عظمي ڪليري جي خون سان انصاف ڪير ڪندو/ اعتزاز احمد چانگ


سنڌ ۾ هر روز هزارين ظلم جا واقعا پيش اچن ٿا جيڪي ميڊيا تي اچڻ کان پهرين ڪنهن جاگيردار جي پيسن سان ڀريل بيگ جي هيٺيان دٻجي وڃن ٿا, يا ته ڪنهن ٽارچر سيل ۾ ظلم سهندي سهندي اتي ئي دفن ٿي وڃن ٿا. انصاف لاء ٻاڏئيندڙ مائرون ۽ پيء احتجاج ڪندا ۽ هنجون هاريندا رهن ٿا, پر هن ملڪ ۾ سنڌي قوم لاء انصاف گهرڻ ائين ئي آھي جئين ٻٻر کان ٻير گهرڻ. جئين گذريل ڪيترن ئي سالن کان فضيلا سرڪي جا وارث انصاف لاء دانهون ڪندا رهن ٿا پر اسان جي ملڪ جي اردو ميڊيا تي به ڪورٽ ٻاهران بيٺل مجسمي جيان اکين تي ڪاري پٽي ٻڌل آھي.ھن دور ۾ سنڌي قوم لاء ته انصاف گهرڻ به ڏوھ آھي, ٻيو ته ٺھيو پر هن ملڪ ۾ جمهوري حڪومت جو ڊنڍورو ڪندڙ  حڪمرانن اڳيان سوال ڪرڻ يا ڳالهائڻ به اهڙو ئي گناھ آھي جهڙو پراڻي دور ۾ ڪنهن بادشاھ خلاف ڳالهائڻ ڏوھ ھوندو ھو, ته پوء ڇا هي حڪومت جمهوري سڏائڻ جي لائق آھي?? هي ڪهڙي جمهوريت آهي جتي انصاف پيسن تي وڪامندو هجي, جتي جان جي قيمت فقط هڪ گولي هُجي, جتي غريب جا ننگ وڏيرن جي عاليشان بنگلن ۾ جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيندا هجن, جتي نياڻيون غيرت جي نالي تي قتل ڪيون وينديون هجن, جتي چار سالن جي نياڻي جيڪا ڪنهن گلاب جي گل جيان معصوم لڳندي هُجي ۽ ان جي هٿ ۾ قلم ۽ سليٽ هجڻ گهرجي, اها نياڻي وحشي جانورن جي ور چڙھي مرجهائجي ويندي هجي ۽ سندس وارث قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاء خود هر گهڙي جيئندا ۽ مرندا هجن, جتي جا ماڻھون هڪ ٻئي سان جانورن کان به بدتر سلوڪ ڪندا هجن, جتي جا منسٽر عوام جي پيسي تي ڏاٺ به لنڊن مان ڪڍرائيندا هجن, جنهن ملڪ جا سڀ ادارا, سياسي توڙي قانون نافذ ڪندڙ, هڪ ڪرپٽ ماڻھو کي بچائڻ لاء ننهن چوٽي جا زور لڳائيندا هجن, جتي جي حڪمرانن جا گهوڙا ۽ ڪڪڙ ته بادام کائيندا هجن پر معصوم ٻار بک کان مرندا هجن, ڇا جمهوريت اھڙي هوندي آهي??  اهيا اگر جمهوريت آھي جنهن ۾ انسان نه جي سگهندو هجي نه مري سگهندو هجي  ته پوء آئون چوان ٿو اهڙي جمهوريت کان ته مارشلا ڀلي آھي, جا سڪون سان مرڻ ته ڏيندي,اسان سنڌي هر دور ۾ انصاف حاصل ڪرڻ لاء دانهيندا رهيا آھيون, اسان جو آواز عرش تائين ته ويندو آھي پر اسان جي حڪمرانن جي بيڊ روم تائين نه پهچي سگهندو آھي,هاڻي ته لڳي ٿو اسان جو آواز عرش سان به نٿو ٽڪرائي, اسان غلام بنجي چڪا آھيون, اسان جا هٿ پير ٻڌل آھن, اسان لاء انصاف گهرڻ گناھ آھي, غلامن لاء انصاف ناهي هوندو, اهي صرف غلامي لاء پيدا ٿيندا آھن, انهن جون نياڻيون پيرن, ميرن ۽ وڏيرن کي راهت پهچائڻ لاء هونديون آھن, انهن جي زبان ڪٽيل هوندي آھي.پر معصوم ٻارن سان ائين ڇو, ٻار ته آزاد هوندا آھن ٻار ته بي ڏوها هوندا آھن, انهن لاء ڇا ڀلو ڇا بُرو, انهن سان انصاف ٿيڻ گهرجي, معصوم نياڻين کي انصاف ملڻ گهرجي, اگر زينب کي انصاف ملي سگهي ٿو ته عظمي ڪليري کي به ملڻ گهرجي, اها به ساڳي قانون جي پاڇي ۾ رهي ٿي, اها به هن سماج جو حصو آھي, ان کي به اوترو ئي حق آھي. سو هي ننڍڙو لاش به اڄ انصاف جي لاء ٻاڏائي ٿو, هي به زينب جيان ڪنهن پيء جي ڌي آھي, هي به ڪنهن ماءُ جي اکين جو ٺار هوندي, هن جو قاتل به اڄ آزاد آھي, پر هي نياڻي پنجاب جي شهر قصور جي زينب ناهي, هي معصوم نينگري سنڌ جي شهر حيدرآباد جي عظمي ڪليري آھي,جا ڪنهن وحشي جانور جي حوس جو نشانو بڻي پوء قتل ڪري سندس لاش کي واھ جي ڪناري مٽي حوالي ڪيو ويو, ڇا اهيو انسانيت جوڳو عمل آھي, هن کي به انصاف ملڻ کپي,پر هتي جا صحافي وڪاڻل آھن, هتي جا سياست دان ڪُتن سان کيڏندا آھن, هتي جا پير, مير ۽ وزير صرف پنهنجي مفاد خاطر جيئن ٿا. اهيو سلسلو خبر ناهي ڪيستائين جاري رهندو.اسين تمام سياسي اڳواڻن, اعلي عدليه ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کان عظمي ڪليري لاء انصاف جي اپيل ٿا ڪريون, اردو ميڊيا کي پڻ اپيل آھي ته تعصب جي ڪاري پٽي هٽائي انسانيت خاطر عظمي ڪليري جو آواز ايوانن تائين پهچائي

No comments:

Post a Comment