نواز شريف سان سعد رفيق ۽ مشاهد حسين سيد جي ملاقات



اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف سان خواجه سعد رفيق ۽ مشاهد حسين سيد جاتي امره رائيونڊ ۾ ڌار ڌار ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي جملي سياسي صورتحال، سينيٽ چونڊن سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مشاهد حسين سيد وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي جملي ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، نواز شريف ۽ خواجه سعد رفيق جي ملاقات ۾ ايندڙ مهيني سينيٽ چونڊن سميت پارٽي معاملن ۽ نواز شريف جي عوامي رابطا مهم بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان موقعي تي نواز شريف جو چوڻ هو ته سدائين قدرن واري سياست ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفادن کي اهميت ڏني آهي، ڏکيائين جي باوجود توانائي سميت ٻيا ميگا پراجيڪٽس مڪمل ڪيا جنهن سان عوام جي قسمت جاڳي پئي آهي.

No comments:

Post a Comment