پاڪستان بقا لاء چيف جسٽس سان اهم ملاقات/سيد زوار حسين شاه


پاڪستان مسلم ليگ ن يوٽرن وٺڻ لاء تيار آهي  جنهن ۾ پهرئين مرحلي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قابل احترام چيف جسٽس جناب ثاقب نثار سان ملاقات ڪري ملڪي حالات ملڪي بقا اليڪشن جي معاملي  تي تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي هوندي جنهن کان پوء مان سمجهان ٿو ته هن ملاقات جو ڪو وڏو نتيجو سامهون ظاهر ٿيندو ، جيڪو ملڪي سلامتي لاء ضروري هوندو ، پر خورشيد شاه حيرانگي ظاهر ڪندي اهو چيو ته هي ملاقات  ملڪ لاء خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي اهڙي ملاقاتن کان پاسو ڪيو وڃين ، پر عوام هن ملاقات کي وڏي اهميت ڏئي رهي آهي  ته ملڪ جي بقا لاء فيصلا ٿيڻ گهرجن ملاقات ٿيڻ گهرجن عدليه سان محازائي ختم ٿيندي ،  آئين اجازت ڏيئي ٿو.پاڪستان ۾ سياسي صورت حال تبديل ٿي رهي آهي ڪجهه ته هڪ ٻئي سان ملي  گڏجي اتحاد جوڙي رهيا اهن ڪجهه سياسي پارٽييون تنها اهن پاڪستان پيپلزپاتي  ، پي ٽي آء  پاڪستان مسلم لگ ن اليڪشن وڙهڻ لاء مڪمل تيار آهن عوام سان  ڊائريڪٽ ان ڊائيڪٽ ملاقاتن جو پڻ سڌو سنئون رابطو ڪيو ويو آهي  عوام سان تعزيتي سلسله ته عروج تي آهن 31 مئي تمام  صوبائي وفاق حڪومتون تحليل ٿي وينديون جنهن کان اڳ لازمي اهو پڻ فيصلو ڪيو ويندو ته نگران حڪومت جورڻ لاء حڪمت عملي تي حڪومتي سطح ۽ اپوزيشن جي سطح تائين  مشاورت جو سلسلو جاري آهي  ان سان گڏ سپريم ڪوورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام چيف جسٽس جناب ثاقب نثار جنهن عوام جي تڪليفن کي محسوس ڪندي  عوام جي ڀلاائي لاء ڪم ڪري رهيو آهي پاڪستان جي آئين  يا يوي اين او ڊڪليئريشن ۾ انساني حقوق بابت واضع چيو ويو آهي ته سڀ کان خاص ۽ ضروري انسان ذات لاء جي خدمت انهن جا بنياڊي حقن جو خيال رکڻ آهي پر انتهائي افسوس ان وقت ٿئي ٿو جڏهن حڪومت غريبن جا حق غصب ڪري ٿي جنهن کان پوء احساس محرومي وڌي ٿي ،  رياست اندر ڪافي عرصي کان ادارن ۾ سياسي مداخلت رياست کي ڪافي نقصان رسايو آهي جنهن کان پوء ڪڙو سچ اهو آهي ه جمهوريت تان ماڻهن جو اعتماد ختم ٿيندو پيو وڃين ان جو ثبوت اهو آهي ته سوشل ميڊيا سميت سماجي ڌرين آزادانه اها گهر ڪئي آهي ته اسان کي ڪرپشن جي خاتمي جي لاء جديشنل انڪوائريز ڪرايون وڃن جيئن انهن سان ڪنهن قسم جي رعايت نه ٿئي  ان سان گڏ سياسي حلقه پڻ نگران حڪومت لاء جڊيشنل آپشن رکي رهيا آهن ته اهي نگران وزير يا وزيراعظم کنيا وڃن جن مٿان ڪو به الزام نه هجي باقي جيڪڏهن موجوده حالات تي نظر وجهون ٿا ته الله سائين معافي ڏيئي  هڪ کان هڪ سياسيتدان ڪرپشن ۾ ملوث آهي ان سان گڏ آفيسر جڪي ڪميشن جي نالي تي رياست کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو آهي  نه روڊ درست آهي نه اسپتال  نه ناليون ، برحال اسان وزيرراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جناب ثاقب نثار جي ملاقات کي وڏي اهميت ان ڪري ڏئي رهيا آهيو جو ملڪي حالات جنهن طرف وڃين رهيا آهن ان وقت درست فيصلو ڪرڻ انتهائي ضروري آهي جيڪڏهن هن وقت  فيصلو غلط ڪيو ويو ته پوء  هن ملڪ جو الله حافظ آهي ، برحال ٿيڻ ته اهو گهرجي ته جڊيشنل ۽ پاڪ آرمي يا سولين اعلي آفيسر جن مٿان ڪنهن قسم جي ڪنهن کي اعتراض نه هجي ان کي نگران سيٽ ۾ کنيو وڃين جنهن جي اها ذميواري هجي ته هو اليڪشن ڪرئي احسن سٺي طريقي سان حڪموت ڪامياب ٿيندڙ  پارٽي کي حڪومت سنڀالڻ وزيراعظم چونڊجڻ جي زميواري ڏني وڃين ،  هن ملاقات کان پوء جڏهن مان ڪجهه ٿينڪ ٽينڪ جي اهم دوستن سان ڳالهه ٻول ڪئي ته اهو وقت ملاقات ڪرڻ جو نه هو اهو ان ڪري جو هن وقت حڪمران جماعت جا ڪئي اهم ڪيس پڻ عدليه ۾ هلي رهيا آهن جيڪڏهن ڪو به فيصلو انهن جي فيور ۾ آيو ته پوري پاڪستان ۾ واويلا ٿيندي جنهن تي پڻ سوچڻ گهرجي ها .برحال جيڪو ٿيو سو ملڪ جي بهتري لاء ٿيو ۽ اهي خدشات به ختم ٿيڻ گهرجن ته حڪومت هن اداري سان   گڏ آهي جيڪو مختلف موقعن تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جناب ثاقب نثار سو موٽو جا نوٽيس وٺي رهيو آهي جنهن کان عوام  سپريم ڪورٽ جي ڪيل تمام فيصلن تي خوش ٿئي ٿو ، وزيراعظم شاهد حسين خاقاني  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پاڻ ملڻ جو اظهار ڪيو هو جنهن کان پوء بنا پروٽول جي چيف جسٽس جناب ثاقب نثار سان ون ٽو ون ملاقات ڪئي جنهن کان پوء  ملڪي حالات تي ان سان گڏ  مختلد ڪيسن کي جلد اڪلائڻ لاء حڪمت عملي نگران حڪومت بابت ٿي سگهي ٿو ته ڳالهه ٻول ٿي هجي ، شيخ رشيد ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا جي سامهون چيو ته جڊيشنل مارشالا نافظ ڪئي وڃين جنهن تي پڻ  ڪافي واويلا ٿيندي رهي جنهن کان پوء شيخ رشيد اهو موقف سامهون رکيو ته منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته  نگران سيٽ ۾ جج صاحبان  مقرر ڪيا وڃن جيئن هي اليڪشن صاف شفاف ٿيڻ کان پوء جيڪو  اليڪشن 2019 ۾ ڪاميابي ماڻي ان کي حڪومت جون وانڳون هينڊ اوور ڪيون وڃن ، پاڪستان جي عوام جي خواهش کي مدي نظر رکڻ گهرجي ، عوام اهو چاهي ٿو ته ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ، ڪرپشن ڪندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪري عوام جي سامهون  پيش ڪيو وڃين جنهن طرح سان چيف جسٽس جناب ثاقب نثار ملاقات بعد ان جي ترجمان چيو ته هاڻي ڪجهه به ٿئي ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي  هر هڪ کي انصاف ٿيندو ان سان گڏ قابل احترام جناب چيف جسٽس اهو به فرمايو ته نگران حڪومت لاء تمام پارٽيون پنهنجو ڪردار ادا ڪن  جيڪڏهن ڪٿي قانوني يا ڪا تڪليف ٿي ته پوء مان قانوني مدد ڪندس ، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عوام جا مسئلا حل نه ڪري ها ،  خورشيد شاو اپوزيشن اڳواڻ پڻ اهو چيو ته نواز شريف مٿان ان سان گڏ ڪئي اهم ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيا اهن ان تي اثر پڻ پوندو ، ان ملاقات  پاڪستاني عوام کي تحڦظات ضرور آهن جن کي  دور ڪيو وڃين ، ان سان گڏ نواز شريف جي پڻ چيف جسٽس کي تنقيد ڪندي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته 18 لک ڪيس مختلف عدالتن ۾ پينڊنگ ۾ آهن جن کي پڻ فوري حل ڪري اهڙي بيان کان پوء قانون کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي ، اهڙن بيانبازي جو پڻ نوٽيس ورتو وڃين  جيڪڏهن اهرن با اثر ماڻهن جن ٽي ٽي مرتبه  ڪرسي جا مزاه ماڻيا هجن انهن کي ٿوري سزا به وڏي سزا لڳندي هوندي ائين نه هئڻ گهرجي عوام جي خدمت کي مدي نظر رکڻو پوندو  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان  جي چيف جسٽس سان ملاقات ملڪي حالات تبديل ڪرڻ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي  منهنجي ذاتي راء آهي ته ملڪ جي بقا لاء حڪومت وقت ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ پاڪستان  مفصل ڳالهيون ٿيون هونديون  اسان کي سڀ کان پهريان پاڪستان گهرجي پاڪستان آهي ته اسان آهيون پاڪستانه هوندو ته اسان به نه  هوندو ، ان سان گڏ پاڪستاني عوام کي انهن ڪيسن کي جلد اڪلائڻ گهرجي جيڪي به هن ملڪ جي لاء اهم آهن عوام چاهي ٿو ته جمهوريت جي آڙ ۾ عوام کي لٽيندڙن کي فوري سوگهو ڪيو وڃين ،  اليڪشن کان اڳ ڪرپشن ڪندڙن جو صفايو ٿيڻ گهرجي اليڪشڻ وقت تي ٿئي جيئن عوام پنهنجو ووٽ ڏئي ان سياسي پارتي کي چونڊي جنهن ۾ عوام جوي بنيادِ حقن رکڻ جو جذبو هجي ،  پر اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد علي شاه پڻ هن ملاقات تي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي ٻئي طرح عوام هن ملاقات کي اهم سمجهيو آهي ياد رهي ته اهڙين ملاقاتون پهريان به ٿينديون  رهيون آهن يوسف رضا گيلاني  ان وقت جي چيف جسٽس جناب افتخار چودري سان ملاقات ڪئي هئي جنهن تي پڻ ڪافي تنقيدون ٿيون هيون ، هن ملاقات تي پڻ تنقيد به ٿي رهي آهي ته ساراهه به ٿي رهي آهي ، هي ملاقات ملڪي تبديلي ۾ اهم ڪردار پڻ ادا ڪري سگهي ٿي ان ڪري اهڙيون ملاقاتون بار بار ڪري آئين کي مضبوط ڪرڻ لاء ڪي اهم فيصلا ڪيا وڃن.

No comments:

Post a Comment