ايم ڪيو ايم جي باغي ميمبرن جون استعيفائون ناهن مليون، منهنجي اڳيان پيش ٿي استعيفائون ڏيندا ته منظور ڪندس: آغا سراج دراني


سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي باغي ميمبرن جون استعيفائون نه مليون آهن، منهنجي اڳيان پيش ٿي استعيفائون ڏيندا ته منظور ڪندس، هو سومر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سان پراڻا واسطا آهن، پارليامينٽ کانسواءِ جيل ۾ به ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان گڏ رهيو آهيان، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سينيٽ چونڊون وقت تي ٿينديون، پارلياماني جماعتن جون تياريون مڪمل آهن، ايوان ۾ ميمبرن جي ڏند چڪ بابت سوال تي اسپيڪر چيو ته اسيمبلي ميمبر منهنجي ٻارڙن وانگر آهن، اهي ڪڏهن ڪڏهن هٿن مان نڪري ويندا آهن انهن جي دل ۾ نه ڪرڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment