فقير غلام علي “مسرور” ولد حاجي رحيم بخش بدوي
(جنم : 1893ع ، وفات : 1952ع) جو شمار انهن صوفي شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن فڪر ۽
فقر کي شعار بڻائي سنڌي ادب ۾ ناماچار ڪڍيو. هو ڪنهن به رسمي تعارف جا
محتاج نه آهن. پاڻ نه رڳو هڪ پخته گو شاعر هئا، پر اعليٰ پايه جا نثر نويس
به هئا. سندن تصنيفات ۾ “مسدس مسرور” عرف “هيرن جو هار”، “راڳ جي شرعي
حيثيت”، مثنوي هير رانجهو”، “دشمن”، “من - مستي”، “سلطاني سهاڳ” کان علاوه
“فقير واليڏنو شڪارپوري” جو ڪلام پڻ شامل آهن. پاڻ روهڙي شريف جي صوفي شاعر
۽ بزرگ حضرت بيدل سائين رحه جي فڪر جو گهرو اثر قبول ڪيائون ۽ اهوئي سبب
آهي جو سندس ڪلام ۾ مرشد جي ناصحانه ڪلام جي جهلڪ نظر اچي ٿي. شڪارپور شهر ۽
ماحول جي عڪاسي هيٺين ريت نظم ڪئي اٿن.
عجب ماڻهو اڄوڪي ٽاڻي رهن - ڪرن ٿا شڪارپور ۾،
مزي سان پنهنجي ڪمين وهاڻي اچن - وڃن ٿا شڪارپور ۾.
لچا لفنگا اڇن وڳن سان، وڏا وڏيرا وڏن پڳن ۾،
مزور واندا گهٽين دڳن سان گهمن - ڦرن ٿا شڪارپور ۾.
چڱي مٺي جا ٻه - چار نوڪر، ڏُڪر جي جن کي لڳي نه ٺوڪر،
ٻيا سڪولي غريب ڇوڪر نچن - ڪڏن ٿا شڪارپور ۾.
ملي نه لهڻو رهيل ڪمايل سدا سڃن جا سوين ستايل،
ٻيا گهڻا مون جيان دکايل مرن - جيئن ٿا شڪارپور ۾.
گهڻائي ڪال و نچال وارا گهڻائي خارج خصال وارا،
تڏهن به خاصي خيال وارا اُٿن - ويهن ٿا شڪارپور ۾.
ڏسي هي حالت ڏڪي وڃان ڪجهه مگر نه دل جو ڀرم ڀڃان ڪجهه،
گهڻا ويا گهر ڊهي اڃان ڪجهه ڪِرن - ڊهن ٿا شڪارپور ۾.
وڌيڪ “بدوي” نه ڪر حڪايت اها حڪايت چون شڪايت،
گهڻائي اهڙا ذليل عادت هڻن - کڻن ٿا شڪارپور ۾.

No comments:
Post a Comment