سنڌ اسيمبلي سومر تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سنڌ اسيمبلي ميمبر خرم شير زمان جي هڪ تحريڪ التوا ضابطي جي خلاق قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي

سنڌ اسيمبلي سومر تي خرم شير زمان جي تحريڪ التوا ضابطي جي خلاف قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي، سندس اها تحريڪ لاڙڪاڻي جي ترقياتي فنڊن ۾ گهوٻين بابت هئي، نثار احمد کهڙو رٿ بابت اهو چئي مخالفت ڪئي ته اهو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ان لاءِ ان تي بحث نٿو ڪري سگهجي، خرم شير زمان ان معاملي تي خيالن جو اظهار ڪرڻ چاهيو ته اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته اوهان ان معاملي تي بحث نٿا ڪري سگهو جنهن تي خرم شير زمان چيو ته مان ايوان جو ڪارڪن آهيان تنهنڪري مون کي ڳالهائڻ جو حق حاصل آهي، جڏهن ته اسپيڪر کيس ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني ۽ تحريڪ خلاف ضابطه قرار ڏئي رد ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment