ايس ايم اي فائونديشن جي وفد سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه سان ملاقات ڪئي ۽ فائونڊيشن جي ڀلائي وارن ڪمن کان آگاهه ڪيو، ايس ايم اي فائونڊيشن جي صدر ولي الله خان غوث علي شاهه کي ايس ايم جي فائونڊيشن جي مقصدن کان آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته ايس ايم اي فائونڊيشن ملڪ ۾ بک، بدحالي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، بيروزگار نوجوانن کي خانگي ادارن ۾ انٽرنشپ ذريعي هنر سيکاريو پيو وڃي ۽ مختلف ادارن ۾ روزگار ڏنو پيو وڃي ان سان گڏوگڏ بيروزگار نوجوانن ۾ ذاتي ڪاروبار شروع ڪرڻ جي حوالي سان شعور پيدا ڪيو پيو وڃي، غوث علي شاهه ايس ايم اي فائونڊيشن جي ڀلائي وارن ڪمن جي ساراهه ڪئي ۽ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو، هن چيو ته ملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ ايس ايم اي فائونڊيشن سان گڏ آهيون، فائونڊيشن جيڪو ڪم ڪري رهي آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي، هن چيو ته ڪراچي وانگر ايس ايم اي فائونڊيشن سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به پنهنجا ڀلائي وارا ڪم شروع ڪري، ڇو ته سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به اهڙن ڀلائي وارن ڪمن جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ ايس ايم اي فائونڊيشن جا سکيا مرڪز قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪنداسين ته جيئن ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن جو غريب عوام به ايس ايم اي فائونڊيشن جي ڀلائي وارن ڪمن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ۽ پنهنجي مستقبل کي روشن ڪري سگهي، فائونڊيشن جي صدر ولي الله خان غوث علي شاهه سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي نواز شاهه به موجود هو.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment