بيشڪ
خدا جنهن کي چاهي عزت ڏئي جنهن کي چاهي ذلت ڏئي, پر عزت ۽ ذلت جو دارومدار انسان
تي به آھي, ڊاڪٽر سڪندر شورو صاحب هيء جيڪا معاشري جي اندر توهان جي عزت آھي برابر
اها خدا جي طرفان ئي عطا ٿيل نعمت آھي پر
هزارين عام ماڻھن توهان کي ووٽ ڏئي اها عزت ضرور بخشي آھي جو اڄ توهان نه رڳو تڪ
جي اندر پر پارٽي جي اندر به ممتاز حيثيت رکو ٿا, فرض ڪجي ته عوام توهان کي ووٽ ڏئي اسيمبلي
تائين نه پهچائي ها ته پوء ڇا هجي ها, قبلا پوء
به توهان جي معاشري جي اندر معتبر حيثيت ضرور هجي ها پر ائين پروٽوڪول توهان وٽ نه
هجي ها, توهان وٽ اختيار نه هجن ها, اهو عوام جو ووٽ ئي آھي جنهن جي بددولت توهان
منسٽري جي مسند تي فائض آھيو ,هڪ عوامي چونڊيل نمائندي جي وچ ۾ ۽ عام ووٽر جي وچ ۾
ويساه جو رشتو هجي ٿو, عام ماڻھو ووٽ ڏئي هڪ نمائندي کي پنهنجي بنيادي حقن جو
محافظ بڻائي ٿو, اهو به ياد رکڻ گهرجي ته هڪ چونڊيل نمائندو باقي خلق جي خدا جي
عزتن جو امين هجي ٿو, اهو ويساه جو ئي رشتو آھي جو تڪ جو عوام اڄ تائين توهان تي
ويساه ڪندو ٿو اچي, جيڪي اميدون رکي عوام توهان کي ووٽ ڏنو ڇا تڪ جي اندر انهن
ماڻھن جون اهي اميدون پوريون ٿيو آھن, جيڪي اميدون هنن توهان جي انتخابي نشان تي
ٺپو هڻڻ وقت هنيان ۾ سانڍيو هيون, قبلا اڄ
به مانجهند جو عوام اهو پاڻي پي رهيو آھي جيڪو پاڻي حيوان جي به پيئڻ جي لائق ناهي,
پاڻي ته انسان جو بنيادي حق هجي ٿو پوء اهو بنيادي حق ايترو گدلو ڇو؟ اهو ته توهان پاڻ ئي دل تي هٿ رکي ٻڌايو ته
ڏھن سالن جي حڪومت ۾ توهان جي صوبائي تڪ ۾ عوام جي ڪهڙيون بنيادي ضرورتون پوريون
ٿيون آھن, توڻي جو عوام جي هڪ به اهڙي اميد پوري ناهي ٿي سگهي جنهن اميد جي پوري
ٿيڻ تي توهان فخر سان
ڳالھ ڪريو ته عوام جي هي ضرورت پوري ٿي,قبلا پوء
به عوام توهان سان ويساه جو رشتو نه ٽوڙيو عوام توهان کي پنهنجي دل ۾ خاص جاء ڏئي
ٿو, اهو توهان جو ذاتي شخصيت جو اثر آھي, توهان جو ڪردار توهان جو ذاتي اخلاق ته
عوام مٿان اثر ڇڏي ٿو, پر سياسي طور توهان پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته ڇا پيئڻ جو پاڻي
صاف نه ملڻ کانپوء عوام توهان کان منهن ڇو نٿو موڙي…؟هينئر مانجهند شھر
نئين تڪ بندي جر ڪات سان اوهان کان ڪٽيو ويو آھي, جيڪا ڏُک جي ڳالھ آھي ڇاڪاڻ جو
توهان جو پوء به عوام سان ڪجھ سڌو رابطو هو, پر هاڻ مانجهند شھر ۾ رهندڙ اوهان جا
پرستار وزير اعلي کي ووٽ ڪندا, پر توهان جي ذاتي اثر ڪري انهن ماڻھن جو اڄ به پيار
وارو قبلو اوهان جو ئي بنگلو هوندو،هاڻ جڏهن تڪ بند تبديل ٿي ويو آھي ۽ توهان جي
اسيمبلي ميمبر جي مدي ۾ ٻه مهينا مس بچيا آھن, اهي ٻه مهينا ڳالهين ۾ گذري ويندا, ويندي
ويندي توهان کي هڪ ڳالھ ياد ڏياريندو هلان ته,سائين 3 مهينا پهريان توهان مانجهند
شھر ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي ڪيل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ سوين ڪرڪيٽرز جي
شائقين جي سامهون واعدو ڪيو ته هو ته مانجهند جي نوجوانن کي ڪرڪيٽ جو گرائونڊ ڏنو
ويندو ان
ٽورنامينٽ ۾ توهان مانجهند جي لنڪ روڊ کان ٿيندا بازار مان لنگهي گرائونڊ تي آيا
هُئا،قبلا توهانکي ياد هوندو ته توهان خود چيو هو ته مان مانجهند جي بازار ڏسيو
پيو اچان حددخلين ۽ روڊ ٽٽي وڃڻ ڪري توهان کي تڪليف ضرور ٿيندي هوندي قبلا توهان
کي اسان شھر واسين جي تڪليف جو احساس ٿيو, جيڪا هڪ انسان جي درد کي سمجهندڙ خاص
ماڻھو جي نشاني آھي،بهرحال توهان مانجهند جو روڊ ٺھرائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو, هاڻ جڏهن
توهان تڪ جي صورت ۾ اسان کان پري ٿي ويا آھيو, تڏھن توهان تي اهو فرض ٿو ٿئي ته
لنڪ روڊ جو واعدو پورو ڪريو, جيئن روڊ
ٺھڻ کانپوء اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي ٻڌائي سگهون ته اهو روڊ صوبائي ميمبر جناب
ڊاڪٽر سڪندر شورو صاحب ٺھرايو هو، توهان اهو سوچي به نٿا سگهو ته هڪ روڊ توهان
کي ماڻھن جي دلين ۾ 30 سالن تائين زنده رکندو, ماڻھو نيٺ سوء ورهيه پورا ڪري ٿو وڃي پر هن
جو هڪڙو ڪم هن کي سدائين لاء زنده رکيو ايندو آھي,اميد ته توهان کي ضرور لنڪ روڊ تعمير ڪرائڻ جو واعدو ياد
هوندو, ۽ توهان هڪ سُٺي ايماندار چونڊيل نمائندي جو فرض نڀائيندي عوام کي ان تڪليف
مان ڇوٽڪارو ڏياريندو جيڪا تڪليف خود توهان به مانجهند جي بازار مان گذرندي محسوس
ڪئي هُئي، هيءُ
کُليل خط فقط توهانکي ان لاء لکي رهيو آهيان جو توهان ماڻھوء جي درد کي محسوس ڪريو
ٿا، مان توهان
جي قافلي ۾ جڏھن به ڏٺو آھي ته عام غريب ماڻھن کي ڏٺو آھي، انڪري حجت ۽ مطالبو به ان ماڻھوء سان ڪري
سگهجي ٿو، جنهن ماڻھو ۾ پڪ هجي ته هتان ئي داد جو فرياد ٿي سگهي ٿو، هڪ اميد سان ٿا موڪلايون ته ضرور اسان جي هن خط کي مان ملندو، توهان جي صحت توڻي طويل عمر لاء هر وقت نيڪ
تمنائون دل ۾ رهنديون،
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment