سنڌ ۾ روز حادثن سبب مرندڙ ماڻهو، واهر ڪير ڪندو؟ درياءُ خان جهتيال / دادو

سنڌ ۾ حادثاتي موت روزاني وڌي رهيا آهن جن ۾ گهڻي لاپرواهي شهر جي انتظاميا جي هوندي آهي، اسان اهڙا ڪيترائي حادثا ڏٺا ۽ اخبارن ۾ پڙهيا آهن جن ۾ خاص سبب انتظاميا جي لاپرواهي جو هوندو آهي، حالانڪہ ٿوري حد تائين اسان پاڻ بہ ذميوار هوندا آهيون پر گهڻو ڪري انتظاميا جي ڪن لاٽار سبب اهي حادثا ٿين ٿا، اهڙا حادثا جنهن سان نہ رڳو خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون، پر گهرن ۾ روٺ راڙو مچي وڃي ٿو، جنهن سان گهرن جي اڱڻن تي خوشبو ڏيندڙ گُلن جي خوشبو ختم ٿي وڃي ٿي، اهڙن حادثن سبب والدين تي قيامت ڪڙڪي پوي ٿي، هوئن تہ حادثاتي موت اڪثر روڊ حادثن جي سبب جي ڪري گهڻا ٿين ٿا پر گهڻا حادثا انتظامي نااهلي سبب بہ هاڻي معصوم ٻار بہ مري رهيا آهن، سنڌ جي تقريبن ننڍن، وڏن شهرن ۾ اسان ڏٺو آهي تہ انهن شهرن ۾ نالن جي گٽرن جا ڍڪڻ نہ تقريبن کليل هوندا آهن ۽ اهي ڊگها واڳون جي وات جيان ڦاٽل گٽر معصوم جانيون ڳڙڪائي ويندا آهن، ڪيترن ئي اهڙن واقعن مان ڪجهہ قيامت جهڙا واقعا بيان ڪيون ٿا جيڪي ٿوري وقت جي اندر ٿيا آهن، اهڙن واقعن مان دادو شهر جي پير بخش ڪالوني ۾ هڪ واقعو ٿيو پيش آيو هو، پير بخش ڪالوني جو معصوم گهران شئي وٺڻ لاءِ نڪري ويو، اهو معصوم ٻالڪ ڪالوني جي هڪ کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، جنهن جي والدين مٿان قيامت ڪڙڪي هئي، اڃا سنڌ جو اهو سور تازو ئي هو تہ وري هڪ واقعو سکر ۾ پيش آيو، سکر ۾ ڪجهہ ڏينهن اڳ هڪ ٻالڪ بنا ڍڪڻ واري گٽر ۾ ڪري پيو، جنهن سبب معصوم ٻارڙو پنهنجي ماءُ جي جهولي مان هميشهہ لاءِ کسجي ويو، اهو واقعو بہ قيامت کان گهٽ نہ هو، هڪ واقعو ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ پيش آيو، اتي هڪ اونهي گٽر معصوم زندگي کي ختم ڪري ڇڏيو، اڃا اُن ڏُک جا ڪڪر ئي آسمان تان نہ هٽيا تہ اوچتو وري سنڌ جو هڪ ٻيو معصوم ٻچڙو حادثاتي موت جو شڪار ٿي ويو، اهو واقعو حيدر آباد ۾ پيش آيو، ٻہ ڏينهن اڳ حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ واقعو پيش آيو آهي، جنهن تہ والدين تي قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي، تازا ٿيل اهي چارئي واقعا والدين لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهن، ڪنهن آفت کان گهٽ ناهن، ڪنهن قيامت کان گهٽ ناهن، حيدر آباد شهر جي تعلقي قاسم آباد ۾ جيڪو ٻہ ڏينهن پهرين حادثو پيش آيو ان جي ذميوار بہ اتان جي مقامي انتظاميا هئي جنهن جي لاپرواهي اها هئي جو انهن واڳون نمان گٽرن تي ڍڪڻ نہ لڳائڻ ضروري نہ سمجهيو ۽ جنهن سبب هڪ معصوم زندگي هميشهہ لاءِ پنهجي امڙ ۽ پنهنجي بابا کان جدا ٿي وئي، قاسم آباد جي علائقي سئي گئس سوسائيٽي ۾ ٻن سالن جو معصوم ٻالڪ محمد نايان کوکر پُٽ ڪامران علي کوکر شادي تقريب دوران راند ڪندي تقريب جي پنڊال کان ٿورو ٻاهر نڪري ويو ۽ واڳون نمان گٽر ۾ ڪري پيو، ان گٽر جو ڍڪ کليل هو، معصوم ٻالڪ محمد نايان کوکر جي ڳولا لاءِ وارث پريشاني ۾ وٺجي ويا ۽ ٻالڪ جي هڪ ڪلاڪ تائين ڳولا ڪندا رهيا تہ شادي تقريب ويجهو ئي معصوم ٻالڪ محمد نايان جو لاش هڪ واڳون نمان گٽر مان مليو، ان وقت اهي قيامت جا منظر ئي هوندا جيڪي معصوم محمد نايان کوکر جي والدين جي مٿان ڪڙڪيا هوندا، هُنن لاءِ هي ڌرتي ڌُڏي هوندي، اکين جي اڳيان اونداهہ اچي وئي هوندي، جنهن وقت معصوم زندگي جو لاش هُنن جي هٿن ۾ هوندو، معصوم محمد نايان کوکر جو ڪهڙو ڏوهہ هو؟؟ هُن جي گُلن واري خوشبو کي ائين ڪنهن نپوڙي ڇڏيو؟؟ هُن پنهنجي زندگي کي وڌيڪ ڇو نہ ڏٺو؟؟ هُن جون خواهشون پوريون ڪرڻ لاءِ هُن جي بابا کي موقعو ڇو نہ مليو؟؟ بس ايئن ئي ڪيترائي دِل ڏکوئيندڙ سوال پيدا ٿين ٿا، جنهن جا جواب شايد قاسم آباد جي مقامي انتظاميا وٽ نہ هجن، سنڌ ۾ اهڙا واقعا هر روز ٿين ٿا جن مان ڪجهہ واقعا اخبارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا تہ جيئن حڪومتي انڌي انتطاميا اهڙن حادثاتي موتن تي ڪجهہ نہ ڪجهہ محسوس ضرور ڪري، پر حڪومتي نمائندن بہ اهڙن موتن جو ٺيڪو کڻي ڇڏيو آهي، انهن پنهنجا احساس هيمشهہ ختم ڪري ڇڏيا آهن، هي واقعا جيجل امڙ ۽ والدن لاءِ قيامت کان اڳ قيامت جا منظر آهن، اهڙن واقعن سبب نہ رڳو جيجل مائرن جي جهوليون خالي ٿين ٿيون پر انهن جي گهرن ۾ گُلن جيان خوشبو ڏيندڙن گُلن جي خشبو کي بہ هميشهہ لاءِ ختم ٿي وڃي ٿي، اهي گُل هميشهہ لاءِ ڪمائجي وڃن ٿا، اهڙن گُلن کي اهي واقعا هيمشهہ لاءِ ختم ڪري ڇڏين ٿا، انهن جو ذميوار ڪيرآهي؟، انهن حادثن جو ڏوهي ڪير آهي؟، اهڙن واقعن جو ڪنهن کي ڏوهي چئجي؟، دادو انتظاميا، سکر انتظاميا، سچل ڳوٺ انتظاميا، قاسم آباد انتظاميا جي ئي اها لاپرواهي آهي، انهن سمورن کان بجيٽن جي انڌوڪار ۾ هڙپشن جي ڪري بس ايتري بہ بچت نٿي ٿئي جو پنهنجن علائقن ۾ ٻيو ڪجهہ يا ڪم نہ ئي سهي پر گهٽ ۾ گهٽ ڀلا علائقي جي گٽرن جا ڍڪ تہ لڳرائن، انهن گٽرن کي تہ بند ڪرن جن جو وات معصوم جانيون ڳڙڪائڻ لاءِ واڳون جيان ڦاٽل رهي ٿو، جيڪي معصوم محمد نايان کوکر جهڙن ٻالڪن کي ٻوڙي ماري ڇڏين ٿا، سنڌ جي هر شهر ۾ هر ڏينهن اهڙي قيامت برپا ٿئي ٿي، جيڪا قيامت ماءُ جي اکين مان ڳوڙهن جو قطارون وهائي ٿي، والدين جون خواهشون ختم ڪرير ڇڏي ٿي، آخر سنڌ ۾ اهڙو نظام ڇو جيڪو رڳو موت سان گڏ بيٺل هجي؟ سپريم ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس ڪجهہ ڏينهن اڳ حڪم ڪيا هئا تہ ڪجهہ ڏينهن ۾ ڪراچي صاف کپي، نہ ڪاراوئي تيز ڪنداسين، ان لاءِ اسان وري بہ اعليٰ عدالت جي معزز چيف جسٽس سميت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس کي هٿ ٻڌي، والدين جا ڳوڙها اکين ۾ ساڻ ڪري اپيل ڪنداسين تہ سڀني شهرن جي انتظاميا کي اهي حڪم ڪيا وڃن تہ اهي صفائي سميت کليل گٽرن جا ڍڪ بہ لڳائن تہ جيئن جيجل مائرن جون جهوليون ايئن خالي نہ ٿين، انهن جون ٻچڙن جون معصوم جانيون ايئن ضايع ٿين، انهن جي بچڙن جون جانيون بچي سگهن.

No comments:

Post a Comment