وڃي ۽ سرڪاري
اسپتالن ۾ جيڪو اعلاج ٿي پيو انهي مان اوهين چڱي طرف واقف آهيو.۽ آخر اهو ئي
ٿيو.شگهن جي معصوم 15سالن جي نياڻي جيڪا غريب جي بکن اندر هڏڙن جو پنڃرو بڻجي وئي
اها معصوم هئي جنهن شايد هن ظالم ۽ ڏاڍ ۽ جبر واري سماج مان جان ڇڏائڻ کي ئي بهتر
سمجهيو ۽ پنهنجي پيءُ شگهن جي جهولي اندر دم ڌڻي حوالي ڪيو.شگهن جنهن جي کيسي ۾
ايترا پئسا به هئا جو هو معصوم جو لاش کڻائي ڪري ڳوٺ پهچي. آخرڪار ڪٿان به مدد جو
آسرو نه سمجهندي مري ويل معصوم 15سالن جي معصوم گڏڙي جو جنازو هنج ۾ کڻي ڳوٺ روانو
ٿيو.گهر جتي ماءُ جي ممتا جيڪا پهرين اکيون گهٽي ۾ ويجهو ويٺون هنيو ته ڄاڻ ته
منهنجي ڌي اچي ۽ اچي ٿي مونکي گلي لڳائي ۽ امان چوي.پر انهي ماءُ کي ڪهڙي خبر ته
انهي هنج خالي ٿي هوُ سندس نياڻي غريت ۽ ڀالن واري جنگ اندر معصوم موجود سميت زخمي
ٿي مري چڪي هئي،پر غريب جا سور اڃان به هلڪا نه ٿيا هئا شگهن وٽ ايترا پئسا نه هئا
جو هو اعلاج ڪرائي سگهي انهي شگهن وٽ ايترا پئسا ڪٿا ايندا جو هوُ ڌي جي ڪفن دفن
جو بندوبست ڪرائي سگهي.نيٺ شگهن سندس زميندار کان پئسا وٺڻ لاءِ ويو جتي زميندار
پئسا ڏيڻ بجاءِ کيس ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.ڪيڏو نه ظالم هو اهو انسان جنهن هڪ هزار
يا ٻه هزار به نه ڏنا انهي مسڪين کي ته هو وڃي ڪري پنهنجي نياڻي جو ڪفن دفن جو
بندوبست ڪري.ٻڌايو ويو هو ته ان وقت انهي غريب هاري جي گهر ۾ اٺ ڪلاڪ سندس نياڻي
جو لاش پيو هو جنهن بعد پاڙي واري ملي ڪري چندو ڪيو ۽ پئسا گڏ ڪري نياڻي کي دفن
ڪيو.هاڻي اوهان اندازو لڳايو ته اهڙا ڪيترائي شگهن هوندا هن سنڌ ۾.؟انڪري جيڪڏهن
فريال ٽالپر پنهنجي هڪ جيالي جي خبرن جو نوٽيس وٺِي سگهي ٿي ته اها شگهن جي خبرن
جو به نوٽيس وٺي ۽ اهڙي درندي صفت زميندار خلاف به ڪاروائي ڪرائي جنهن پنهنجي هاري
کي سندس ڌي جيدفنائڻ جو خرچ نه ڏنو.انڪري اسان چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت
کان اهو مطالبو ٿا ڪريو ته شگهن ميگهواڙ سان ٿيل ظلم جو ازالو ڪيو وڃي...
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment