سنڌ ۾ حق گرندڙ اڪثر روڊن تي ڍڪا کائيندي ڏٺا ويا آهن ، ڪي پنهنجي حق ۽ انصاف لاءِ لٺيون به کاڌيون ، پر انهن کا پنهنجا حق نه ٿا ملن ، اهي ماڻهو ٻاڪاريندا رهيا پر اقتدار ڌڻي هنن جي هڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي ، ان جو اهم سبب اهو آهي جو سنڌ جا ادارا قبرستان وانگر خاموش تماشائي بڻيل آهن ، ۽ نه ڪنهن جي ٻڌن ٿا ۽ نه وري ڪنهن جو ڀلو سوچن ٿا ، بس نالي ماتر قائم رهڻا آهن ، ، باقي عملي طور ڪم ٻُڙي آهي اهي ادارا حڪومت جي ماتحت آهن ، پر سنڌ حڪومت عوام جي مسئلن کا لاتعلق آهي ، ان جو نشاني اها آهي جو سنڌ جي عوام مسئلن جي حل ،حق ۽ انصاف لاءِ رستن تي احتجاج ڪندي نظر اچي ٿي ، سنڌ جي ماڻهن احتجاجي مظاهرا ڪري ڪري پريس ڪلبن جا آڱڻ آباد ڪري ڇڏيا آهن ، جيستائين ڪو احتجاج سگهارو نٿو ٿئي تيستائين حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن جي ڪنن تي آواز نه ٿو پوي ، پر سنڌ ۾ ڪي اهڙا احتجاج به ٿيندا رهن ٿا ، جنهن سان اقتدار ڌڻين جو ڄڻ ته ڪو تعلق ئي نه هجي ، ائين کڻي چئجي ته حڪومت اهو پئي سمجهي ته شايد اهي سنڌ جا ناهن يا ڪنهن ٻئي صوبي ۾ پيا احتجاج ڪن ، سنڌ ۾ هڪ احتجاج اهڙو به ٿي رهو آهي جنهن جو ذڪر ڪرڻ سان ئي اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا آهن ، سنڌ حڪومت جي ڪنن تي جوءِ نٿي سري ، ۽ سنڌ جون نياڻيون روزانو روڊن تي ويهي حق ۽ انصاف لاءِ دانهين رهيون هونديون آهن ، پر سندن سنڌ ۾ ڪير ٻڌڻ وارو ناهي ، اهڙا به احتجاج آهن جيڪي سوين ڏينهن کان جاري هوندا آهن ، پر اقتدار ۾ ويٺل عوامي حڪمران حق ۽ انصاف لاءِ دانهون ڪندڙ سنڌ جي عوام تي رحم ڪرڻ جو بلڪل نٿا سوچن ، بس سوچن ٿا ته رڳو ڪرپشن کي هٿي وٺرائڻ جو وري جيڪڏهن ڪرپشن خلاف ڪير احتجاج ڪري ته حڪومت ان کي “ جمهوريت ” خلاف سازش سمجهي ٿي ، روزانو اخبارن ۾ ڪرپشن جو خبرون پڙهون ٿا ، پر حڪومت پاڻ بچائڻ ۾ پوري آهي ، عوام وڃي کڏ جي تري ۾ ڪري ! هي سڀ هن عوامي حڪومت ۾ ٿي رهيو آهي ، جنهن جو منشور ته اٽو ، لٽو ۽ اجهو آهي پر اصل ۾ سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ آهي ، سنڌ ۾ سوين ڏينهن کان جاري انصاف خاطر احتجاج حڪومت جي بي ڌياني ۽ غير سنجيدگيءَ کي وائکو ڪن ٿا ، حڪومت حق ۽ ابصاف خلاف لاءِ ٻڪاريندڙن تي رحم کائي انهن کي پنهنجا حق ڏئي ، پنهنجي منشور تي قائم رهي ، سنڌ ۾ سالن کان سنڌ جو عوام انصاف ۽ حقن خاطر روڊن رستن تي دربدر آهي عوامي حڪومت پنهنجي مينڊينٽ جو سالن کان اهڙو استعمال پئي ڪري جو هاڻي سنڌ جو عوام تنگ اچي وئي آهي ، اليڪشن ويجهو آهي ووٽ جي طاقت سنڌ جي هر ٻڍي ، نوجوان ، امڙين ، ڀينرن وٽ آهي اهي پنهنجي ووٽ جي طاقت سان اهڙي حڪومت کي رد ڪن جيڪا عوام جي حق ۽ انصاف نه ڏئي سگهي ۽ اهڙي حڪومت چونڊين جنهن جو فيصلو ضمير ڪري ان کي پنهنجو ووٽ ڏين .
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment