عدالت ۽ اپوزيشن جي گهيري ۾ آيل نواز شريف ...؟؟ (مصطفيٰ جمالي)

                         عمران خان صاحب اپوزيشن سان گڏجي ڪري حڪومت خلاف پاناما ليڪس ۽ آف شرر ڪمپنين جي معاملي جي ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي،ن ليگ جون ڄنگهون ڇڪي رهيو آهن جڏهن ته انهي پاناما جي حوالي سان ميان صاحب کي پاڪستاني سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏئي ڪري گهر ڀيڙو به ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو شور ميان صاحب جي ڪنن ۾ اڃان به گونجي پيو جنهن جي ئي ڪري ميان صاحب هر جلسي ۾ چئي رهيو آهي ته“مون کي ڇو ڪڍيو ويو” انهي ڇو ڪڍيو ويو وارو جملو به خاصو مشهور ويو آهي،اوهانکي ياد هوندو  ان کي به پهرين فلم شعلي جو ڊائيلاگ به ايترو ئي مشهور ويو هوُ جنهن ۾ گبر پڇندو آهي ته “ڪيترا ماڻهو هئا”  ۽ جواب ملندو اٿس ته ٻه هئا سرڪار..پر انهي جي ڀيٽ اندر ميان نواز شريف کي نااهل ڪرڻ وارا ٻه نه پر ٽئي هئا،جڏهن کان ميان نواز شريف نااهل ٿيو آهي انهي ڏينهن کان وٺي ميان نواز شريف عدالت جي خلاف اهڙا به بيان ڏنا آهن جنهن کي عام ماڻهو به برداشت نه ٿو ڪري سگهي پر سلام آهي پاڪستان اعليٰ عدليه کي جنهن ايترو صبر ڪيو آهي.آخرڪار پاڪستان سپريم ڪورٽ به صبر ڪري ڪري ٿڪي پئي ۽ پنهنجي بيان ۾ چئي ڏنو ته ميان نواز شريف پنهنجي بيانن کان باز اچي نه ته کيس آرٽيڪل 5 تي تحت سزا به لڳي سگهي ٿي،پر مان سمجهان ٿو ته ميان نواز شريف جو اسڪرپٽ رائيٽر ڪو اهڙو آهي جيڪو ميان نواز شريف جو پنهجو هوندي به کيس سزا ڏيارڻ جي چڪر ۾ آهي،انڪري ميان نواز شريف جو پنهنجي بيان کان باز نه اچڻ يقيني کيس نقصان ۾ وجهندو جنهن جو ازالو هو ڪڏهن به ڀري نه سگهندو.
 عمران کان هاڻي اسلام آباد بند ڪرائڻ لاءِ ويندي لانگ مارچ تائين ميان نواز شريف جي خلاف سموريون تياريون ڪري ورتيون آهن.عمران خان پنهنجي  بيان اهوو به واضع چئي ڇڏيو آهي ته   سندس ساٿ ڀلي ڪير نه ڏي پر پوءِ به هو آخري حد تائين ويندو ۽ اها آخري حد ڪهڙي آهي اها سڀني کي خبر آهي،.برحال انهي مان هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته عمران خان کي اها ته سمجهه اچي وئي آهي ته هو جنهن اپوزيشن کي وٺي ڪري هلي رهيو آهي ۽ شيخ رشيد جي منٿن به رنگ لاٿو آهي جڏهن ته انکان ڊاڪٽر طاهرالقادري ماڊل ٽائون سانحي ته زور لڳائي واپس روانو ٿي ويو آهي ۽ انکان پهرين هوُ شيخ رِشيد جي منٿ ٿي عمران واري ڌرڻي ۾ اچڻ لاءِ راضي ٿي ويو هوُ، عمران خان ميان نواز شريف جي خلاف پاناما ليڪس معاملي ۽ آف شور ڪمپنين جي خلاف جيڪو روڊن تي نڪتو. پاناما ليڪس معاملي ۽ آف شور ڪمپنين جي وٺي ڪري روڊ رستا بند  ڪرايا ته ظاهري ڳالهه ته انهي سان ملڪ اندر هڪ نئون وڳوڙ پيدا ٿيو جنهن اندر ملڪ جي ترقي کي به خاصو نقصان ٿيو.
پاڪستان آرمي به نه چاهيندي به انهي ڳالهه کي برداشت ڪيو ته شايد حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ معاملو حل ڪري وٺندي ته هن انتها پسندي واري دور اندر لاهور ۽ اسلام آباد ۾ جلسا ڪرڻ انساني زندگين سان راند کيڏڻ جي برابر هوُ .ڇو ته ملڪ جي صورتحال هن وقت اهڙي ناهي جنهن اندر پاڪستان جو گادي وارو هنڌ بند ڪرائي سگهجي ،تازو پاڪستان اندر دهشتگردي جا ڪيترا واقعا پيش اچي چڪا آهن جنهن اندر ڪيتريون انساني  جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن،ملڪ جون حالتون سڀني جي سامهون آهن.ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ ۾ وڌ کان وڌ ڪرادر فوج جو ڪردار رهيو آهي.
جنهن ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي جي خلاف هڪ وڏي جنگ وڙهي ڪري کيس جڙ کان ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.جڏهن ته آرمي اتر وزيزستان اندر دهشتگردن جي آخري پناهه گاهه کي به ختم ڪري شوال ماٿري کي ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي.افغان جي سرحد ويجهو عرائقي کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پاڪستاني فوج آپريشن به مڪمل ٿي چڪو آهي،جيڪو ٽن مهنين تائين جاري رهيو..ٽن مهنين جي آپريشن کانپوءِ پاڪ فوج انهن دهشتگردي سان وڙهندي وڙهندي سندن آخري پناهه گاهه کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي، هڪ طرف پاڪستان آرمي جيڪا ملڪ جي بهتري لاءِ اهو اهم ڪردار رهي آهي.جنهن کي پوري دنيا  ڏسي ڪري ساراهائي  رهي آهي ته پاڪستان اندر امن جون هوائون ڳلجهندڙ آهن.اهي ملڪ جيڪي پاڪستان کي هڪ دهشتگرد ملڪ جي نالي سان پڪاريندا هئا. انهن جي زبانن تي تالا لڳي ويا آهن.اهڙي امن واري ماحول اندر هن وقت دنيا هر ملڪ پاڪستان سان پنهنجا واپاري توڙي نجي معاملا ڳڍڻ لاءِ تيار آهن.اهي ملڪ جيڪي پاڪستان سان واپار ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا اهي ملڪ پاڪستان کي واپار لاءِ آفرون ڪري رهيا آهن.
عمران خان اپوزِيشن پارٽين مان اميدون لڳايون ويٺو آهي.پر ڏسجي ته سڀني اپوزِيشن پارٽين اندر سڀ کان وڌيڪ ناقبل اعتبار ڪردار پ پ جو ئي رهيو آهي.ڇو ته عمران ڀلي ڪيتريون به ڳالهيون ڪري پر پ پ عمران خان جي ڪهڙي ته صورتحال اندر ساٿ نه ٿي ڏئي سگهي جيڪڏهن عمران خان اپوزيشن پارٽِين اندر پ پ تي اعتبار ٿو ڪري ته اها سندس سڀ کان وڌيڪ ڀُل هوندي.ڇو ته اها سراسر سندس مفاد جي نفي آهي. پ پ جي هيمشه  پاڪستان اندر اول پوزيشن تي رهڻ چاهيو آهي ۽ هن وقت به پ پ پنهنجي انهي ڪوششن ۾ رڌل آهي.سا ڪيئن چاهيندي ته پوءِ اول درجي کان هٽي ڪري ۽ آخري اپوزيشن تي اچي بيهي.!!عمران خان کي پارٽي ملڪ اندر هڪ نئون نعرو معتارف ڪرايو ته هو ملڪ اندر تبديلي آئيندي انهي نعري جي ڪري کيس تمام گهڻي مقبلوليت ملي ۽ خاق طور تي نوجوان طبقي اندر تحريڪ انصاف تمام گهڻي شهرت ماڻي آهي انهي ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن هو جڏهن تحريڪ انصاف اڪيلي سر ميدان ۾ مٿل هئي.پر هن وقت تحريڪ انصاف اڪيلو ناهي. ان سان گڏ اپوزيشن پارٽيون آهن .جن مان پ پ ڪڏهن ته پنهنجي پوزيشن جي نه ڪرائيندي باقي ٻيون پارٽيون انهن جي پوزيشن ملڪ هيٺي درجي تي پنهنجي پنهنجي آهي.
هن وقت پاڪستان جي سياست اندر تحريڪ انصاف ئي اها سياسي پارٽي آهي جيڪا ٻئي پوزيشن جي ٻيٺل آهي ۽ پ پ ٽئي پوزيشن تي آهي.پ پ اقتدار اندر رهي چڪي آهي ۽ هو ملڪ جو واڳون به سنڀالي چڪي آهي تنهن ڪري پ پ هرگز به اهو نه چاهيندي ته وٺس وري حڪومت جو واڳون نه اچن ،بلڪ هو ته نهه چوٽي جو زور لڳائيندي ته حڪومت سندس ئي ٺهي.اهڙي صورتحال اندر عمران خان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه چئي اچي ته هو جنهن جي گڏ وٺيو هلي اها ئي کيس اهڙي کڏ ۾ ڪيرائيندي جتان سندس نڪرڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن هوندو.
 مستقبل جو سياسي منظر نامو ٻڌائي رهيو آهي ته ماضي ايترو پري نه هو.اڄ عمران خان اهو چئي رهيو آهي ته نواز شريف ايترو ته ڪمزور ٿي ويو آهي جو کيس ٻين پارٽين جو سهارو وٺڻو پيو پوي. جڏهن ته عمران خان اهو واضع پنهنجي جلسي اندر چوندو رهندو آهي  نواز شريف جي سياسي ڪمزرو ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري هو مولانا فضل الرحمان جو سهارو وٺي رهيو آهي.جڏهن ته نواز شريف جي سياست کي ڏسي ڪري ته اهين لڳي رهيو آهي ته کيس صرف مولانا فضل الرحمان نه پر ڪيترين سياسي جماعتن جو اتحاد حاصل آهي. عمران خان به پنهنجي جلسي جي آغاز ۽ اختتام تائين نواز شريف تي پيو الرون ڪندو پيو اچي. ملڪ اندر سياست صرف ٻن شخصن وچ اندر رهجي وئي آهي.ميان نواز شريف به سياست گهٽ ۽ جلسا وڌيڪ ڪري رهيو آهي ۽ عمران خان ته هوئين به جلسي واري ئي سياست ڄاڻي ٿو.پر مان سمجهان ٿو ته ميان نواز شريف کي هن وقت جيڪو خطرو آهي اهو صرف ۽ صرف پاڪستاني عدالت سڳوري مان آهي جنهن جي خلاف ميان نواز شريف پنهنجي غلط استعمال ڪري رهيو آهي.جنهن مان کيس ڪهڙِي به وقت نقصان پهچي سهگي.جنهن جو علم ميان نواز کي ناهي ڇو ته پاڪستان جي سياست ۾ هن وقت عدالتون خاصيون مظبوط نظر رهيون آهن ۽ اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن انهي عدالت جي خلاف ويهي بيان بازي چڪي به اها بيان بازي پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ جي برابر آهي.

No comments:

Post a Comment