عمران خان منگهڙت ڪهاڻي کڻي آيو، ڪرپشن ڪندڙ جيل ۾ آهي ان ۾ ڪو ئي فيصل صبحان نه آهي: رانا ثناءُ الله

پنجاب جي صوبائي وزير رانا ثناءُ الله فيصل صبحان بابت اڻڄاڻي ظاهر ڪندي چيو آهي ته عمران خان منگهڙت ڪهاڻي کڻي آيو جنهن جو نه منهن نه سر آهي، جن ڪرپشن ڪئي اهي سزا ڪاٽي رهيا آهن انهن ۾ ڪو فيصل صبحان نه آهي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته هي فيصل صبحان ڪير آهي ۽ ان ڪردار کي هن ڪٿان ڳوليو آهي، جن ماڻهن مني لانڊرنگ ڪئي جن جو پاڪستان ۽ چائنا سان تعلق هو اهي ماڻهو پڪڙيا ويا انهن جو فراڊ پڪڙيو ويو، هن ڪمپني کي باقائده چائنا ڏنڊ وڌو، اهي ماڻهو هن وقت جيل ۾ آهن ۽ انهن جو ڪيس عدالت ۾ آهي انهن ۾ ڪو فيصل صبحان جي نالي سان ماڻهو نه آهي.

No comments:

Post a Comment