مني لانڊرنگ ڪيس: ايف آءِ اي ايم ڪيو ايم اڳواڻن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي خدمت خلق فائونڊيشن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ۽ خدمت خلق فائونڊيشن جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ سروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان ايم ڪيو ايم اڳواڻن کان پڇا ڳاڇا جو آغاز به ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اسلام آباد ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل سان ڊائريڪٽر ايف آءِ اي مظهر ڪاڪاخيل پڇا ڳاڇا ڪئي جيڪا ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي اختيارين ڪنور نويد کان سوال ڪيو ته ڪهڙي طريقي سان پيسا ٻاهر موڪليا ويندا رهيا؟ پيسا گڏ ڪرڻ جو طريقو ڪهڙو هو؟ ذريعن موجب ايف آءِ اي ڊاڪٽر فاروق ستار کي به 23 فيبروري طلب ڪيو ويو هو پر هو پيش نه ٿيو.

No comments:

Post a Comment