ننڍ پڻ کانپو۽ جواني وارو دور ھو جنھن ۾ ڪنوارپ جي سونھن مٿي جي موڙ بڻيل ھئي اڪيلا ھئاسين تنھائي جو اھو دور جنھن دور ۾ موج مستين جو عروج به دنگ ھو ڪنواري زندگي مرضي سان جئيڻ جو نالو آھي پر شادي شدھ زندگي ٻئي جي لا۽ جئڻ جو ھڪ دستور ريت رواج رشتو آھي پر انھي ئي شادي شده زندگي مان ڪيترن ئي رشتن جو جوڙ ممڪن ٿيو پوي جڏھن ھڪ مان ٻه ٿيندا آھن ته يقينن خدا جي فضل ڪرم سان ان ٻن مان چار ۽ چار مان اٺ به ٿيو پون اھڙي طرح ئي زندگي پنھجي حقيقي سفر ڏانھن تيز رفتار ھلندي رھي سال 2009 جو ھي قصو آھي انھي سال ۾ تلھار کان ڪجھ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي راڄو خاناني جو شھر آھي جيڪو اڄ ھڪ ٽائون بڻجي چڪو آھي انھي وقت ۾ انھي شھر ۾ غريب نواز اسڪول ھوندو ھو اڄ آھي يا نه سا ڪا خبر ناھي جنھن ۾ آئون بنا معاوضي جي پڙھائيندو رھيس پر انھي اسڪول جي ھيڊ قاسم خاصخيلي جي بقول ته اسڪول ۾ نواڻ تبديليون آڻجن نوان استاد به جئين انرولمينٽ ودائجي اصل ۾ اڄڪلھ شھرن ۾ پرائيوٽ اسڪول جي عمر اھا ئي آھي پر پاليسيون عجيب رکيل آھن ڪجھ مختصر بيان ۽ تبصرو ڪندو ھلان ڪافي پرائيوٽ اسڪول جنھن ۾ استاد ٻارن جي ڪارڻ ئي رکيا ويندا آھن معني ٽيلينٽ زيرو ڀلي ھجي حساب ۾ انگ اکر جي ڄاڻ ڀلي نه ھجس ا کان ي تائين ياد پڙھي نه سگھي پر 10 کان ويھ ٻارڙن جي انھي اسڪول ۾ ايڊمشن ڪرائي پو۽ انھي جي نوڪري پڪي انھي ئي استاد کي ھزار روپيه فقط ھڪ ھزار جي پگھار مھينو مقرر ڪري ڏني ويندي ھئي يعني 20 ٻارڙن جي فيس 2000 ھزار انھي مان ئي ھڪ ھزار اسڪول کي بچت بقايا ھڪ ھزار انھي استاد جي نالي جيڪو پاڻ سان گڏ ٻار ڪوٺي آيو انھي وقت سائين قاسم سان مخاطب ٿيندي مون چيو سائين اسڪول ۾ تعليم سان گڏوگڏ بھترين تربعيت جو به ھڪ سبجيڪٽ پڙھايون ۽ انساني ڳالھ ٻول ملڻ ھلڻ گھمڻ فرڻ ننڍ وڏي جو ادب احترام سميت ٻيون به نيڪ گالھيون انھي جي ڄاڻ ۽ سکيا ٻارڙن ۾ ڏيارڻ لا۽ موسٽ ٽيلينٽ استادن جي ضرورت آھي پنھجي اسڪول کي بس اجازت ڏيو ته تلھار شھر مان نوجوان دوست آڻيان جيڪي مونسان گڏجي راڄو ايندا ۽ معصوم ٻارڙن کي تعليم جي بھترين سکيا پڻ ڏيندا سائين اجازت ڏني ۽ مون قربان کوسو ۽ نديم سومرو جيڪي منھجا ويجھا دوست ۽ بااخلاق ناياب ۽ عزيز دوست ھئا گھڻو ويجھڙائپ نه ھئي تنھن وقت بس قسمتي ڪنھن ھوٽل يا چوڪ تي گفتگو جاري رھندي ھئي سو انھن دوستن کي اسڪول ۾ جوائن ڪرائي ورتم ٻنھين جي مھينو پگھار ھزاز ھزار مقرر ٿي ويو باقي آئون ته بنا پگھار سائين جي دوستي ۾ علمي ادبي سرگرميون جاري رکندو رھيس قربان نديم ۽ مان ڪلوز دوست نه بلڪه ھڪ ئي شھر جا اسين ثي دلي دوست به ھياسين نديم قربان کي قبو قبو ڪري چڙھائيندو ھو ۽ قربان وري نديم کي ندو ندو اھو محبت ھيج مان نالن تي نالي تقسيم ڪندي وقت ڪڍندا رھياسين علم تقسيم ڪرڻ به ھڪ عبادت آھي منھجو پڙھائڻ جو طريقو ڪجھ الڳ ئي ھوندو ھو اسان جي وقت ۾ ٻارڙن جي حاضري گھٽ ھئي مطلب ڪافي مسڪين پيسا نه ھئڻ ڪري نه ايندا ھئا گھڻا وري پاڻ ئي نه ايندا ھئا پو۽ سوچيم اھڙو ڪجھ ڪجي جئين نه ايندل ٻار وري واپس پنھجي دلي چاھتن سان اسڪول ۾ پڙھڻ لا۽ موٽن اسڪول ڪامياب پڻ ٿي پوي سو آئون روز نئون تجربو ڪرڻ لڳس نرسري کان چوٿين ڪلاس جي ٻارڙن جي ڪلاس ۾ اد اد ڪلاڪ جو پيرڊ وٺي اھو جائزو دلي وٺندو رھيس ته ھن ڪلاس ۾ ڪيترا شاگرد داخل آھن انھن مان حاضر ڪيترا آھن ۽ غير حاضر ڪيترا ۽ ڇو پو۽ انھي ئي ڪلاس جي شاگردن کان پڇندو پڻ رھيس ته جاويد ڇو نٿو اچي ڪنھن جي پاڙي ۾ آھي اھڙي طرح انھن جي غير حاضر رھڻ ۽ اسڪول ڇڏي وڃڻ جا ڪارڻ گڏ ڪرڻ لڳس تا ويندي مھينو گذريو پو۽ نرسري کان ويندي ڇوٿين ڪلاس تائين اسڪولي ٻارڙن ۾ سوال جواب جا مقابلو ڪرائيندو رھيس انعام پنھجي کيسي مان ڪڏھن ٽافيون ۽ ڪڏھن پيسن جي صورت ڏيندو انھن ٻارڙن جي دل ۾ اسڪول لا۽ دلچسپي پيدا ڪرائيندو رھيس پر نه ايندڙ اسڪولي ٻارڙن لا۽ اھو ميسج طور ٻارڙن جي ذھن ۾ ڊوڙائيندو به رھيس اھڙي طرح ٻار موڪل ٿيڻ کان پو۽ گھر ويندا ھئا رستي ۾ اھي غير حاضر ۽ ڇڏي ويندڙ اسڪولي ٻارڙا انھن پڙھندڙ جي واسطن تعلقات ۾ اول ھئا ۽ اھي ئي پڙھندڙ معصوم ٻارڙن اھو ميسيج عام ڪيو ته اسڪول ۾ نوان سائين آيا آھن روز سوال جواب جا مقابلا پڻ ڪرائي انعام پڻ تقسيم ڪن ٿا اھڙي طرح روزانه ھڪ ٻه غير حاضر مھينن کان ٻارڙا ۽ نوان واپس اسڪول اچڻ لڳا بحرحال اھڙي طرح ڪافي مھينا مان قربان نديم انھي اسڪول ۾ پنھجون ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا رھياسين پو۽ قربان نديم اسين وري اسڪول ڇڏي باواني شگر ملز ۾ داخل ٿيندي وياسين تلھار شگر ۾ پھريان مان ويس پو۽ نديم ۽ آخرڪار وري قربان به اچي پھتو ھر سال سيزن ورڪ ۾ فقط 3 کان 4 مھينا ايندا ھئاسين بس ڪافي وقت گذريو وري جو ملياسين ته قربان ۽ نديم انھي شگر ملز ۾ ڊيوٽيون ڏيندي مليا پر قربان پاڪستان پيپلز پارٽي جوائن ڪري تلھار سٽي جو عھديدار پڻ ھن سال بڻيو اڄ سوشل ميڊيا تي قربان جو اندروني لڪل ڪو درد ظاھر ٿيو انھي درد جا ڪجھ تفصيل لکندو ھلان قربان جو اولاد ۾ پٽ ۽ دي پٽ نالي سلمان پنجن سالن جو جيڪو گردن يوريا ( پيشاب جي سسٽم جي مسئلن ۾ جڪڙيل ۽ 6 سالا نياڻي اقراء جو جسم 50 پرسنٽ پيرالائيز آھي جنھن جي اعلاج لا۽ ھر پندرھن ڏينھن مختلف اسپتالن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور بيوس بڻيل قربان ڇھن سالن کان رولڙي جو شڪار ۽ مجبور مسڪين مزدور طبقي سان وابسته قربان کوسو پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيالي جي حيسيت سان صحت منسٽر بدين جي ڊاڪٽر سڪندر مندھرو سان به ڊيڍ سال اڳ ملي اھڙو احوال ڪيو پر پنھجي ئي پارٽي ۽ ھڪ ضلع جي بڻيل منسٽر مان قربان نااميد ٿي آخرڪار مايوس ٿي واپس موٽيو قربان جي خداري اھا آھي ته قربان جي سوچ خيالن مطابق ته بنا ڪنھن جي اڳيان ھٿ ٽنگھڻ جي بجاء سندسرڪار کان مدد گھرآن جيڪو منھجو جھموري حق آھي اھڙي طرح ڇھن سالن کان پاڻ ملھائيندو سرڪاري دروازن تي ڀٽڪندو پڻ رھيو آخرڪار ايم پي اي تڪ جي حاجي مير الله بخش مدد طور درخواست وڏي وزير ڏانھن پڻ اماڻي اتان کان وڏي وزير جي نوٽ لڳل درخواست واپس آئي پر انھي لڳل نوٽ جي صحت کاتي ھيلٿ عملدارن ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو اھڙي طرح ڪافي دربدري جو درديلو سفر ڪاٽڻ بعد به قربان کوسو ھمت نه ھاري ئي نه اصول ڇڏيا ۽ نه ئي ڪنھن دوست اڳيان ھٿ پڻ ٽنگھيا آخرڪار ھي سلسلو ڇھن سالن کان سال 2018 ۾ داخل ٿيو تلھار جي جرنلسٽ اظھر خواجه مدد طور قربان سان گڏجي ڪراچي ويو ڪو ريسپونس نه مليو پو۽ امتياز شيخ سان ٽيلفونڪ رابطو ڪيو ۽ امتياز شيخ فوري ملڻ لا۽ گھرائي ورتو ملاقات ۾ قربان جي معصوم پٽ ۽ دي جو بيمار حال جو بيان پيش ڪيو ويو جنھن بعد پ پ پ اڳواڻ امتياز شيخ فوري ھڪ ڊاڪٽر کي گھرائي ورتو ۽ گالھ ٻول ڪئي قربان پرائيوٽ سيڪٽر شگر ملز جو ملازم آھي جنھن جي مھانه پگھار 15 ھزار آھي ھاڻ انھي پندرھن ھزارن مان مھيني جو راشن بجلي پاڻي گئس جي بلن کي منھن ڏيڻ بعد جيڪو بقايا بچي سو اھو ٻچن کي تلھار مان ڪراچي تائين اعلاج لا۽ سفر ڪاٽيندو رھي ٿو ھي لکڻي قربان جي دوستي جو ڪو قرض لاھڻ نه بلڪه پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلع ۽ تعلقي قيادت کان ويندي چيرمين تلھار تڪ جي ايم پي اي کان ويندي شھري سياسي سماجي ماڻھن لا۽ سواليه نشان بڻيل آھي افسوس ڪيان ٿو ته وڏي وزير جي نوٽ بعد صحت کاتي ۾ ڪا چرپر نه ٿي باقي ٻين مسڪين ماڻھن سان ڪھڙو ويدن ڪھڙو حشر ٿيندو ھوندو تنھن جو مثال ھي قربان کوسي جي پريشاني آھي خدارا ٻيو ڪجھ ته نٿا ڏئي سگھو بيمارن جي اعلاج لا۽ ته جاکوڙ ڪيو ھي ڪھڙيون ايمرجنسيون آھن جنھن ۾ ھڪ درخواست تي وڏي وزير جي لڳل نوٽ بعد به ڪو کڙ تيل نه نڪري سگھيو اسين دوست دوستي ناتي قربان جي ڏکن ۾ دلي شريڪ آھيون پر بيمارحال اولاد جي ڪري قربان پيء ۽ جيجل ماء جو ڪھڙو حال ھوندو خدارا سرڪاري اسپتالن ۾ اعلي سطح جي اعلاج لا۽ ڪي اپاء وٺو جئين تلھاري بدين رھواسي پري جا پند ڪري پريشان اضافي خرچن کان بچي سگھن انسانيت ناتي اھڙي انسان جي ضرورت اشد آھي جيڪو پاڻ ھن نيڪين جي ڪم ۾ اڳبرو ٿئي قربان جي خداري بي شڪ قائم رھي ۽ ڪو مالڪ طرفان خوشحال ھن ڪم ۾ سھڪار ڪري زبردستي ڪو پاڻ قربان وٽ ھلي وارثي جتائي معصوم ٻچن جي زندگين خاطر ھڪ جيجل ماء جي جھولي جي خاطر ھڪ ڀٽڪندڙ روئيندڙ پيء جي خاطر ڪو پاڻ نڪري اڳيان اچي مدد ڪري انسانيت ناتي ھڪ مسلمان جي حيٽيت سان قربان جي مدد جائز ڪري ھڪ شھري ھڪ پيء ھڪ مزدور جي ذھن تان مڻن جي پريشانين جو بوجه لھرائڻ جي ڪا ڪوشش ته ڪري مان حيرآن آھيان ته تلھار جو انھي چيرمين تي جنھن جي ايمانداري دريا۽ دلي نيڪ دلي جا ڪي ماڻھون روز گيت سحرا پيا ڳائيندا آھن اھو چيرمين جيڪو شھر جي ڀلائي لا۽ بيروزگار ۽ سوين بيمارن لا۽ پنھجي 50 ايڪڙ زمين في سبي الله ڏيڻ جي دعوا ڪري ويٺو آھي انھي کان سوال آھي ڇا قربان کوسو تلھار شھر جي ڪنھن حصي ۾ نٿو اچي ڇا اوھان ۾ ايتري جرت ناھي جو ھن مسڪين جي مدد لا۽ ڪا ذري ڪاوش ڪري سگھو ڪئين چوان چيرمين 50 ايڪڙ زمين جو نظرانو تلھار شھرواسين جي ڀلائي لا۽ قربان ڪري ڇڏيو انھي چيرمين جي نظر کان ڪافي مھينن کان مسئلن ۾ مندھل قربان کوسو جو درد پاسي کان به نه گذريو يا قربان جو گھر تلھار شھر کان ٻاھر ڪافي ميل پري قائم آھي بس اھو ثابت ٿيو آھي پاڪستان پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ جيالن جا ڏکڙا ئي دور نٿا ٿي سگھن ته باقي ٻيا عام ماڻھون مسڪين عوام ڇا رليف حاصل ڪري محل ماڙيون اڏيندي قربان کوسو ھڪ يا اڪيلو ناھي پورو شھر اسين قربان جي درد ۾ دلي شريڪ آھيون ۽ انھي اميد ۾ آھيون ته الله پاڪ قربان کي گلابن جھڙو جئين اولاد عطا ڪيو ۽ آزمائش ۾ رکيائين اھڙي طرح قربان جون سموريون پريشانيون واحد مالڪ ڪائنات خدا تعالي بي شڪ جلد دور ڪرائي قربان جو گھر خوشين سان روشن چھڪائي مھڪائي ڇڏيندو
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment