ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته شگر ملن جو به ملڪي معيشت ۾ وڏو هٿ هوندو آهي پر ڪجهه سياسي عناصرن پنهنجي ذاتي مفاد جي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪري سنڌ جي آبادگارن کي ڪنگال بڻائڻ لاءِ انهن جو رت چوسي پنهنجا خزانا ڀرڻ ۾ پورا آهن .
هن وقت ڪمند جهڙي بهترين فصل جو اگهه ٽال تي وڪرندڙ سڙيل ۽ ناڪاره ڪاٺين کان به گهٽ آهي مل انتظاميه وارن جي من مستي ان حد تائين آهي جو ڪمند جي هلندڙ سيزن جيڪا هر سال آڪٽوبر مهيني ۾ شروع ٿيندي آهي ، ان کي مختلف بهانن ۽ بد نيتن سان اڳتي پوئتي ڪري جنوري ۾ به پنهنجي مرضي مطابق ۽ پنهنجي ئي اگهه موجب شروعات ڪئي آهي شگر مل انتظاميه وارن جي اها مرضي ڪنهن فورو ڌاڙيل ۽ دشتگردن کان گهٽ نه آهي ڪڻڪ جي پوک کي ملڪ جي سمورين پوکن مٿان فضيلت ان ڪري آهي جو پوري دنيا جي غريبن توڙي امير ماڻهن جي پيٽ جو اهم کاڌو آهي ، ان پوک کي نومبر کان پوکيو ويندو آهي ۽ جڏهن کان ڪمند جي فصل کي ڪٽي شگر مل کي سپلاءِ ڪبو آهي جيڪو هن وقت سنڌ جا سمورا آبادگار بيوس بڻجي نه ڪاهي سگيا آهن مجبورن الله پاڪ ڏي هٿ کڻي روڊن تي احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪري آيا ۽ انهن جو حشر جيڪو حڪومت سڳوري ڪراچي ۾ ڪيو اهو سمورن سنڌ جي سڃاه ونڊن توڙي عام ماڻهن کان گجهو نه آهي . بار بار احتجاج ڪري ڌرڻا هڻي آبادگارن ڪوڙت سڳوري جي انصاف لاءِ در کڙڪايو ڪورٽ مان ڪجهه انصاف ته مليو ، لڪين مل انتظاميه وارن انهن ڪورٽن جي فيصلي کي به لت هڻي پنهنجي ڏاڍ ۽ بربريت جو مظاهرو ڪري شگر ملين کي بند رکيو ۽ پنهنجي ايڏي هوڏ ۽ هٺ ڏيکاريو ڇڏيو جو اهو ثابت ٿي ويو ته سنڌ جا آبادگار ته ڇا پر ملڪ جون ڪورٽون به انهن جي لاءِ ڪا اهميت نه ٿيون رکين هن وقت ڪمند جي حالت اها آهي جو آبادگار ڪمند جي گاڏين کي جنازو سمجهي گهر مان ڪڍڻ لاءِ تيار آهن ڇو ته مٿان گرمي جي موسم جي شروعات ٿي ويندي ۽ آبادگار ڪمند کي نيڪال ڪري نه سگهندا . شگر مل انتظاميه وارا آبادگارن جو اجورو به پنهنجي مرضي سان ڏين ٿا ، سنڌ جي آبادگار هن وقت مل انتظاميه وارن وٽ يرغمال آهي ڪورٽن ۽ حڪمرانن سياستدان يا ته بيوس بڻيل آهن يا وري انهن مل انتظاميه وارن جي ملي ڀڳت ۾ شامل ٿي ڪري آبادگار کان زراعت جي پوک جو حق کسڻ لاءِ انهن تباهه ڪرڻ لاءِ ڀاڱي ڀائيوار آهن ،
هي شگر مل جا مالڪ هو نئن به مختلف نمونن سان پيا آبادگارن کي سيتائيندا آهن پر هڪ ٻيو به انهن جي ڦرڻ جو نرالو انداز هوندو آهي هو اهو آهي ته هي مل وارا غنڊا پنهنجا بروڪر دلال ميدان تي لاهيندا آهن ۽ انهن کي پئسا به ترت ڏنا ويندا آهن ۽ انهن کي پنهنجو منظور نظر سمجهي آبادگارن جون رقمون روڪي مجبور ڪندا آهن ته اهي سندن ئي ماڻهن کي ڪمند وڪرو ڪن ۽ انهن ڏانهن رخ ڪن پوءِ اهي دلال به مل وارن سان گڏجي ڪمند گهٽ اگهه ۾ وٺن پيا آبادگارن کي پيا ڦريندا ، هن وقت جڏهن ڪمند جو اگهه به ڪو نه آهي پر ڪٽوٽي چوٽان چوٽ آهي ، اتي بروڪرن جي بازا به ڏاڍي گرم آهي سنڌي ۾ چوندا آهن ته ڏاچي هڻ ڏهه توڏي هڻي تيرهن ؛ شگر مل جا ماڻهو پئسا روڪن ته اهي وري اڃان گهٽ قيمت ڏين ٿا آبادگارن کي پيا ائين رلائيندا آهن نالي ۾ ڪيش پر پوءِ پيو ڳولين بس بروڪر لڀندو ئي ڪو نه پوءِ سنڌ جي آبادگار ڪمند جي پوک کي پنهنجي بدنصيبي ۽ تقدير جو فيصلو سمجهي پيو دل کي دلاسو ڏيندا آهن ته ماڻهو به مري ويندو آهي بيماري به ٿيندي آهي ڪمند جو فصل ويو ته گهر و ڀاتي فوت ٿي وڃڻ جو مثال ڏئي پيو دل کي تسلي ڏيندو آهي ، افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته ڪمند جي ٽرالين سبب روڊ بلاڪ ٿي ويندو آهي ۽ روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل هوندا آهن ۽ ايمبولنس کي جاءِ نه هوندي آهي ته هو ڪنهن سيريس مريض کي اسپتال پهچائي سگهي ، ان لاءِ ڪيترائي مريض رستي ۾ ئي پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڪيتريون حمل واريون عرتون رستي ۾ ئي ٻارن کي جنم ڏين ٿيون ۽ ڪيترائي ٻار هن دنيا ۾ ئي اچڻ کان پهرين دم ڏئي وڃن ٿا ۽ ڪيتريون عرتون ٻارن کي جنم ڏيڻ کان پهرين دم ڏئي ڇڏين ٿيون خدارا آبادگارن مقرر اگهه ڏئي بند ٿيل رستا کلرايا وڃن ، جئين ته انساني جانيون بچي سگهجن ،
آخر ۾ آئون هڪ ڪمند جي ننڍڙي آبادگار جي حثيت سان سنڌ جي سمورن آبادگارن جو فرياد هنن لفظن ۾ وس وارن آڏو پيش ڪندس ته ڪجهه اسان سنڌ جي آبادگارن کي خدا جي واسطي شگر ملز انتظاميه کان بچايو ، ڪمند جو مناسب اگهه جيڪو ڪورٽ سڳوري به مقرر ڪري چڪي آهي ، اهو وٺرائي ڏيندا ۽ ڪمند جي آبادگارن جي مفادن جو توڙي سنڌ جي زراعت جو خيال ڪندا .
No comments:
Post a Comment