سنڌ جي گورنر محمد زبير جو نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جو دورو، جاري ڪم جي رفتار جائزو ورتو


سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته پي ايس ايل ٿري پاڪستان لاءِ فخر آهي ۽ ان کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جي سار سنڀال ۽ مرمت واري ڪم جو معائنو وٺڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي گورنر چيو ته پي ايس ايل جو فائنل 25 مارچ تي ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو جنهن لاءِ اسٽيڊيم جي سونهن سينگار وارو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. گورنر اها اميد ظاهر ڪئي ته اسٽيڊيم جو ڪم مقرر وقت کان اڳ مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته ڪرڪيٽ جي شوقينن کي اسٽيڊيم اندر سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. گورنر جو چوڻ هو ته گرائونڊ جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته امن امان بابت کنيل قدم به ساراهه جوڳا آهن.

No comments:

Post a Comment