مسلم ليگ ن جي وقتي صدر جي چونڊ لاءِ مجلس عامله جو اجلاس اڄ ٿيندو


مسلم ليگ ن جي وقتي صدر جي چونڊ لاءِ مجلس عامله جو اجلاس اڄ اڱاري تي ٿيندو، اجلاس جي صدارت پارٽي جو چيئرمين راجا ظفر الحق ڪندو جنهن ۾ پارٽي جي وقتي صدر جي چونڊ ڪئي ويندي، سپريم ڪورٽ جي 28 جولاءِ واري فيصلي تي نواز شريف جي اسيمبلي ميمبرشپ نااهلي کانپوءِ ن ليگ جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي سينيئر نائب صدر سردار يعقوب ناصر کي وقتي صدر چونڊيو هو ۽ امڪان آهي ته هن ڀيري به کيس وقتي صدر جون ذميواريون ڏنيون وينديون، ذريعن موجب 45 ڏينهن ۾ ن ليگ جي باقائده صدر جي چونڊ ڪرڻ لاءِ پارٽي جي مرڪزي جنرل ڪونسل جو اجلاس سڏايو ويندو ۽ مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر ۽ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف جي صدر چونڊجڻ جو امڪان آهي.

No comments:

Post a Comment