اسلام تہ امن ۽ سلامتيءَ جو دين آھي ويڙھہ جهيڙو سلامتيءَ سان ٽڪراءَ ۾ ھجڻ سبب ان جو ضد آھي جنھن سان انسانيت کي نقصان رسي ٿو ھاڻ جڏھن انسانيت جو خاتمو ايندو تہ يقينن حيوانيت باقي رھندي پوءِ حيوان انسان جو روپ اپنائي انسانن تي حڪمراني ڪندو جيڪو شايد اسان جي ملڪ ۾ عام ڏسجي پيو انسان تڙپي تڙپي مري پيو پر حاڪمن جي مٿي تي جُونءِ ئي نہ پئي چُري ھرڪو لُٽ مار ۾ لڳو پيو آھي جنھن کي جتان اچي ٿو اھو ٻين جي حقن تي ڌاڙا ھڻي قبضا ڪرڻ لڳي ٿو کيس نہ خدا جو خوف آھي ۽ موت جو ڊپ آھي جڏھن تہ واضح حڪم آيل آھي تہ ھڪ ڏينھن اھڙو ايندو جو ھر ڪنھن کان پنھنجي عملن جو حساب ڪتاب ورتو ويندو اھو سبق عام ماڻھن کي دين جا دعويدار سيکاريندا آھن پر جڏھن دين جا دعويدار خود قبضاگير ۽ لينڊ مافيا بڻجي وڃن تڏھن خونريزي ۽ فساد جنم وٺندو آھي اھڙو ئي ھڪ واقعو ڦل شھر جي ڀرسان ڳوٺ ابڙائو ديھہ شجاع محمد ڦل ۾ رونما ٿيو جتي نامياري ليکڪ وفا ولي محمد ڦل جي اباڻي ڇھہ ايڪڙ زمين تي نام نھاد دين جي ٺيڪيدار ۽ فسادي مولوي عبدالاحد ڦل ۽ مولوي محمد علي ڦل قبضو ڪيو آھي اھا زمين سندس پيءُ عبدالڪبير ڦل ستون فارم تي لکي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ لاءِ سب رجسٽرار آفيس کي ڏنو ھو پر ٻہ مھينن کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود اڃان ڪا موٽ نہ ملي آھي ٻئي پاسي مولوي احد ڦل ۽ مولوي محمد علي ڦل ملي ڀڳت ڪري سندس زمين تي ٽريڪٽر وھائي قبضو ڪيو جڏھن ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي تہ مٿس پسٽل تاڻي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ لڳا جڏھن وفا ولي محمد پنھنجي حق لاءِ برادريءَ ۾ آواز بلند ڪيو تہ قابض ڌر مٿس ڦل ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي تہ ھُو سوشل ميڊيا تي مون خلاف پروپيگنڊا پيو ڪري جڏھن پوليس ٻنھي ڌرين کي ٿاڻي تي گھرايو ۽ اصل حقيقتن کان واقفيت حاصل ڪئي تہ قبضاخور فراڊي ۽ مڪاري ملان ڏوھي ثابت ٿيا پر پوءِ بہ شيطان گيري وارو کيل کيڏندا رھيا پر زمين جي حقيقي وارث وفا ولي محمد ڦل پنھنجي حق لاء آواز بلند ڪندو رھيو بلآخر يونين ڪائونسل ڦل جي چيئرمين فھد اللہ ڦل ۽ شھر جي نيڪ مرد طيب ڦل وٽ فيصلو رکرايو پر عين موقعي تي ٻئي مُلان فيصلي ۾ اچڻ کان لنوائي ويا ائين ڊي ايس پي، ايس پي نوشھرو فيروز ۽ سيشن ڪورٽ نوشھرو فيروز مان قبضاخورن کي رسوائيءَ کان سواء ڪجھہ حاصل نہ ٿيو آھي ان جي باوجود ھو زمين تان قبضو ڇڏڻ لاءِ تيار نہ آھن ۽ وفا ولي محمد ۽ سندس عزيزن کي موتمار ڌمڪيون ڏيئي حراسان ڪري رھيا آھن مون جڏھن سندس ڪھاڻي ٻُڌي تہ سوچڻ لڳس حقيقي دين جا دعويدار جيڪڏھن ماڻھن تي ظلم ڪندا رھندا تہ مٿن ڪير اعتبار ڪندو ڪير سندن پٺيان نمازون پڙھندو ۽ ڪير سندن ڳالھيون ٻُڌندو بس ماڻھو مجبور ٿي يا ظلم خلاف آواز اٿاريندا رھندا ۽ انھن نام نھاد مُلان جو بائيڪاٽ ڪندا رھندا يا وري خود ظالم بڻجي ٻين جي زمينن تي قبضا ڪرڻ لڳندا ڇوتہ جيڪو ٻج ڇٽبو آھي سو ئي ڦٽندو آھي اڄ سڄي دنيا اندر جيڪو نفرت جو ٻج ڇٽجي رھيو آھي سو بہ اھڙن نام نھادن مُلن جي تعليم جو حصو آھي جنھن سبب انساني دنيا ڪيترن ئي متحارب گروھن ۾ تقسيم ٿيندي پئي وڃي پر ان جي برعڪس اسلام ھڪ اھڙو دين فطرت آھي جنھن ۾ اختلافن جو ڪوبہ تصور موجود ناھي حقيقي اسلام اھو سيکاري ٿو تہ اگر زمين جي صرف ھڪ ڪنڊ ۾ رھندڙ ڪنھن مسلمان کي ڪو ايذاءُ پھچي تہ ان جو درد روءِ زمين جا مسلمان محسوس ڪن پاڻ سڳورن صلعم جن تہ اھو بہ فرمايو تہ مسلمان ھڪ قلعي جي ڀت وانگر آھن جنھنجي ھڪ سر ٻي سر کي مضبوط بنائي ٿي جيڪڏھن ھڪ سر ٻئي کان جدا ٿي ويئي تہ پوري عمارت ئي ختم ٿي ويندي ائين پاڻ ڪريمن صلعم ھڪ ھٿ جون آڱريون ٻئي ھٿ جي آڱرين ۾ ڦاسائي ڏيکاري فرمايو تہ مسلمان ھن طرح پاڻ ۾ ڳنڍيل رھڻ گهرجن پر ھيءَ ڪھڙي دين جي پرچار آھي جو ھڪ مسلمان ٻئي مسلمانن جي زمين تي طاقت جي زور تي قبضاخوري ڪري وڏي فخر سان ان جو حق غضب ڪري رھيو آھي جنھن تي ان جي ٻچن جو گذر آھي جيڪڏھن دين جا دعويدار ڪنھن جي جيئڻ جي دڳ تي ڪنڊا وڇائيندا تہ ڪير ان دين تي ھلڻ لاءِ آمادہ ٿيندو حقيقي دين تہ ٻين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ سيکاري ٿو مونکي ھتي ھڪ قصو ياد اچي ويو آھي جنھن ۾ خلق سان سھڻي ورتاءَ جو داستان سمايل آھي قصو ھن ريت ھو تہ ھڪ اللہ لوڪ بزرگ حضرت ابراھيم اڌم رات جو خواب ۾ ڏٺو تہ ھڪ فرشتو ان جي سامھون ھڪ وڏي ڊگهي فھرست کنيو بيٺو آھي حضرت جن کانئس پڇيو تہ ھن فھرست ۾ ڇا لکيل آھي؟ فرشتي جواب ڏنو تہ ھن فھرست ۾ انھن ماڻھن جا نالا شامل آھن جيڪي خدا سان محبت رکن ٿا پاڻ پُڇيائون تہ ڇا منھنجو نالو ان فھرست ۾ شامل آھي؟ فرشتي ناڪار ۾ جواب ڏنو ، ان تي ابراھيم اڌم فرمايو منھنجو نالو انھن ماڻھن ۾ لکي ڇڏيو جيڪي خدا جي مخلوق سان محبت ڪن ٿا انھن جي حقن جي حفاظت ڪن ٿا انھن جي عزتن ۽ ملڪيتن جا محافظ آھن اھو ٻڌي فرشتو غائب ٿي ويو وري ٻي رات ساڳيو فرشتو حضرت ابراھيم اڌم جي سامھون اھائي فھرست کڻي آيو تہ پاڻ کانئس پڇيائون ان ۾ ڇا لکيل آھي ؟ فرشتي جواب ڏنو تہ ھن فھرست ۾ انھن ماڻھن جا نالا شامل آھن جن سان خداوند ڪريم خود محبت ڪري ٿو ۽ ان فھرست ۾ توھان جو نالو سرِفھرست آھي ان مان ظاھر ٿيو تہ خداوند ڪريم خلق سان ڀلائي ڪندڙ سان ڪيترو نہ پيار ڪري ٿو ان ڪري انھن جي عمل کي اصل عبادت جو درجو ڏئي پنھنجي عبادت تي ترجيح ڏني آھي اچو تہ حقيقي دين کي سمجھون ۽ ٻين جي زمينن تي قبضا خوري ڪندڙن جي اڄ رستاروڪ ڪريون تہ جيئن اسانجو سڀاڻو محفوظ ٿي سگھي حڪومت توڙي انتظاميہ فوري قدم وٺي وفا ولي محمد ڦل کي قبضا خورن کان نجات ڏيارين ۽ ڪُوڙن دعويدارن خلاف فوري ڪارروائي ڪن تہ جيئن ڪو اڻوڻندڙ واقعو رونما نہ ٿي پوي ڇوتہ انھن نفرتن سڄي سنڌ مان خوشين جو خاتمو آڻي ڇڏيو آھي ۽ ھرڪو اڪيلو ٿي ويو آھي اسان جون وسندڙ اوطاقون ويران ٿي ويون آھن ان چالبازيءَ مڪاريءَ دوکيبازيءَ دغابازيءَ بي مروتيءَ بي ايمانيءَ ۽ بدمعاشيءَ نہ رڳو ڪيترائي ويڙھا ۽ ڳوٺ ويران ڪري ڇڏيا آھن بلڪہ اسان جي امن ۽ آجپي واري پرسڪون فضا کي بہ آلودہ ڪري ڇڏيو آھي جنھنڪري دشمن کي موقعو فراھم ڪيو آھي تہ اسان ۾ نفرتون ڦھلائي اسان جي صاف سٿري روشن ماحول کي اونداھيءَ جي گند ۾ اڇلائي ھاڻي نفرتن جي ڪري ھڪ ٻئي جو چھرو ئي نہ ٿو وڻي نمن ٻٻرن ٻيرُين ۽ ٽالھين جون ٿڌيون ڇائون نٽھڻ اس بڻجي ويون آھن انھن وڻن جي جاءِ بيدمشڪن واري آھي منھنجو دوست انھن بيد مشڪن کي بيڊ مشڪ سڏي بدبودار خوشبو سڏيندو آھي ڇوتہ ان سان سالم زمين کي تمام گھڻو نقصان رسي ٿو اڄ انھن ذاتي انائن ۽ نفرتن سبب جنونيت ۽ وحشيت جو راڪاس ھر وقت لامارا ڏيندو رھي ٿو متان اھو راڪاس ھڪ قبضاخور مُلان جي عمل جي ڪري ڪا انساني جان ڳڙڪائي وڃي ان کان اڳ انتظاميہ کي سجاڳي ڪرڻ کپي قانون جا رکوالا ڪم عقل مُلان جي ان ڪڌي عمل تي فوري قدم کڻن ملڪ جون اعليٰ عدالتون امين بڻجي وفا ولي محمد ڦل سان انصاف ڪري گُھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول مان کيس آزاد ڪن
No comments:
Post a Comment