18هين ترميم جو انت آخر ڇو؟؟؟گل مورو


صوبن کي خودمختياري ۽ پنهنجا حق ڏيارڻ لاءِ 18هين ترميم وڏي ڌام ڌوم سان پ پ واري دور ۾ بلوچستان جي ساحلي سمنڊ گوادر ڀرسان سمنڊ ۾ ٻيڙي تي چئني صوبن جي وڏن وزيرن، ملڪي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، صدر آصف علي زرداري جي نگراني ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون ۽ سڄي ملڪ ۾ ارڙهين ترميم جو جشن پڻ ملهايو ويو هو ته هن 18هين ترميم تحت هاڻ صوبن کي پنهنجا اختيار حاصل هوندا ۽ کوڙ سارا کاتا جيڪي وفاق جي حوالي ڪيتري وقت کان رهندا پئي آيا جن ۾ تعليم کان وٺي صحت، آرڪيالاجي، ثقافت کان وٺي عشر زڪوات تائين اهي سمورا کاتا ۽ صوبن جا معدني وسيلا انهن تي پڻ هاڻ وفاق جو نه پر صوبن جو حق هوندو. وڏي ڳالهه ته اڃا انهيءَ 18هين ترميم واري پنن تان مس سُڪي ئي نه هئي ته ان جي ٽن ڏهاڙن کان پوءِ وفاق راڄڌاني مان اهو انڪشاف ٿيو ته جيڪو معاهدو چئن صوبن جي وچ ۾ هن ترميم جي حوالي سان صوبن جي حقن کي ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو هو اهو معاهدو مرڪزي آفاقي الماڙي مان گم ٿي ويو آهي. حالانڪه ڏٺو وڃي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳي 40 وارن قرارداد دوران چئني فطري قومن گڏجي ڪري اهو معاهدو ڪيو هو ته ملڪي رياست اندر چئني رياستن کي پنهنجا بنيادي حق برابري جي بنياد تي حاصل هوندا ۽ صرف مرڪز کي 4 کاتا هوندا جڏهن ته ٻين سمورن کاتن تي صوبن جو ئي اختيار هوندو ۽ ان اختيار تحت ڌرتي ڌڻي پنهنجي وسيلن جا مالڪ پاڻ هوندا. پر ڏٺو وڃي ته ان تي ملڪي رياست عمل ڪرڻ کان ئي نابري واري ڇڏي هئي جنهن جي ڪري فطري قومن خاص طور تي بنگالين، بلوچن ۽ سنڌين ۾ احساس محرومي وڌي هئي ۽ انهيءَ جي ڪري جڏهن اهڙي روش جي خلاف سڄي ملڪ اندر ڌرتي ڌڻين احتجاج ڪيو ته ان جي نتيجي ۾ ون يونٽ لاڳو ڪري سمورين فطري قومن کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي نه فطري قومن جي ٻولي تسليم ڪئي وئي نه وري انهن جا بنيادي حق تسليم ڪيا ويا جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اڳتي هلي انهيءَ بنياد تي بنگال وارو سانحو پيش آيو ان کان پوءِ به ڏٺو وڃي ته اها ساڳي روش ورجائي وئي جنهن جي ڪري ڪافي وقت کان صوبن ۽ وفاق وچ ۾ جيڪو ٽڪراءُ رهيو ان جو سبب به اهو ئي هو ته صوبن جي ملڪيتن ۾ مرڪز جون نگاهون آهن ۽ اهو اڳتي هلي وڏو ممڻ مچي سگهي ٿو انهيءَ سلسلي ۾ هن وقت به جيڪو سڄي ملڪ اندر بحراني ڪيفيت نظر اچي پئي ان جا سبب به اهي ئي آهن ته جنهن احساس محرومي جون ڳالهيون ڪيون پئي ويون اها ئي احساس محرومي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي ۽ گهٽجڻ بجاءِ هاڻ ته اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته نه رڳي وفاق 18هين ترميم کي ختم ڪري نئين سر صوبن جا ٿورا گهڻا مليل اختيار به پاڻ وٽ رکڻ ٿو چاهي پر ايتري قدر جو اها به ميڊيا ۾ ڳالهه اچي وئي آهي ته هاڻي صوبن اندر تعليم، تعليمي بورڊ، يونيورسٽين کان وٺي ننڍن وڏن اسڪولن ۾ ٿيندڙ امتحانن وارا اختيار به هاڻ وفاق جي حوالي هوندا جنهن جون تياريون پڻ ڪيون ويون آهن جڏهن ته 18هين ترميم جي خاتمي جو بنياد اهو ڄاڻايو ويو آهي ته چونڊيل ميمبرن درخواستون ڏنيون آهن ته مرڪز کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ۽ انهن درخواست ڏيندڙ چونڊيل ميمبرن جو جيڪڏهن پيرو کڻجي ته انهن سڀني جو تعلق وڏي ڀاءُ يعني پنجاب سان آهي. ڪيڏي نه حيرت جوڳي ڪهاڻي آهي جو هر مسئلي تي اهڙو ته اڙانگهو پنڌ بڻايو پيو وڃي ۽ مسئلن کي عوام جي ڳچي ۾ وڌو پيو وڃي جو هميشهه اهو پنهنجن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل هجي ۽ سندن خلاف ڪو آواز به نه اٿاري سگهي اها روش هن وقت تائين جيڪا جاري رهي آهي ان پٺيان اصل ۾ انهن ئي قوتن جو هٿ جن هميشهه ڪڏهن اسلام ۽ ڪفر جي نالي ۾ ته ڪڏهن وري جمهوريت ۽ نيم جمهوريت جي نالي ۾ ۽ ڪڏهن وري مرڪز کي خطري جي نالي ۾ اهڙا ئي ڪڌا ڪم ٿيندا رهيا آهن. هن وقت جڏهن ملڪي حالتون انارڪي واري صورتحال سبب ڏينهون ڏينهن خراب بڻيل هجن وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن کان وٺي ٻولين واري مسئلي تي وڇوٽيون هجن ۽ ڪو به ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هجي انهيءَ صورتحال ۾ اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ مان اهو واضح ٿئي ٿو ته اڃا به تاريخ مان سبق ناهي پرايو ويو ڇو ته هن وقت بلوچستان جون حالتون ڪنهن کان ڳجهيون ڪو نه آهن نه وري سنڌ اندر جيڪي ڪار گذاريون ٿين پيون يا وري جيڪي ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا انهن کي انهن جي زبانن تي تالن هڻڻ جي ڪوشش ٿيندي هجي اهڙي صورتحال ۾ اها انارڪي پيدا ڪرڻ ڄڻ ته ڄاڻي واڻي رياست سان دشمني ڪئي پئي وڃي. جڏهن اها خبر آهي ته ملڪي اندروني حالتون ته خراب ئي خراب آهن پر ان سان گڏوگڏ جيڪو بيروني دٻاءُ ڏينهنون ڏينهن ملڪي ادارن مٿان وڌندو پيو وڃي ۽ پاڙيسري ملڪن افغانستان کان وٺي ايران تائين يا وري خارجي سطح تي ملڪ کي جيڪا اڪيلائپ وارو منظر نظر اچي پيو ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته هن وقت سموري دنيا جون نظرون ڄڻ ته هن خطي تي ئي کتل آهن ۽ هن کيل پٺيان به سامراجي قوتن جو ئي هٿ  آهي ته ڪهڙي به طريقي سان ملڪ اندر اهڙي ته خانه جنگي واري صورتحال بڻجي وڃي جنهن سان کين فائدو رسي سگهي. تازو آمريڪا پاران پاڪستان جي ايٽمي هٿيارن وارين ستن ڪمپنين تي پابندي کان وٺي افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کان وٺي پاڪ ڀارت تعلقات جيڪي انتهائي ڪشيدهه نظر پيا اچن انهن حالتن ۾ ملڪ اندر اهڙا غير فطري فيصلا ڪرڻ مان مراد اها ئي آهي ته اڄ به اهي ئي قوتون جن هميشهه ملڪ کي وڌيڪ مسئلن ۾ ڦاسائڻ لاءِ اهڙا ته غير فطري فيصلا ڪيا جن جي ڪري عوام اڄ ڏينهن تائين سندن غير فطري فيصلن جي ڪري عذاب ڀوڳي پيو. حالانڪه هي وقت ته اهو آهي ته گڏجي ڪري وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڀائيچاري وارو ماحول بڻجي ۽ سڀني جو هڪ ٻئي تي اعمتاد هئڻ گهرجي جڏهن به بد اعتمادي پيدا ٿيندي آهي ته اتي مسئلا ئي پيدا ٿيندا آهن ۽ جڏهن اهي مسئلا وڌي وڻ ٿي ويندا آهن ته پوءِ حل ڪرڻ به انتهائي ڏکيا ٿي پوندا آهن. اڃا هن 18هين ترميم کي ڪو ڏهاڪو سال به ناهن گذريا ته پوءِ آخر ڪهڙي وفاق کي ضرورت محسوس ٿي آهي جو تڙ تڪڙ ۾ هٿ ٺوڪيون درخواستون پهچي ويون ۽ انهن جي درخواستن اچڻ کان پوءِ وفاقي سرڪار ڪاميٽيون پڻ جوڙي ڇڏيون آهن ۽ اهي تياريون به ڪيون ويون آهن ته هن ئي اليڪشن کان اڳي ئي اڳي هن ترميم کي ختم ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ۽ سينيٽ مان اهو بل به پاس ڪرايو ويندو. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ پ پ جنهن جي سرواڻي ۾ وڏو رينگٽ ڪيو ويو هو ته هن ترميم جي اچڻ کان پوءِ ننڍن صوبن جي احساس محرومي ختم ٿي وئي آهي ۽ ننڍن صوبن اندر اصل کير جون نديون وهڻ شروع ٿي ويون آهن ٺيڪ آ ائين نه ٿيو هجي پر جيڪي ٿورا گهڻا صوبن کي اختيار وفاق پاران منتقل ڪيا ويا هئا انهن کي وري واپس وفاق جي حوالي ڪرڻ تي ڏسجي ته پ پ ڪو احتجاج ڪري ٿي يا نه ٿي ڪري ڇو ته هن وقت به اهي پاڻ سنڌ حڪومت ۾ هجڻ سان گڏ وفاق اندر اپوزيشن واري سيٽن تي موجود آهن ۽ ان سان گڏ اهو پڻ ڏسڻو آهي ته ن ليگ جيڪا هميشهه دعويٰ ڪندي رهي آهي ته اها ننڍن صوبن جي احساس محرومي جو سندن دل ۾ درد رهي ٿو اها هن صورتحال ۾ هن مسئلي تي ڪهڙو ٿي فيصلو ڪري. هونئن به ڏٺو وڃي ته وفاق هر مسئلي تي ڪو نه ڪو بهانو بڻائي پنهنجو فيصلو مڙهيو آهي ۽ ان سان مسئلا ئي وڌيا آهن ۽ ڏنڊي جي زور تي ان تي عمل به ڪرايو ويو آهي اهڙو ئي تاريخي واقعو مغربي ۽ مشرقي پاڪستان جي اسپيڪر مولوي تميزالدين وارو واقعو ئي آهي جنهن جي مٿان ٽائيپ رائيٽر چوري جو الزام لڳايو ويو هو ۽ اهو ڪيس ان وقت ساهتي پرڳڻي جي عظيم شخص چيف جسٽس سنڌ محمد بخش ميمڻ وٽ ٻڌڻ آيو هو ۽ ان کي سزا ڏيڻ لاءِ سندس ڪراچي واري گهر تي ان وقت جي وزير خارجه اسڪندر مرزا ملڪي صدر ۽ وزيراعظم جو حڪم نامون کڻي آيو هو ته ڪهڙي به طريقي سان هن کي سزا ڏيڻي آهي پر هي مهان شخص ئي هيو جنهن کيس منهن تي جواب ڏئي ڇڏيو ۽ رات جو 354 صفحن تي تاريخي فيصلو لکي صبح جو عدالت پهچي مولوي تميزالدين کي آزاد ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيائين اڃا آزاد ڪرڻ واري فيصلي کي هڪ ڪلاڪ ئي نه گذريو هو ته نوشهروفيروز جي ٿاڻي تي جسٽس محمد بخش ميمڻ جي خلاف هڪ نينگر سان زيادتي جو الزام هنيو ويو هو پر ان مڙس مٿير پوءِ به آڻ نه مڃي. سو لازمي طور تي جيڪڏهن هن 18هين ترميم واري جي خاتمي لاءِ پارليامينٽ ۾ ڪو فيصلو ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ ڏسڻو اهو آهي ته جسٽس محمد بخش ميمڻ جيان موجودهه عدليه ڪهڙو قدم ٿي کڻي. سو هنن حالتن ۾ هن اهم مسئلي تي جڏهن صوبن ۽ وفاق وچ ۾ ٽڪراءَ واري صورتحال هجي اتي عدالت کي به ان ڳالهه جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته هي آخر هن رياست اندر ڪهڙو کيل کيڏيو پيو وڃي.

No comments:

Post a Comment