جيڪڏهن پوري دنيا جي قوم پرست اڳواڻن ڪارڪنن تي نظر وجهون ته هر ملڪ جي جاگرافيائي صورت حال تبديل آهي قوم پرستن جي سوچ ان مطابق عوام تائين رسائي رکي ٿي ، جن پنهنجي قوم جي تقدير بدلائڻ جي ڪوشش ورتي انهن کي اهو چئي انهن جي حوصلا شڪني ڪئي ته سائين هن قوم پرست مٿان ڪنهن نه ڪنهن جو آشير وارد رهيو آهي جيڪو غلط به ٿي سگهي ٿو پرڪن پنهنجي جان ته حقيقي مالڪ حوالي ڪئي پر انهن ڪڏهن به سنڌ جي هڪ واري جي ذري برابر به سنڌ جي زمين سنڌ جي ماڻهن تي سودو نه ڪيو آهي ۽ امر ٿي ويا انهن ۾ ڪجهه نالا ان ڪري مان لکندس جيئن عوام کي سڌ پوي ته ڪي اهڙا به هيا جن سنڌ جي عوام کي جياپو بخشو ڪڏهن پنهنجي ضمير جو سودو نه ڪيو به ڪا سودي بازي نه ڪئي جنهن ۾ سڀ کان پهريان هن ڌرتي جو ڄائو سنڌ پرست سنڌ جو سائين جي ايم سيد . ڪامريڊ عبدالواحد آريسر ، سنڌ جو جوڌو شهيد بشير خان قريشي ان سان گڏ سنڌ جي بيباڪ صحافي اديب ڪالم نگار ايڊيٽر رشيد راڄڙ به انهن مان هڪ هو جن مان ڪجهه سياستدانن علم هٿ ۾ کڻي ڪن وري قلم هٿ ۾ کڻي سنڌ کي سونهن بخشيندا رهيا سنڌ جي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪندا رهيا برحال اسان کي پنهنجي قوم جي تقدير بدلائڻ لاء جيڪڏهن پنهنجي جان جو نظرانو به پيش ڪيون ۽ جيڪڏهن سنڌ کي سونهن ملي ته ڪروڙ ها مرتبه هي زندگي سنڌ مٿان قربان ڪرڻ بهتر آهي ، ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته سن واري سائين جي ڏنل فڪر فلسفي کي سمجهڻ هر هڪ جي وس جي ڳالهه ناهي جنهن پنهنجي سڄي ڄمار نظر بند ي قيدي ٿي گذّاري سن جي سائين سنڌ جي نوجوان لاء ڇا ڇا نه سوچيندو هوندو ، پوء اهو به سچ آهي ته هر هڪ جي مرضي آهي ته سن واري سائين سنڌ جي شان سنڌ پرست سنڌين جو سائين دل جو ٺار سائين جي ايم سيد جي فڪر کي ڪيئن ٿو وٺي ڪيئن ٿو سمجهي، ان سان گڏ جيڪڏهن ٻين قوم پرستن جي سنڌ لاء ڪيل خدمتن تي روشني وجهون ته شايد قلم جي سيا حي ساٿ نه ڏئي سگهي ، عبدالواحد آريسر جنهن سنڌ جي نوجوان کي فڪر فلسفو ڏنو جنهن اهو سمجهايو ته سنڌ جي بقا تي ڪڏهن به پنهنجي ضمير جو سودو نه ڪندا هڪ اهڙو مفڪر جنهن بک تي رهي ته سنڌ جي عوام سان بي انتها پيار ڪيو پنهنجي قوم کي سن جي سائين جو پيغام پهچائيندو رهيو جنهن سنڌ جي عوام جو تحفظ ٿي چاهيو جنهن سنڌ جي معدني وسيلن جي وارثي سنڌ حوالي ڪرڻ لاء وڏيون قربانيون ڏنيون سنڌ جو سپوت سنڌ جي جوڌي موت ته قبول ڪيو پر سنڌ جي واري جي زري تي به سوديبازي نه ڪئي اهو ئي سبب هو جو هن انتهائي سادگي واري زندگي بسر ڪئي ۽ هڪ ڪچي گهر جهوپڙي ۾ رهڻ پسند ڪيو ته ڪو اسان مٿان الزام نه هڻي ان کان پوء هن وقت تائين هر قوم پرست سنڌ جي حقن جي پنهنجي پنهنجي طريقي سان جنگ وڙهي رهيو آهي ڪير درست اهي ڪير نه ان جو فيصلو به عوام ئي پيو ڪري ، جيڪڏهن سنڌ جي ان جوڌي جي ڳالهه ڪيون جنهن سن واري سائين سنڌ جي وارث جي ايم سيد جي وڇوڙي کان پوء سنڌي قوم کي گڏ کني هلڻ لڳو جنهن جي هڪ آواز تي ڪراچي ۾ سنڌ مارچ امن مارچ ريلي سنڌ جي دشمن سامراجي ٽولي کي اهو ٻڌايو ته اسان کي هڪ ٻئي کان جدا سمجهڻ وارا سمجهن ته اسان جو هڪ جسم ٻه جانيون آهن هر سنڌي جي دل مان سنڌ سان پيار جي اڪير پئي ظاهر ٿئي پر افسوس جو نيٺ ظالمن بشير خان قريشي کي پڻ شهيد ڪيو جنهن تي اڄ به هي سنڌي قوم سوڳ ۾ آهي ،
سنڌ جي مٿان هون ته هر سياستدان دعوا پيو ڪري ته مان سنڌ جي حقن جي جنگ وڙهيون آهيان جنهن ۾ ڪئي اسان جا هن وقت جا قوم پرست پڻ آهن جن جي اهڙي دعوي کي به اسان حق نه ٿا رکون ته رد ڪري سگهون اسان صرف اهو چاهيون ٿا ته سنڌ جي حقن جي مالڪي ٿئي سنڌ جي نياڻين جي عصمت لٽيندڙن کان موٽ جي صورت ۾ پاند وٺجي مون کي هڪ اهڙو جوڌو سنڌ پرست ڪامريڊ بهادر صحافي ڪالم نگار هڪ اخبار جي ايڊيٽر رشيد راڄڙ ان ڪري نه وسرندو آهي جو هن ڪڏهن به سنڌ جي ڪنهن به درد سور ظالمن جي ڏاڍ تي سودو نه ڪيو سدائين غيرت مند انسان رهيو پنهنجي ضمير کي زنده رکڻ لاء سنڌ جي حقن جي ترجماني ڪندو رهيو سدائين قلم جي نوڪ سان علم هٿ ۾ کڻي سنڌ جي حقن جو هن هڪ اخبار ذريعي پپڻ تحفظ ڪيو مان هنگورجه پريس ڪلب ۽ صحافي اتحاد خيرپور پاران هڪ تقريب جنهن ۾ ارڏي صحافي قلم ڪار دانشور اديب رشيد راڄڙ جي تعزيتي ميڙاڪي ۾ شرڪت جو شرف نصيب ٿيو جتي سنڌ جا ناليوارا صحافي اديب سماجي سياسي قوم پرست ڪارڪن رهنما پڻ ويٺا جتي کين هر هڪ سنڌ جي عوام سنڌ جي حقن جي تحفظ سنڌ جي بقا کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ رشيد راجڙ تي روشني وڌي هن تقريب ۾ انٽرنيشنل پريس ڪلب راڻي پور جو صدر ملڪ قاسم انور ناريجو شير محمد سولنگي نيشنل پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري صحافي اتحاد جي قربان منگي ناظم جامڙي ، راڻي پور پريس جي ناليوار صحافي اتحاد خيرپور رهنما ياسين راجپر شڪيل شيخ لياقت راجپر ، سانول ڳاهو اڪبر شاهاني غلام حسين چانگ فياض سولنگي حاڪم سنڌو لال ڏنو فضل منگي جمال محمود کهڙو فاروق ڊاڪٽر خير محمد آمر اسرار عمراڻي شمن راجپر هاشم ،حسين بخش ڪٻر سجاد ڪٻر عجيب لاکو ۽ صحافي ايڊيٽر نعمت ڪهڙي پڻ سنڌ جي هقن بابت پنهنجا پنهنجا ويچار پيش ڪيا انهن تمام قلم ڌنين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ هن وقت به وڏيون تڪليفون پئي برداشت ڪري سنڌ جي عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيندڙن جي وڏي لسٽ آهي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيا اهن اهي سنڌ کي پنهنجا حق وٺي ڏيارڻ ۾ ناڪام ڇو ٿا ٿيڻ ان جا سبب ڪهڙا آهن ، منهنجي نظر ۾ منهنجي ذاتي راء آهي ته هڪ ته اسان جون قوم پرست پارتين جا اڳواڻ هڪ ٻئي سان به گڏ ناهين هر هڪ جو پليٽ فارم جدا آهي جيڪڏهن سنڌ جي حقن سنڌ جي عوامم جي تحفظ لاء به گڏ نه هن ته پوء مان سمجهان ٿو ته اهو مقصد حاصل نه ڪري سگهنداسين جنهن لاء ڄڻ ته صديون گذري چڪيون آهن اسان کي اليڪشن ۾ حصو وٺي سنڌي عوام کي گڏ ڪري سنڌ جي وارثي جا حقوق ڏيڻا پوندا ،سنڌ جي مٿان جڏهن به ڪنهن ظلم جي ڪاهه ڪئي آهي ته اسن جي مٿان سدائين انهن ماڻهن جي حڪمراني رهي آهي جيڪي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻ جو ته اعلان ڪن ٿا پر اهي ان جملي کان سوين ميل پري بيٺا آهن جڏهن ڪنهن قوم کان قلم کسي اسان هٿيار ڏيئون قلم کسي بي روزگاري ڏيئون ظالم جي حمايت ڪيون مظلوم کي ساٿ نه ڏيئون ته پوء اسان جو اهي سب تدبيروين ڪامياب نه ٿينديون جيستائين اسان عهد نه ڪيون ته اسان هڪ قوم آهيون جيڪڏهن اسان اهو محوس ڪيون ته ٻئي جو درد اسان جو درد آهي ته يقين ڪيو اسان گڏجي تمام تڪليفون دور ڪري سگهون ٿا وقت جي اهم ضرورت ته اسان تمام قوم پرست گڏجي هڪ پليٽ فارم تان سنڌي قوم جو آواز بلند ڪيون جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته سچ پڇيو ته اسان پنهنجي قوم کي جياپو بخشي سگهون ٿا اسان پنهنجي قوم جي تقدير بدلائڻ ۾ ناڪام ان ڪري آهيون جو اسان جو آواز گڏ بلند نه ٿو ٿئي اسان کي پاڪستان جي آئين مطابق اليڪشن جي پاليسي تي هلي پنهنجا حق وٺي سگهون ٿا ان ڪري هڪ قدم اڳتي اچڻو پوندو جيئن سنڌ ڪاز تي جنگ قانون مطابق وڙهي سگهون
No comments:
Post a Comment