زراعت ۽ معاشي ترقيءَ ۾ پاڻي جو اهم ڪردار آهي: وفاقي وزير احسن اقبال


رٿابندي ۽ ترقيءَ جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته زراعت ۽ معاشي ترقيءَ ۾ پاڻي جو اهم ڪردار آهي جڏهن ته ماحولياتي تبديلي سبب پاڻيءَ جي کوٽ جهڙا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ چوٿين انٽرنيشنل اسپيس ٽيڪنالوجي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته دنيا ۾ پاڻي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي رٿابندي جي ضرورت آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي عام زندگيءَ ۾ اهميت وڌي وئي آهي. هن چيو ته پنجن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ اسپيس سائنس جي حوالي سان بهتر تجويزون ملنديون. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ خطي جي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

No comments:

Post a Comment