اسلام
آباد(ويب ڊيسڪ) ختم نبوت صه ڪيس ۾ عدالتي مددگار لاءِ پروفيسر حسن مدني
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز
صديقي اليڪشن ايڪٽ ۾ ختم نبوت ترميم بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار
طرفان حافظ عرفات عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت ۾ پيش ڪيل نادرا رپورٽ مان اها
ڳالهه سامهون آئي ته 10 هزار 205 مسلمانن پنهنجو مذهب ڇڏي قادياني مذهب
اختيار ڪيو آهي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ۾ قاديانيت کي پنهنجي نئين سڃاڻپ ظاهر ڪيو.
عدالت اسلام ڇڏي قادياني مذهب ۾ منتقل ٿيل انهن 10205 ماڻهن جي گڏيل رپورٽ
عمر ۽ ولديت سميت پرڏيهي سفر جي ڄاڻ نادرا کان طلب ڪري ورتي. نادرا
قادياني اسٽيٽس حاصل ڪندڙ ماڻهن جي ڊيٽا عدالت ۾ پيش ڪئي. عدالتي مددگار
پروفيسر حسن مدني هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ سهڪار ڪيو. جسٽس شوڪت عزيز صديقي
پروفيسر حسن مدني کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هڪ شخص رڳو پنجاب اسيمبلي جي سيٽ
حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو مذهبي مٽي ڇڏي ته ان تي اسلام ڇا چوندو آهي؟ پروفيسر
حسن مدني جواب ڏنو ته مذهب تبديل ڪندڙ جي سزا اها ئي هوندي آهي جيڪا ٻڌايل
آهي. پروفيسر حسن مدني قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ مذهب تبديل ڪندڙ ماڻهن ۽
انهن بابت حڪومت جي ذميوارين جا حوالا ڏنا. پروفسير حسن مدني چيو ته چيو ته
قادياني نه مسلمان آهن نه عيسائي ۽ هو ڪافرن کا به وڌيڪ خطرناڪ آهن،
قادياني اسلام جي ڪجهه شين قبوليندا آهن ۽ ڪجهه نه، قادياني پنهنجن مذهبن
ڪتابن ۾ مسلمانن کي ڪافر چوندا آهن ۽ گاريون ڏيندا آهن.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment