سنڌ
۾ پاڻي صحت بجلي تعليم جو ڪافي سالن کان بحران رھيو سو اڄ به زورن سان بحران جاري
آھي سرڪاري اسڪول سوين نه ھزارين زبون حالي جا شڪار جيڪي ميڊيا ظاھر ڪيا آھن پر
اڃان به ڪافي اھڙا ڪردار آھن جيڪي مين روڊ تي کلي آسمان پنھجي جاکوڙ جاري رکندا
اچن جنھن جو ننڍڙو مثال راڄوخاناڻي جي وارڊ نمبر 3 منو ملاح ۾ مين روڊ سان لڳ قائم
ھڪ پرائيوٽ اسڪول آھي ھي پرائيوٽ اسڪول جنھن جو بنياد ڳوٺاڻن پنھجي مدد پاڻ تحت
سال 2011 ۾ رکرايو جيڪو سال 2018 تائين به بي يارو مددگار مين روڊ سان لڳ ڪنھن
اکين جي اوسئيڙي ۾ رھي پنھجي جاکوڙ ۽ ڪاوشون پڻ جاري رکندو اچي ھي پرائيوٽ اسڪول
جنھن جي ڪا بلڊنگ ناھي ڪکاوين جوپڙي اندر اسڪول ۾ ڪا به سھولت نه آھي ٽٽل بئنچون ۽
ھڪ ورتل پنھجوببليڪ بورڊ جنھن تي استاد طرفان لکيل درس سکيا ۽ علم جي پوک معصوم
ٻارڙا بي چين اکين سان ڪيپچر ڪري پنھجي معصوم ھٿن ۾ پڪڙيل قلم سان ٽٽل ڦٽل نوٽ بوڪ
تي اتاري ياد پڻ ڪندا آھن ۽ مليل سبق وري گھر وڃي ياد پڻ ڪندا آھن ھن اسڪول ۾
معصوم ٻارڙن جو تعداد وديڪ آھي پر حاضر 53 ٻار جيڪي پنھجي تعليمي سرگرمين ۾ مصروف
ڏٺاسين ھي اسڪول ڳوٺ منو ملاح جي رھواسين پنھجي مدد پاڻ تحت ڪکاوين جوپڙي اڏاوت
ڪري تنھن ۾ ڳوٺ منو ملاح جو ئي رھواسي زاھد ملاح ڳوٺاڻن طرفان استاد مقرر ڪري رکيو
ويو آھي جيڪو سال 2011 کان ھن اسڪول ۾ معصوم ٻارڙن کي تعليم علم سان روشن ڪندو رھي
ٿو ھن اسڪول ۾ ڪا به سھولت نه آھي ڪٿان به ڪامدد نه ملندي آھي ڳوٺاڻن طرفان ئي
اسڪول ۾ مقرر ڪيل استاد کي پگھار ڏنو ويندو آھي ھن اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارڙا جي آر ۾
ڳوٺ ڪنڊو ملاح اسڪول ۾ داخلا اٿن پر اسڪول جو پند پري ھئڻ ڪري والدين طرفان گھرن
اڳيان مين روڊ تي اسڪول ٺاھي ڏنو ويو آھي ھي اسڪول راڄوخاناڻي سان لڳ ڀڳ مين روڊ
تي ئي آھي ھن روڊ تان تڪ جا ايم پي اي ايم اين اي پر گذر ڪن ٿا ايترو ئي نه
بدقسمتي سان ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر راڄوخاناڻي ۾ ئي رھن ٿا روزمره انھن جو
ھن اسڪول جي ڀرسان گاڏي جو لنگھ ٿيندو رھي ٿو پر ڪڏھن ڪو به چونڊيل نمائينده يا
اڳواڻ ھي روڊ تي قائم ڪيل جوپڙي ۾ ٻه پير ڀري لھي نه آيو نه ئي اسڪولي ٻارڙن مٿان
ڪنھن شفقت جو ھٿ رکيو نه ڪا حوصلاافزائي نه ئي ڪا داد رسائي لاتعلق بڻيل ھي
پرائيوٽ اسڪول ھر سياسي سماجي ماڻھن جي نظر کان ڪافي سالن تائين دور رھيو پر ھي
ڪاوشون وديڪ ڪاوشون ڪندڙ جي ڳولا ۾ آھن ڪو اھڙو مددگار جيڪو پاڻ لھي اچي ھن اسڪول
۾ معصوم ٻارڙن لا۽ ڪتاب سميت ٻيون سھولتون پڻ آڻڻ جي جاکوڙ جاري رکي اھڙو ڪردار
اڃان تائين ھن ڳوٺ منو ملاح جي پرائيوٽ اسڪول کي نه ملي سگھيو آھي بنا ڪنھن جي مدد
جي به ڳوٺاڻن جون پنھجون ڪاوشون سال 2011 کان 2018 تائين ھلندڙ آھن ڪاش ھن تڪ ۾
ايندڙ اليڪشن ۾ اليڪشن تي بيھندڙ اميدوارن جي دل ۾ ذرو ڪو احساس جاڳي پوي اليڪشن
کان اڳ اچي ڪو ھن راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ منو ملاح جي پرائيوٽ اسڪول ۾ پڙھندڙ معصوم
ٻارڙن لا۽ پاڻي جي ڪولر ڪرسين ۽ ڪتابن جو بندوبست ڪري تعليم لا۽ جاکوڙڻ ڪاوشن ۾ ھن
ڳوٺ جي ڳوٺاڻن سان دلي شريڪ ٿي سگھن ذري حوصلي ملڻ سان ٿي سگھي ٿو ڪجھ سال وري ھي
ساڳيو اسڪول مضبوط ترين ٿي معصوم ٻارڙن لا۽ علم جو خزانو آڻيندو رھي ۽ جيڪي مال
چاڙڻ ۾ مصروف رکيل معصوم ٻارڙا آھن انھن جي والدين کي به گھرجي ته ھو پنھجي ايندڙ
مستقبل لا۽ پنھجي معصوم ٻچن جي تعليم کي محفوظ بڻائڻ لا۽ پنھجا ٻارڙا مال چارڻ جي
بجاء صبح جو اسڪول موڪلي علم سان نوازي سگھن ايندڙ نسل جو سوال آھي جئين پاڻ محروم
رھيا آھيون ٿي سگھي ايندڙ وقت پنھجو ئي اولاد تعليم جي زيور سان بھارون رونقون
روشنيون ٿي پنھجي ئي ڳوٺن ۾ اڀرن
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment