ايم ڊي پي ٽي وي مقرري ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ايم ڊي پي ٽي وي تقرير ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس چيو ته عطا الحق قاسمي کي ڏنل ٻن سالن جي مراعتن جو آڊٽ ڪيو وڃي، آڊٽ ڪندڙ سومر تائين ٻڌائين ته آڊٽ رپورٽ ڪيستائين مڪمل ٿيندي. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ايم ڊي پي ٽي وي مقرري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس وزير اعظم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کان پڇاڻو ڪيو ته ايم ڊي پي ٽي وي کي ڪهڙي قانون تحت مقرر ڪيو ويو، ڇا سرڪاري ڪم زباني حڪم تي ٿيندو آهي، بيورو ڪريٽن کي ڪجهه چئجي ٿو ته هو هڙتال ٿا ڪن، حالت اها آهي ته ايترن وڏن بيورو ڪريٽن کي قانون جي خبر ئي ناهي. فواد حسن فواد چيو ته پهرين ٻن ڏهاڪن کان ائين ئي ڪم ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس فواد حسن فواد کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اٿي بيهه تنهنجو نالو ڇا آهي؟ جنهن جواب ۾ فواد حسن فواد چيو ته منهنجو نالو فواد حسن فواد آهي، چيف جسٽس چيو ته قانون جو ڪتاب ڏنو وڃي فواد حسن فواد صاحب کي، ان مان پڙهي ٻڌايو ته زباني حڪمن تي ڪم ڪيئن ٿيندو آهي. جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ۾ چيو ته تڪليف ٿيندي آهي جڏهن اسان بيورو ڪريٽن جي بيعزتي ڪندا آهيون، توهان مون کي رول ٻڌايو، وڏن وڏن بيورو ڪريٽن جي اها حالت آهي جو انهن کي اصولن جي ئي ناهن خبر، وزير اعظم سڌُ سماءَ واري وزارت کي ڏٺو نه ئي ڪا نوٽنگ لکي، عطاالحق قاسمي جي مقرري ۾ وزير اعظم جي لکت ۾ منظوري ناهي ورتي وئي. ايڊيشنل اي جي ٻڌايو ته عطا الحق قاسمي جي منظوري سڌُ سماءَ واري وزارت جي سمري تي ٿي،  جنهن تي چيف جسٽس چيو ته رول ڏسو وٺو چيئرمين کي ملندڙ 5 هزارن کي 15 لک ڪيئن ڪيو ويو، آمريڪي صدر کي به اهو اختيار ناهي ته وزير اعظم کي اهي اختيار ڏئي. فواد حسن فواد ٻڌايو ته ايم ڊي پي ٽي وي کي ادائيگي وزير اعظم جي زباني حڪم تي ڏني وئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته قانون ڏيکاريو نه ته نواز شريف کي نوٽيس جاري ڪري ٿا ڪيون، نواز شريف وزير اعظم هو اچي نتيجي ڀوڳي، سندس سيڪريٽري اٿي بيهي چوي ٿو ته زباني حڪم تي پيسا ڏنا ويا. چيف جسٽس پرويز رشيد کان پڇاڻو ڪيو ته  توهان وڪيل ڪيو آهي؟ پرويز رشيد چيو ته نه ايڊيشنل اٽارني جنرل ئي جواب ڏيندو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سوچي وٺو توهان تي به آرٽيڪل 62 جو معاملو ٿي سگهي ٿو. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته مقرري غلط ٿي ته دٻاءُ سان مقرري ڪندڙ پيسا واپس ڪن، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سمري سيڪريٽري سائن ڪئي هئي، جنهن ثاقب نثار چيو ته معاملو نيب ڏانهن ناهي موڪليو ته اسان پاڻ معاملي کي ڏسي ٿا وٺون.  ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته چيئرمين پي ٽي وي لاءِ عمر جي حد 65 سال هئي، جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته پي ٽي وي جو سربراهه ايم ڊي هوندو آهي يا چيئرمين، جنهن جي جواب ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته پي ٽي وي جو سربراهه ايم ڊي هوندو آهي. سپريم ڪورٽ مقرري جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment