عوام محمد نواز شريف مٿان لڳايل ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام رد ڪري ڇڏيا آهن: مشاهد الله خان


ماحوليات جي وفاقي وزير مشاهدالله خان چيو آهي ته لوڌران جي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي سان اها ڳالهه چٽي ٿي وئي آهي ته عوام محمد نواز شريف مٿان لڳايل ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام  رد ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ (ن) پاران ڪوٺايل ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مشاهدالله خان چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ملڪ جي مقبول جماعت آهي ۽ اسان جي حڪومت ڪراچيءَ ۾ امن ڪرايو جنهن جو سمورو سهرو محمد نواز شريف ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته جن جماعتن سنڌ صوبي ۾ حڪومت ڪئي انهن عوام ۽ صوبي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت لاڙڪاڻي ترقياتي رٿائن جي فنڊ جا 90 ارب رپيا هڙپ ڪيا جڏهن ته ان سان گڏوگڏ پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومت دوران بينظير ڀٽو جا قاتل پڪڙڻ ۾ به ناڪام رهي. مشاهدالله خان جو چوڻ هو ته مخالف ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي ڀيٽ ڪي پي ڪي سان ڪن. هن چيو ته اسان جي حڪومت ڪي فور ۽ گرين لائن جهڙا عظيم منصوبا شروع ڪيا ۽ سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور ۾ ترقيءَ جو سفر عمران خان کان برداشت نه ٿو ٿئي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ عوام کيس رد ڪري ڇڏيندو. ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ٻين اڳواڻن چيو ته مسلم ليگ (ن)  پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام وٽ ويندي. هنن چيو ته محمد نواز شريف هاڻي به عوام جي دلين ۾ رهي ٿو ۽ سندس عزت اڃا به ماڻهن جي دلين ۾ وڌي آهي.

No comments:

Post a Comment