سنڌ جي گهرو وزير جي صدارت هيٺ اجلاس



سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته نين ۽ پراڻن سمورين موٽر سائيڪلن ۾ سستي ۽ معياري ٽريڪنگ ڊوائيز لڳائڻ وقت جي ضرورت آهي، ان حوالي سان اهڙو ميڪينيزم ٺاهيو وڃي جنهن سان سمورا شهري فائدو وٺي سگهن، گهرو وزير موٽر سائيڪلن ۾ ٽريڪنگ ڊوائيز لڳائڻ جي حُوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سنڌ جو گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، سيڪريٽري ايڪسائيز ۽ سنڌ جي گهرو کاتي جي ٻين آفيسرن کانسواءِ مختلف موٽر بائيڪ ڪمپني جي نمائندن شرڪت ڪئي، گهرو وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت 3.4 ملين موٽر سائيڪلون رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته ماهوار بنياد تي گهٽ ۾ گهٽ 23 هزار موٽر سائيڪلون رجسٽرڊ ٿي رهيون آهن، ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته ڏوهن کي ٻنجو ڏيڻ جي حوالي سان موٽر سائيڪل ۾ ٽريڪنگ ڊوائيز لڳائڻ تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺي فريم ورڪ جوڙيو ويندو جنهن تي خاص اڳڀرائي ٿي چڪي آهي ۽ وڌيڪ اپاءَ ورتا پيا وڃن، گهرو وزير هدايت ڪئي ته موٽر سائيڪلن ۾ ٽريڪنگ ڊوائيز لڳائڻ جهڙن قدمن کي صوبائي سطح تي يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته اجلاس ۾ شامل موٽر بائيڪ ڪمپنيز جي نمائندن کي چيو ته ٽريڪنگ ڊوائيز لڳائڻ جي حوالي سان جملي قدمن تي ٻڌل قابل عمل دستاويزن تي ٻڌل مسودو 27 فيبروري تائين آفيس موڪليو وڃي، جڏهن ته 15 ڏينهن اندر ٽريڪنگ ڊوائيز تيار ڪري باقائده آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن تيار ڊوائيز جو عملي طور تي معائنو، مظاهرو ڏسي سگهجي.

No comments:

Post a Comment