سري ديوي جو موت حادثاتي طور ٻڏڻ سان ٿيو آهي: دبئي عملدار


دبئي جي عملدارن چيو آهي ته ڀارتي اداڪاره سري ديوي جو موت حادثاتي طور ٻڏڻ طور ٿيو آهي، ان کان اڳ ٻڌايو ويو هو ته 1980 جي ڏهاڪي ۾ بالي ووڊ تي راڄ ڪندڙ اداڪاره سري ديوي ڇنڇر جي رات دبئي ۾ هڪ شادي ۾ دل جو دورو پوڻ سان ديهانت ڪري وئي هئي، 54 ورهين جي سري ديوي جي موت جي حوالي سان فرانزڪ رپورٽ دبئي پوليس جاري ڪئي ۽ اها رپورٽ ان جي وارثن ۽ انڊين قونصل خاني کي ڏني وئي، خليجي اخبار گلف نيوز مطابق ان رپورٽ جو مطلب سري ديوي جو لاش انڊيا موڪلڻ ۾ دير ٿي سگهي ٿي، جيڪو سومر تي واپس موڪليو وڃي ها، خيال رهي ته سري ديوي جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ اڃاتائين جاري نه ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٽاڪسا ڪولاجي جي تجزئين جا نتيجا شامل هوندا، ان ئي رپورٽ سان واضح ٿي ويندو ته دل جي دوري سان موت ۽ حادثاتي طور ٻڏڻ جي رپورٽ جو پاڻ ۾ تعلق ڪهڙو.

No comments:

Post a Comment