حڪومت ھيلٿ ملازمن جا مطالبا ڇو نہ ٿي مڃي ؟؟(اعجاز ممنائي )

پيراميڊيڪل اسٽاف توڙي ڊاڪٽر جن کي معاشري ۾ مسيحا جي تخلص سان ياد ڪيو وڃي ٿو پر گذريل ھڪ مھيني کان مختلف نموني احتجاج ڪندا رھن ٿا پر حڪومت پاران ڪوبہ توجہ نہ ڏنو ويو مجبورن سڄي سنڌ ڪراچيءَ پريس ڪلب اڳيان گڏ ٿي جتي ھزارين ملازم اھو وچن ڪري پھتا تہ پنھنجا جائز مطالبا مڃرائي پوءِ واپس ٿينداسين ان احتجاج رنگ لاتو ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري جمال الدين جلالاڻي ھڪ ھفتي جو وقت گھريو تہ اھو بہ چيو تہ سڀاڻي سيڪريٽري صحت سان ڳالھين جو دور ھلائي توھان جا مطالبا ضرور بضرور پورا ڪنداسين اڳواڻن اتفاق ڪندي احتجاج ختم ڪيو پر ھفتو گذرڻ باوجود ڪوبہ ڪم عملي طور نہ ٿي سگھيو ۽ وري ٻيھر احتجاج جو سلسلو جاري ڪيو ويو ٻئي پاسي صحت کاتي جي ڊاڪٽرن کي گذريل سترھن سالن کان پروموشن نہ ڏيڻ سبب مرڻ گهڙيءَ تائين احتجاج جي ڪال ڏني آھي ۽ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڪئمپ قائم ڪئي آھي جتي روزانو ڊاڪٽر ويھن ٿا جڏھن تہ سڄي سنڌ ۾ روزانو چار ڪلاڪ سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ مريضن کي تپاسڻ وارو عمل بند ڪري مختلف چونڪن ۽ پريس ڪلبن اڳيان مسلسل احتجاج ڪندا رھن ٿا پر افسوس جو حڪومت ڪا ڳالھہ ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نہ آھي پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ جي مختلف شھرن ۾ دل جي بيمارين جي جديد اسپتالن جو تہ افتتاح ڪري رھيو آھي پر کيس خبر ھجڻ کپي تہ اسپتالون سکڻين ديوارن جو نالو نہ آھي پر اتي ويٺل عملي سان ھلندڙ اسپتالون بھتر علاج معالج جون سھولتون فراھم ڪري سگھن ٿيون جيڪڏھن حڪومت چاھي تہ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي جا مطالبا ھڪ پل ۾ حل ڪري سگھي ٿي ڇوتہ ڪوبہ اھڙو نئون مطالبو ناھي جنھن جي لاءِ ڪاميٽي مٿان ڪاميٽي ٺاھي وقت جو زيان ڪيو وڃي ڊاڪٽرن جو ھڪڙو ئي مطالبو آھي تہ سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي عمل ڪري سينارٽيءَ جي بنياد تي پروموشنس ڪيا وڃن جڏھن تہ پيراميڊيڪل اسٽاف کي ھيلٿ پروفيشنل الائونس ڏنو وڃي جيڪو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي اڳواٽ ئي ڏنو وڃي اھي ٻہ مطالبا مڃڻ لاءِ خبر ناھي ڇو حڪومت ڪن لاٽار ڪري رھي آھي جڏھن تہ ھُو ڄاڻن ٿا تہ اسپتالون ڊاڪٽر توڙي پيرا ميڊيڪل اسٽاف کان سواءِ ھلي نہ ٿيون سگھن ان جي باوجود کين پنھنجي جائز حق کان محروم ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آھي حڪمرانن جون دعوائون تہ اسان اسپتالن کي عوام جي سھولتن لاءِ وڏا ڪم ڪيا آھن قوم سان ھڪ وڏي مذاق آھي ڇوتہ ڊاڪٽرن کان سواء غريب مريض  کي چيڪ ڪير ڪندو پيراميڊيڪل اسٽاف کان سواءِ مريض کي دوائون ڪير ڏيندو اسپتالن ۾ صفائي ڪير ڪندو اھو سڀ ڪجھہ تڏھن ممڪن آھي جڏھن ڊاڪٽرن توڙي پيراميڊيڪل عملي جي حقن جي حفاظت ڪريو جيڪڏھن مريض کي تپاسڻ وارا پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڪاريون پٽيون احتجاج تي ھوندا تہ مريض جي پرگھور ڪير لھندو بي حسيءَ جي انتھا اھا آھي جو سترھين ۽ ارڙھين گريڊ جا ڊاڪٽر مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان روڊن تي احتجاج ڪري ويٺا آھن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان تہ مسلسل ڪئمپ قائم ڪري حڪومت جي ناانصافيءَ تي ماتم ڪري رھيا آھن پر ڪنھن کي بہ ڪو خيال ڪونھي ايتري تائين جو ڊاڪٽرن جي حق ۾ آيل عدالت جو فيصلو بہ حڪومت مڃڻ کان لاچار آھي ۽ ھر روز نوان بھانا ڪري ڊاڪٽرن توڙي پيرا ميڊيڪل عملي جي مسئلن ۾ اضافو ڪري رھيا آھن ظلم جي انتھا اھا بہ آھي تہ پيرا ميڊيڪل جو بحال ٿيل سروس اسٽرڪچر واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ھڪ تہ ڪا اضافي شيءِ ڏني تہ نہ ٿي وڃي پر ڏنل سھولت واپس وٺڻ بيوقوفيءَ جي علامت آھي توڙي جو سيڪريٽري صحت پاران اھو سروس اسٽرڪچر واپس نہ ڪرڻ ۽ باقي رھيل ملازمن کي ڏيڻ جو چيو ويو آھي پر اڃان تائين ان لاءِ ڪوبہ ليٽر جاري نہ ٿو ڪيو وڃي ڇا ان ۾ توھان جو خرچ ٿو اچي يا وقت نہ ٿو ملي جو ليٽر فنانس ڊپارٽمينٽ کي موڪلي سگھو صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر توڙي پيراميڊيڪل ملازمن جو ڪڏھن بہ اھو مقصد نہ رھيو آھي تہ عوام کي آزارجي يا ان جي علاج معالج ۾ ڪا رڪاوٽ کڙي ڪجي پر جڏھن انھن جي حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي تہ اھو مسيحا مجبور ٿي مريضن کان لاتعلقي اختيار ڪري ويھي ٿو کيس احساس آھي تہ مريض جيڪو سڀ در ڇڏي سرڪاري اسپتالن جو رخ ڪري ٿو جيڪڏھن ان غريب کي ڪو ڊاڪٽر نہ ٿو ملي تہ مايوس ٿي وڃي ٿو ڇوتہ اھو مسيحا صفت انسان مريض کي زخمن مان نجات ڏياريندو آھي کيس صحتمند رکڻ جي ڪوشش ڪندو آھي کيس سچائي ۽ صداقت سان علاج ڏيئي معاشري جو لائق فرد بڻائيندو آھي پر پوءِ بہ سندس حقن جي لتاڙ ڪئي وڃي تہ ان کي حڪومت جي لاپرواھي چئجي يا غير سنجيدگي چئجي  ڇوتہ حڪمران پنھنجي ملازمن کي بلڪل ناڪارا ۽ حقير سمجھندا رھيا آھن ھتي سوال ٿو پيدا ٿئي تہ آخر اسان ڪگڙي اسلامي ملڪ ۾ رھي رھيا آھيون اسلام جي باني حضور اڪرم صلعم تہ حجة الوداع جي آخري خطبي ۾ جتي ٻين ڳالھين ڏانھن ڌيان ڏياريو اتي خاص طور تي غلامن (ملازمن)لاءِ بہ فرمايو تہ غلامن تي ظلم نہ ڪجو ساڻن نرميءَ سان پيش اچجو جيڪو توھان کائو سو انھن کي کائجو جيڪو توھان پھريو سو انھن کي پھرائجو انھن ڳالھين ڏانھن غور سان ڌيان ڏيڻ گهرجي تہ جيڪي ملازم 24 ڪلاڪ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا رھن ٿا تنھن سان ڪھڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ڇا سندن حقن جي ادائگي وقت سر ٿي رھي آھي؟ سندن جائز مطالبا وقت سر پورا ڪيا وڃن ھان تہ شايد ھن وقت احتجاجن جي ضرورت نہ پوي ھان پر اڃان بہ وقت نہ ويو آھي جيڪڏھن واقعي حڪومت کي عوام جي دردن جو خيال آھي تہ في الفور ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا مسئلا حل ڪري، جي ائين نہ ٿيو تہ مريضن کي وڌيڪ تڪليف مان گذرڻو پوندو، ھُو پھرئين ئي تڪليفن ۾ آھن انڪري صحت کاتي ۾ رائج ڪيل ايمرجنسيء کي نظر ۾ رکي ملازمن جا سمورا مسئلا ترجيحي بنياد تي حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اھا شروع ڪيل جدوجھد ڪو وڏو انقلاب بہ آڻي سگھي ٿي قاضي منظر حيات سنڌ جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙن کي ھن ريت بيان ڪيو آھي
بي حسيءَ جي دور ۾ بي لوث ھي
حق خاطر ويڙھہ ٿا سڀ جي وڙھن
ساھہ ۽ سر کان مٿڀرو مقصد رکي 
ٿا جان جوکي ۾ وجھي جوڌا وڌن

No comments:

Post a Comment