چوندا آهن ته وڻ ڌرتي جي سونهن ۽ سينگار آهن ـ وڻن سان رنگيني ۽ رونق پيدا ٿيندي آهي ـ وڻن کان بغير ھي ڌرتي غير آباد ۽ بيابان ڏسڻ ۾ ايندي آهي ـ وڻ آلودگين ۽ غلازطن کي ختم ڪن ٿا ۽ وڻن جي ڪري فضا صاف رهي ٿي ـ
وڻن کان بغير انسان جو جياپو مشڪل آهي ـ وڻن ۽ انسان جو پاڻ ۾ گھرو لاڳاپو آهي ـ انسان ڪاربانڊا۽ آڪساييڊ خارج ڪندو آهي جيڪا وڻن لا۽ ضروري آهي ۽ جڏهن ته وڻ وري انسان کي آڪسيجن مھيا ڪندا آهن جيڪو سندس لا۽ جياپي جو سبب آهي ـ مطلب ته وڻ ھڪ اعليٰ قدرتي نعمت آهن ـ وڻ پوکڻ ھڪ ثواب جو ڪم ۽ صدقو جاريا آهي ـ ترقي يافته ملڪن ۾ تمام گهڻو پيسو خرچ ڪري وڻ لڳايا ويندا آهن ۽ وڻ ڪپڻ کي گناهه سمجھيو ويندو آهي ۽ وڻ ڪپڻ واري کي قاتل سمجھيو ويندو آهي اڄڪلهه وڻ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ وڻ وڊڻ بجاءِ پوکڻ تي زور ڏنو وڃي شاہ عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي پاران شاہ لطيف فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان ٻوٽا لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو اعلانيل مهم جي شروعات شاهه لطيف فائونڊيشن پاران راڻيپور ۾ ڀٽائي پبلڪ اسڪول ۾ ٻوٽو لڳائي ڪئي وئي انهن موقعي تي ڀٽائيءَ پبلڪ جي ايڊمسٽريٽر شوڪت شيخ پروفیسر سجاول دين تنيو ٻين چيو ته اسان کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ پنهنجي حصي جو وڻ لڳائڻ گهرجي هنن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي جي حڪم تي ۽ شاہ لطيف فائونڊيشن مرڪز پاران اعلانيل وڻڪاري مهم تحت اسان هن وقت تائين هڪ هزار کان وڌيڪ وڻ لڳايا آهن جڏهن ته اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پڻ اهيو عهد ڪيو ته هو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ پنهنجي حصي جو وڻ ضرور لڳائيندا جڏهن ته مظهر مسلم ماڊل اسڪول راڻيپور پاران پڻ وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اسڪول جي ايڊمسٽريٽر انجنيئر غلام سرور ميمڻ الطاف حسین ميمڻ اسڪول جي استادن مظهر مسلم ماڊل اسڪول راڻيپور ۾ وڻ لڳائي مهم جو آغاز ڪيو ويو آهي ان سان گڏوگڏ ٻين ادارن ۽ تنظيمن کي به گهرجي ته ڌرتيءَ جي سونهن وڌائڻ لاءِ وڻڪاري مهم شروع ڪن جيڪڏهن اسان کي پنهنجي سنڌ ڌرتي سدائين سرسبز ۽ شاداب ڏسڻي آهي ته پوءِ اچو ته گڏجي وڻن جي اھميت کي گهر گهر پھچايون ۽ پنهنجي حصي جو وڻ لڳايون جيڪا پڻ ھڪ عبادت آهي ـ
حڪومت ۽ وس وارن کي گذارش آهي ته خدارا وڻڪاري ڏانهن توجهه ڏئي انسانن کي آلودگي کان پاڪ ماحول مھيا ڪندا ته جيئن ھر ھڪ خوش ۽ صحت مند زندگي گذاري سگهي ــ

No comments:
Post a Comment