اسٽيل مل جي پورهيتن سان انصاف ٿيڻ گهرجي/جميل چانڊيو / ملير



پاڪستان اسٽيل تاريخ جي انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، موجوده وفاقي حڪومت قومي صنعتي اداري کي وينٽيليٽر تي اچي بيهاريو آهي، مل جا پورهيت ۽ آفيسر انتهائي ڪسم پرسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن اسٽيل مل جي گئس 20 جون 2015ع کان نواز سرڪار هٿ وٺي بند ڪري ڇڏي، گئس بندش سبب قومي اداري جي پيداوار 60 سيڪڙو کان اچي زيرو تي وئي، ادارو گيس جي بندش سبب روزانو 3 ڪروڙ کان وڌيڪ نقصان برداشت ڪري رهيو آهي ۽ اداري ۾ ڪم ڪندڙ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح لکين ماڻهو مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن وفاقي سرڪار هن قومي اداري کي هڪ سال اڳ نقصان ۾ ڄاڻائي کپائڻ جا اعلان ڪيا پر هي ادارو سندن منشا مطابق نه کپي سگهيو پاڪستان اسٽيل جي تاريخ شاهد آهي ته هي ادارو جڏهن آب ۽ تاب ۾ هو تڏهن سمورا خرچ ڪڍي ڪروڙين رپيا روزانو بچائڻ سان گڏو گڏ وفاق کي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي مد ۾ ساليانو اربين رپيا ادا ڪندو رهيو هو، پاڪستان اسٽيل مل ملڪ جي پهريئن عوامي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دور انديش پاليسين هيٺ لڳايو هو ته جيئن پ پ جي منشور اجهي لٽي ۽ ڳڀي کي هن اداري جي سهڪار سان پورو ڪري سگهجي. پاڪستان اسٽيل مل جي وجود پوڻ شرط اداري جي دشمنن پهرين ڏينهن کان وٺي مخالفت ڪئي جيڪا اڄ ڏينهن تائين نواز سرڪار جي روپ ۾ موجود آهي.
پاڪستان اسٽيل مل ۾ هن وقت 17 هزار پورهيت ۽ آفيسر برسر روزگار آهن هن اداري جي صورتحال رحم جوڳي آهي ملازم کي گذريل 6 مهينن کان پگهارون نه ملي سگهيون آهن جنهن سبب ملازم ۽ سندن ڪٽنب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ۽ سندن اولادلاءِ تعليم، صحت ۽ روزمره جي ضرورتون تنگ ڪيون ويون آهن ملازمت ۽ اداري جي بحالي لاءِ اسٽيل مل جي نمائنده سي بي اي يونين پاران عدالتي جنگ هلي رهي آهي جنهن جا نتيجا اچڻ جو انتظار آهي پاڪستان اسٽيل مل ۾ ڪم ڪندڙ ملازم اداري جي بحالي لاءِ حڪمرانن خلاف ڏينهون ڏينهن سراپا احتجاج بڻيل آهن پر حڪمرانن هن قومي صنعتي اداري جي بحاليءَ ۽ ملازمن کي بروقت پگهارون ڏيڻ طرف ڪوبه خاطر خواهه قدم نه کنيو آهي، پاڪستان اسٽيل وٽ هن وقت به ساڍا چار سئو ارب رپئي جا اثاثا جن ۾ قيمتي زمين، ريلوي، پاڻي، بجلي، مواصلات نظام جو هڪ وڏو ڄار وڇايل آهي جنهن کي  استعمال هيٺ آڻي اداري کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو، هي ادارو تعليمي ۽ صحت مرڪز رکندڙ آهي اداري ۾ پنهنجا راندين جا ميدان تفريح گاهون، ڪمرشل مرڪز موجود آهن پر انهن مان خاطر خواهه آمدني نه ٿي وصول ڪئي وڃي ۽ ڄاڻايل شعبن جا ملازم به پڻ اداري تي حڪمرانن جي نظر ۾ بارُ بڻيل ،
آهن اسٽيل مل جي بحالي لاءِ اڄ ڏينهن تائين ميڊيا تي ته اهو ئي تاثر ڄاڻايل آهي ته اداري جي بحالي لاءِ اربين رپين جا ماضي ۾ پيڪيج ڏنا ويا جيڪي بدعنوانين جي نظر ٿي ويا پر حقيقت ان جي اُبتڙ آهي ته پاڪستان اسٽيل مل کي اڄ ڏينهن تائين پي آءِ اي ۽ ريلوي جيان ڪابه سبسڊي نه ڏني وئي آهي پر اسٽيل مل کي وڏن وياجن تي ڪمرشل بينڪن کان قرض ڏنا ويا آهن. جيڪي ون گو بدران قسطن ۽ ٽڪرن ٽڪرن ۾ مليا، جيڪي ڪارآمد ثابت نه ٿي سگهيا، پاڪستان اسٽيل مل جيڪا فقط 19 ارب رپين ۾ 80ع ۽ 81ع واري ڏهاڪي ۾ فقط 19 ارب رپين ۾ تيار ٿي پنهنجي پيداوار ڏيڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجي تاريخ ۾ وفاق کي هڪ سئو ڏهه ارب رپيا ٽيڪس ادا ڪري چڪي آهي اداري جي مک ڪارخانن ۽ پورهيتن ۾ اڄ به اها صلاحيت موجود آهي ته وفاق گيس بحالي سان گڏ خام مال لاءِ رقم مُهيا ڪري ته هي ادارو هڪ دفعو وري پنهنجا پيداواري هدف ماڻڻ ۾ ڪامياب ويندو پر نواز سرڪار ۽ ان جا وزير اهو نه ٿا چاهين ته پاڪستان اسٽيل مل هلي جيڪڏهن پاڪستان اسٽيل مل هليو ته پوءِ اتفاق فائونڊري ۽ حڪمرانن جي ملن جو هلڻ محال ٿي ويندو قومي صنعتي اداري جي بحالي لاءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي جماعت پيپلز پارٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇوجو هي ادارو سندن ئي پارٽي جي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نشاني آهي ۽ هن اسٽيل مل جو بنياد انڪري رکيو هو ته ملڪ جي صنعت کي هٿي وٺرائجي ته جيئن پاڪستان صنعتي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي جيئن ماضي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو خلاف سازشون ٿيون هيون ۽ اهڙي طرح هي پاڪستان اسٽيل مل خلاف سازشي ٽولا اڄ به سرگرم آهن، پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي لاءِ هڪ نئي اميد پيدا ٿي آهي، هن اداري سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح لکين ماڻهو روزگار سان لاڳاپيل آهن ۽ عسڪري ضرورتون پڻ هن اداري جي بدولت باآساني حاصل ڪري سگهجن ٿيون، ان ڏس ۾ اڄ پاڪستان اسٽيل مل ۾ آءِ ايس آءِ جو 14 رڪني وفد پهچي رهيو آهي، جيڪو مختلف شعبن جنهن ۾ فني، سڪيورٽي ۽ ملازمن بابت تفضيلي آڳاهي ۽ ڪيترن ئي شعبن جو زميني جائزو وٺندا، اهو به پڻ معلوم ٿيو آهي ته اسٽيل مل جي معاملن کي پاڪستان آرمي جي ماتحت اداران فوجي فائونڊيشن، ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري هلائڻ جي پڻ رٿا بندي شامل آهي.
26 اپريل 2018ع تي پاڪستان اسٽيل پيپلزورڪرز يونين رجسٽرڊ جي هڪ وفد يونين چيئرمين شمشاد قريشي جي صدارت ۾ چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري سان بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي پ پ پ سنڌ جو صدر نثارکهڙو، جنرل سيڪريٽري وقارمهدي، سعيد غني، جاويد ناگوري، چوڌري منظور ۽ حبيب الله جنيدي پڻ موجود هئا، وفد جي نمائندن پاڪستان اسٽيل جي بدترين صورتحال ۽ ملڪ جي واحد فولاد ساز اداري جي پورهيتن جي مسئلن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان اسٽيل جي بنياد قائد عوام شهيدذوالفقار علي ڀٽو 30 ڊسمبر 1973ع ۾ رکيو هئو ۽ ان وقت کان وٺي ملڪ دشمن ۽ مزدور دشمن قوتن ان اداري کي معيشت تي بار جهڙن لقبن سان نوازيو، پر ان اداري نه فقط پنهنجي پاڻ تي خرچ ڪيل قيمت کي پورو ڪيو، جڏهن ته 100 ارب کان وڌيڪ حڪومت کي مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ ڏنا، هي ادارو ٻن ڏهاڪن تائين 90 سيڪڙو پيداوار تي هلندو رهيو، پر جڏهن به مسلم ليگ نون جي حڪومت اقتدار ۾ايندي ئي ان اداري جي خلاف سازشون تيز ڪندي رهي آهي ۽ ان کي نجڪاري جي نالي تي ٽڪن ۾ وکڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، 2006
ع ۾ مشرف حڪومت ۾ هي ادارو 21 ارب 68 ڪروڙ رپين ۾ وڪڻي ڇڏيو هو، پر پيپلزورڪرز يونين پاڪستان اسٽيل پارٽي ليڊرشپ جي حڪمن تي پهريان هاءِ ڪورٽ ۽ پوءَ سپريم ڪورٽ ان کي ڪالعدم قرار ڏنو، 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اچڻ کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر ان اداري جي خلاف سازش شروع ڪئي وئي ۽ 10 جون 2015ع تي جڏهن ان اداري جي پيداوار 65 سيڪڙو هئي ته سازش ڪري ان جي گئس بند ڪئي وئي جنهن سان ادارو مڪمل طور تي بند ٿي ويو، اڄ هي ادارو گذريل 32 مهينن کان بند آهي، ملازمن کي ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن، اڄ به 5 مهينن جو پگهارون رهيل آهن، رٽائرڊ مرحوم ملازمن کي 2013ع کان رهتن جي ادائيگي نه ٿي سگهي آهي، ميڊيڪل، ٽرانسپورٽ ۽ الائونسس پڻ بند ڪيا ويا آهن، اداري جو هن وقت تائين نه ئي ڪو مستقل سي اي او آهي ۽ نه ئي پي اي او ۽ جنرل مينئيجر، اسان جي درخواست آهي ته اداري ۽ ملازمن جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي، چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري وفد کي يقين ڏياريو ته اسان هن اداري جي نجڪاري يا ليزنگ ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ اسٽيل مل کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسٽيل مل جي گئس ۽ پيداواري سرگرميون بحال ڪيون وڃن، گذريل 5 مهينن جي رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن ۽ رٽائر مرحوم ملازمن جي رهتون فوري طور تي ادا ڪيون وڃن ۽ زمين جي ورهاست بند ڪئي وڃي،   بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي  اسٽيل مل جي نجڪاري ٿيڻ نه ڏيندي ۽ پارليامينٽ جي اندر ان عمل جي سخت لفظن ۾ مخالفت ڪندي، هن چيو ته نواز ليگ قومي اثاثن کي وڪڻي رهي جڏهن ته پي ٽي آءِ ان عمل جي حمايت ڪري ٿي، هن وڌيڪ چيو ته اسان قومي اثاثن جي حفاظت هر قيمت تي ڪنداسين، اسٽيل مل جي بحالي لاءِ ملڪ جي سمورين جمهوري قوتن کي گڏ ٿيڻو پوندو ته جيئن هن قومي اداري کي بروقت بچائي، لکين ماڻهن کي بيروزگار ٿيڻ کان بچائي سگهجي اها وقت جي ضرورت آهي.

ڏوهه ۽ نيون فني مهارتون/شفيق الرحمان شاڪر



اسان اربن انسانن جي جنهن دنيا ۾ رهون ٿا اتي هر انسان جي سوچ،ڪردار ۽ زندگي گذارڻ جا  طريقا هڪ ٻئي کان جدا آهن.جيڪڏهن دنيا ۾ رڳو نيڪ،پرهيزگار ۽ قانون جو احترام ڪندڙ ماڻهو موجود هجن ته پوءِ اسان کي قانون،عدالتن ۽ پوليس وغيره جهڙن ادارن جي شايد ضرورت ئي نه پوي پر جيئن ته فساد،جھيڙو،غصو،لالچ ۽ دوکي وغيره جهڙيون ناڪاري صفتون انساني فطرت ۾ شامل آهن ان ڪري دنيا ۾ ڏوهن جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي آهي جيتري خود انساني تاريخ!
ڪائنات جي پهرئين انسان جي ٻن پٽن مان هڪڙي ٻئي کي قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو ڪائنات ۾ پهريون انساني قتل هو. سو جيستائين هي ڪائنات آهي نيڪي ۽ برائي جو وجود انساني جيون سان چنبڙيل رهندو۽ جيستائين انسان کي اختيار جي آزادي حاصل آهي سندس ڏوهن جو سلسلو به جاري رهندو. البت انساني تاريخ ۾ ڏوهن جي نوعيت ۽ انهن جي واردات جو طريقو ضرور وقت سان گڏوگڏ بدلجندو رهيو آهي.اهو صحيح آهي ته پراڻن دورن ۾ ڏوهن جي شرح گھٽ هئي،ڏوهه ڪرڻ جا طريقا ايترا منجھيل ۽ سائنسي نه هئا ۽ ڏوهارين کي پڪڙڻ اڄ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسان هو.ان جو هڪڙو سبب اهو جو پراڻن دورن ۾ انساني آبادي به گھٽ هئي جنهن ڪري ڏوهن جي شرح به ٿوري هئي. انساني آبادي وڌڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ڏوهن ۾ گھڻو اضافو آندو آهي.
پراڻي دور ۾ ڪنهن ڳوٺ يا علائقي ۾ڪا چوري چڪاري ٿيندي هئي ته پوليس يا ڳوٺ جي نيڪ مردن کي اهو اندازو ٿي ويندو هو ته اهو ڏوهه ڪنهن ڪيو آهي.انهيءَ سلسلي ۾ نامي گرامي چورن جي موجود ريڪارڊ مان به مدد ورتي ويندي هئي ۽ قابل “پيرين” ذريعي چور جي پيرن جي نشانن مان سڃاڻپ ڪرائي ڏوهاريءَ تائين پهچبو هو.انهن پيرين وٽ اهڙو ته بي مثال فن هو جو پير جي نشان مان ان ڏوهاريءَ جي قبيلي تائين پهچي ويندا هئا.پوليس وٽ اهڙا پيري مستقل موجود رهندا هئا.پر پوءِ آهستي آهستي پيرين وارو اهو قصو به دم ٽوڙي ويٺو.يا ته پوءِ وارن پيرين وٽ پير سڃاڻڻ جي اها ڏات نه رهي يا اهي پيري ڪنهن نه ڪنهن سبب اهڙن ڏوهارين تي پردو  وجھڻ يا انهن سان ٻٽ ٿيڻ لڳا.جنهن ڪري  ڏوهارين کي پڪڙڻ لاءِ ”پيرين“ تي ڀاڙڻ وارو طريقو ختم ٿيندو ويو جنهن کان پوءِ انهيءَ مقصد لاءِ سکيا ڏنل ڪتا استعمال ٿيڻ لڳا جيڪي ڪنهن ڏوهاريءَ جي پير جي بوءِ سنگھي ان جو پيڇو ڪرڻ لڳا ۽ ڪنهن اهڙيءَ جڳهه تي وڃي ويهي رهندا هئا جتي ڪو ڏوهاري موجود هوندو هو.پر اهڙن کوجي ڪتن جي ان عمل کي به ڪنهن حتمي راءِ ۾ بدلائڻ ممڪن نه هو جو ڪيترائي ڀيرا انهن ڪتن جي اهڙي سموري ڪارڪردگي غيراطمينان بخش ثابت ٿي ۽ اهي ڪنهن حقيقي ڏوهاريءَ تائين نه پهچي سگھيا.ماڻهن اهڙن ڪتن جون ڪمپنيون جوڙي ورتيون جيڪي ڳري في وٺي ڳوٺاڻن يا ادارن کي اهڙن ڪتن جون خدمتون حوالي ڪندا آهن.
دنيا ۾ جيئن ئي نئين ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال انساني فائدي لاءِ ٿيڻ لڳو تيئن ئي ڏوهاري قسم جا ماڻهو به انهي ٽيڪنالاجيءَ جو سهارو وٺي پوليس کان بچڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويا ۽ ڪيترائي ڏوهه نئين ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان ٿيڻ لڳا.پر انهيءَ جو مطلب اهو ناهي ته روايتي طريقي سان ٿيندڙ ڏوهن جو انداز ئي ختم ٿي ويو هجي.اڄ به جيڪڏهن ڪي هيڪرز دنيا جي ڪنهن ڪنڊ مان هزارين ميل پري ڪٿي ڪا ڏوهاري واردات ڪن ٿا ته ٻئي طرف اسٽريٽ ڪرائيم ۽ گڏهه گابي جي چورين جهڙيون وارداتون به جاري آهن.انهن ڏوهارين پنهن جي ڏوهه ڪرڻ جا طريقا برابر تبديل ڪيا آهن پر قانون نافذ ڪندڙ ادارا به ساڳي ٽيڪنالاجيءَ جي سهاري انهن تائين ضرور پهچيو وڃن.    (هلندڙ)

غير محفوظ بڻيل دنيا ۽ انساني حقن جو ادارو/مدد علي سنڌي



انساني حقن واري عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي تازي رپورٽ ۾ آمريڪي صدر  ڊونلڊ ٽرمپ جي سياست تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ٽرمپ جي سياست نفرت پکيڙڻ ۽ انساني حقن لاءِ خطرن جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي. اداري جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ طرفان آمريڪا جي اندر ۽ آمريڪا جي ٻاهر کنيل سمورا قدم انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهن. ياد رهي ته ايمنسٽي انٽرنيشنل، آمريڪي صدر ٽرمپ کي به انهيءَ گروپ ۾ شامل ڪيو آهي،جنهن ۾ روس، چين، فلپائن، ۽ وينزيلا جا سربراهه شامل آهن.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سربراهه سليل شيلي چيو آهي ته هن مشڪل حالتن اندر جڏهن نفرت ۽ ڊپ جا پاڇا سموري دنيا ۾ پکڙجي رهيا آهن ته فقط ڪجهه حڪومتون اهڙيون آهن، جيڪي انساني حقن جي حفاظت لاءِ اٿي بيٺيون آهن. هن چيو ته دنيا جي مختلف سربراهن جهڙوڪر مصر جو صدر عبدالفتاح اليسي، فلپائن جو روڊر وينزيلا جو نيڪولس، روس جو ولاريمير پيوٽن، آمريڪا جو ٽرمپ ، ۽ چين جو صدر شي چينگ، لکين ماڻهن جي حقن جي ڀڃڪڙي ۾ مشغول آهن. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي 400 صفحن تي پکڙيل هي رپورٽ منهنجي آڏو آهي. جنهن ۾ دنيا جي 159 ملڪن ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جوطويل داستان آهي- ۽ عام ماڻهو، ائين ئي ظلم جي گهاڻي ۾ وڃي ٿو پيڙجندو. پر جڏهن اهوئي ظلم جي چڪيءَ ۾ پيڙجندڙ ماڻهو ظلم جي خلاف اٿي بيهي ٿو، ته ظالم ۽ جابر طبقا ڌوڙ ٿي وڃن ٿا. ان ئي سلسلي ۾  مون کي شيخ اياز جو هي شعر پيو ياد اچي ته :
سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جي اڀا،
سوين عيد جا چنڊ، اڀري پون؟
بهرحال زمانو اڳتي هلندڙ آهي، ماڻهو حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا، ته آمريڪي حڪمرانن جي جبر ۽ تشدد جو نشانو به بڻجن ٿا. شابس هجي ايمنسٽي انٽرنيشنل وارن کي جيڪي ڏاڍ ۽ ڏمر بابت آواز بلند ڪندا پيا اچن. انساني حقن واري تنظيم جي سربراهه طرفان آمريڪي صدر ٽرمپ جي انهيءَ فيصلي تي پڻ تنقيد ڪئي آهي. جنهن ۾ هن 6 مسلمان ملڪن جي شهرين تي آمريڪا اچڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هن رپورٽ ۾ هيٺين مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو آهي:
(الف) امريڪي صدر جا غير انساني فيصلا.
(ب) ميانمار ۾ روهينگا مسلمانن جو قتل عام.
(ت) انسانيت جي خلاف ٿيندڙ ڏوهن ۽ عراق ڏکڻ سوڊان، ۽ يمن ۾ ٿيندڙ جنگي ڏوهه.
(ٿ)آمريڪا،روس، ۽ پولينڊ ۾ عورتن جي حقن کي دٻائڻ جي ڪوشش.
(ٽ) چيچنيا ۽ مصر ۾ هم جنس پرستن جي خلاف ڪاروائي.
(ٺ) فلپائن ۾ منشيات جي خلاف جنگ ۾ انساني حقن جي لتاڙ.
(ث) اتر، آئرلينڊ ۾ زوريءَ ٻار ڪيرائڻ جي خلاف پاليسي ۽ انگلينڊ ۾ دهشت گردي ٽوڙ قانون.
رپورٽ ۾ عالمي اڳواڻن طرفان انساني ذهن جي ڀڃڪڙين تي ڪمزور رد عمل ظاهر ڪرڻ، ۽ عوامي راءِ کي استعمال ڪرڻ وارين ڪوڙين خبرن پکيڙڻ تي پڻ تنقيد ڪئي ويئي آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران سموري دنيا ۾ احتجاجي تحريڪن ۽ مختلف مقصدن لاءِ سرگرم ماڻهن طرفان جارحاڻي ورتاءَ کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سربراهه موجب آمريڪي صدر ٽرمپ جون پاليسيون انساني حقن کي نظر انداز ڪرڻ واري هڪ نئين دور جي شروعات آهي، پر اهو ڪو شفي رجحان هر گز ڪونهي.
دنيا جي مختلف ملڪن جون حڪومتون اڪثر بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ مصروف رهن ٿيون-مثال طور تي هڪ عرب ملڪ ۾ سال 2014ع جي مارچ ۾ اٽڪل 32 هزار پرڏيهين  پورهيتن کي گرفتار ڪيو ويو هو- انهن هزارن پورهيتن کي گرفتار ڪري جڏهن جيلن ۾ بند ڪيوويو هو. ته اتي احتجاج دوران هڪ پرڏيهي پورهيت مري ويو هو. پورهيتن جو موقف هو، ته مذڪوره ملڪ ۾ جڏهن ان حڪومت کي ضرورت هئي، ته هنن کان سالن جا سال پورهيو ڪرايو ويو، پر جڏهن سندن ضرورت ختم ٿي، ته کيس غير قانوني قرار ڏيئي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. انهن گرفتار ٿيلن ۾ 2000 هزار پاڪستاني پورهيت به شامل هئا، جن کي اڃا تائين ان ملڪ جي ڪمپنينن طرفان معاوضو به نه ڏنو ويو آهي. هن وقت خود افغانستان جو مثال وٺو. جتي اڄ به عورتن تي تمام گهڻو ظلم ٿو ڪيو وڃي. ويندي نابالغ نينگرين سان زبردستي وڏي ڄمار وارا ماڻهو شادي ڪن ٿا.
پاڙيسري ملڪ ڀارت ته غير انساني حرڪتن جا ليڪا لنگهي  ويو آهي، جتي والاريل ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙ نوجوانن، عورتن ۽ ٻارن تي گوليون  ٿيون هلايون وڃن. ۽ هزارين نوجوان جيلن ۾ بند آهن. ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ بي جي پي سرڪار جي اچڻ کان پوءِ گذريل سال يعني 2017ع جي نومبر تائين هڪ هزار انڪائونٽر ٿيا.پوليس 38 ماڻهن کي ڏوهاري چئي ماري ڇڏيو. انهن مقابلن ۾ 300 ماڻهو زخمي ٿيا هئا. جڏهن ته 2 هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو هو. بي بي سي جي رپورٽ هئي ته انهن پوليس مقابلن ۾ ڪيترا مقابلا جعلي هئا، جيئن ڪراچيءَ ۾ ايس ايس- پي- ملير رائو انور هڪ نوجوان نقيب الله کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو. اهڙا ڪيترا مثال پنجاب جا به موجود آهن.
پاڻ مٿي ميانمار جو ذڪر ڪيو. ته اتي برٽش خبر ڏيندڙ اداري رائيٽر موجب انهن 2 صحافين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ميانمار ۾ ٿيندڙ قتل عام جي رپورٽنگ ڪئي هئي. سندس ڏوهه اهو هو ته هنن ميانمار ۾ گذريل سال  ميانمار جي صوبي رخاتن ۾ 10 مسلمان روهنگن کي غير قانوني طور تي قتل  ڪرڻ جي رپورٽنگ ڪئي هئي- ۽ هاڻ رپورٽنگ ڪندڙ ٻئي صحافي جيل جي حوالي آهن.
مقصد اهو ته دنيا ۾ هاڻ جتي به ظلم ٿئي ٿو- ظلم جو راڄ برپا رهي ٿو. ڪاري قانون جو عوام شڪار ٿئي ٿو، ته اتي ايمنسٽي انٽرنيشنل آواز اٿاري ٿي. پوءِ چاهي اهو ڪارو قانون ۽ غلط ورتاءَ ڀلي دنيا جي وڏي طاقتور ملڪ يعني آمريڪا جو صدر ٽرمپ ڇو نه ڪندو هجي. ايمنسٽي انٽرنيشنل ان خلاف آواز اٿارڻ کان غافل نٿي رهي.
هاڻ وري پاڻ موٽي ٿا هلون شام ڏانهن، جتي عارضي جنگبنديءَ جو فيصلو گڏيل قومن واري اداري طرفان ڪيو ويو آهي.پر ان هوندي به اتي هڪ ڀيرو وري رتو ڇاڻ شروع آهي- ۽ شام جو علائقو غوطا، ۾ جنگ جاري آهي. ياد رهي ته شام جي علائقي عفرين ۾ ترڪيءَ جي جارحيت خلاف وڙهندڙ ڪرد جنگجوئن ۽ شامي حڪومت ۾ هڪ معاهدو ٿي ويو آهي. اها ڳالهه ڪرد جنگجوئن ڪئي آهي. سندن چوڻ آهي ته ان معاهدي تحت شامي فوج اترئين علائقي عفرين ۾ ڪردن خلاف ترڪي جي ڪاروائي کي شڪست ڏيڻ لاءِ پنهنجا فوجي اماڻيندي.
خيال رهي ته ترڪي ڪرد ويڙهاڪن جي تنظيم  واءِ پي جي مليشيا کي عفرين مان بيدخل ڪرڻ لاءِ گذريل مهيني 20 جنوري کان فوجي آپريشن شروع ڪيو هو. ترڪي آزادي پسند ڪردن جي ويڙهاڪ تنظيم واءِ پي جي کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ٿو. جڏهن ته شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش خلاف جنگ ۾ ان تنظيم کي آمريڪي اتحاد جي حمايت حاصل آهي. ترڪي شام جي علائقي عفرين مان ڪرد ويڙهاڪن جي نيڪالي چاهي ٿي. جيڪو 2012ع کان ڪردن جي ڪنٽرول ۾ آهي.
هڪ سينيئر ڪرد اهلڪار رائيٽرز کي ٻڌايو ته سرڪاري سپاهي عفرين جي علائقي ۾ ٻين هنڌان داخل ٿي سگهن ٿا ۽ انهن کي ڪجهه سرحدي پوزيشن تي مقرر ڪيو ويندو، عراق جي ڪردش ميڊيا گروپ ردوا به ان معاهدي جو اطلاع ڏنو آهي. ان گروپ شام مان هڪ ڪرد سياستدان جو حوالو ڏنو. ان کانسواءِ ان هڪ نيوز ايجنسي جو به حوالو ڏنو، جيڪا شام جي ڪردش فورسز جي حمايت ڪري ٿي. برطانيا جي هڪ نشرياتي سروس جي وچ اوڀر جي ايڊيٽر ايلن جانسن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حقيقت ۾ اهو معاهدو ٿيو آهي ته ترڪي جي فوجين کي عفرين ۾ نه رڳو ڪرد جنگجوئن پر شامي فوج کي به منهن ڏيڻو پوندو.خيال رهي ته شام جي صدر بشاراالاسد جا سپاهي 2012ع ۾ ڪردن جي ڪنٽرول هيٺ وارن علائقن مان نڪري ويا هئا. ترڪي ڪرد مليشيا واءِ پي جي کي عفرين مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هو ان کي آزادي پسند ڪردستان ورڪرز  پارٽيءَ جي ايڪسٽينشن سمجهي ٿو. ڪرد مليشيا واءِ پي جي ڪردستان ورڪرز پارٽيءَ سان ڪنهن به فوجي يا سياسي تعلق جي ترديد ڪري ٿي.
23 جنوري تي ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردگان چيو هو ته ترڪ فوج کي عفرين جي علائقن مان ڪڍڻ لاءِ ڪرد جنگجو آمريڪا جا فراهم ڪيل هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن.
واءِ پي جي اتر اوڀر شام جي هڪ وڏي حصي تي قابض آهي ۽ دولت اسلاميه خلاف ويڙهه ۾ آمريڪا جي هڪ اهم اتحادي آهي. انقره جو موقف آهي ته جيئن ته داعش خلاف جنگ ختم ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري اهو اتحاد ختم ٿيڻ گهرجي. ترڪ صدر جو ترجمان ابراهيم ڪالن چئي چڪوآهي ته اسان پنهنجي سرحدن سان شام ۾ ڪردستان ورڪرز پارٽيءَ جي اسٽيبلشمينٽ برداشت نه ٿا ڪري سگهون.
عفرين ۾ ترڪ فوج جي ڪاروائي کان پوءِ لکين شهري اتان وڃي رهيا آهن. ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته ترڪ فوج جي آپريشن جي ٻن ڏينهن اندر ئي 70 کان وڌيڪ شهري ماريا ويا. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ان آپريشن بابت شروعاتي ڏهاڙن ۾ خصوصي اجلاس سڏايو. جنهن ۾ ترڪيءَ جي شام ۾ ڪاروائي بابت ڳالهايو ته سهي پر ان جي مذمت نه ڪئي وئي. ترڪي جا اڳواڻ چئي چڪا آهن ته ترڪيءَ جي زميني فوجن جو شام جي اترئين حصي ۾ داخل ٿيڻ جو مقصد سرحدي علائقي مان ڪرد ويڙهاڪن جي نيڪالي آهي. ان ڪارروائي جو مقصد شام اندر 30 ڪلوميٽر گهرو محفوظ زون قائم ڪرڻ آهي. ترڪي پاران جنوريءَ ۾ شام جي اترئين علائقي عفرين ۾ فوجي جارحيت کان پوءِ ڪرد ويڙهاڪ وڏي  مزاحمت ڪري رهيا آهن. ان آپريشن کان پوءِ آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ترڪي کي تنبيهه ڪري چڪو آهي ته ائين نه ٿئي جو ترڪ فوجين جو آمريڪي فوجين سان ٽڪراءُ ٿي وڃي. ٽرمپ ترڪيءَ تي اهڙي صورتحال کان بچڻ تي زور ڏئي چڪو آهي.
روس جي صدر پيوٽن شام جي علائقي غوطا جي اوڀرندي علائقي ۾ هلندڙ جنگ کي عارضي 5 ڪلاڪ روڪڻ  جو حڪم ڏنو آهي، ته جيئن عام شهري متاثر علائقي مان نڪري وڃن. ياد رهي ته غوطا ۾ شامي سرڪار طرفان بمباري سبب 3 لک 93 هزار شهري ڦاٿل آهن. ۽ 500 کان وڌيڪ عام شهري مارجي چڪا آهن.
خبر ناهي ته بدقسمت شام ڪڏهن وڏين طاقتن جي سازشن کان پاڻ آجو ڪرائي سگهندو.



پنجاب ۾ آفيسرن جي گرفتاري ۽ لوڏن ۾ آيل ن ليگ جي قيادت /علي ٿهيم



پاڪستان ۾ احتساب وارو عمل انڌي منڊي انداز ۾  سالن کان هلندڙ آهي احتساب وارو ڪم ماضيءَ ۾ سياسي مخالفن خلاف استعمال ٿيندو رهيو آهي پر تازو احتسان واري عمل کي تيز ڪيو ويو آهي ۽ پهريون ڀيرو احتساب واري عمل کي جنهن انداز ۾ هلايو پيو وڃي ان حڪمرانن جون دانهون ڪڍائي ڇڏيون آهن ڊي سي او لاهور سميت مختلف ڪمپنين جي ايم ڊي ، ۽ پي ڊيز جون هڪ ئي وقت چارجون رکندڙ 18 گريڊ ۾ ھئڻ باوجود 20۽ 21 گريڊ جي پوسٽن تي ويهي بادشاهت ڪندڙ احد چيما کي نيب گرفتار ڪيو ته پنجاب جي وزير اعلا سميت وفاقي وزير صاحبان بيورو ڪريٽ ميدان ۾ اچي ويا پنجاب حڪومت احد چيما کي بڪتر بند گاڏي ۾ ويهارڻ تي به اعتراض ڪيا ته احد چيما کي بڪتر بند گاڏي ۾ ويهاري سٺو عمل نه ڪيو ويو آهي احد چيما جي گرفتاري کان پوءِ مسلم ليگ ن جي قيادت پاران وڌ کان وڌ نيب تي دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي بيورو ڪريٽن کان ڪم ڇڏ ھڙتال ڪرائي ويئي پر نيب پنهنجي ڪم کان پوئتي نه هٽي ۽ چيو ته اسان ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه اينداسون.
احد چيما جي نشاندهي تي ڪجهه ٻيون به گرفتاريون ٿيون آهن هاڻي اهي به انڪشاف ٿي رهيا آهن ته احد چيما شهباز شريف خلاف مبينا طور وعدا معاف گواھ ٿيڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي نيب پاران جڏهن سنڌ بلوچستان ۾ ڪاروائيون ڪيون پئي ويون ان وقت ن ليگ جي حڪومت نيب جي ساراھ ڪندي نه پئي ٿڪي پر جڏهن نيب پنجاب ۾ پير رکيا آهن ته پنجاب جي حڪمرانن سميت مرڪزي حڪومت جون دانهون شروع ٿي ويون آهن ته نيب ذيادتيون ڪري رهي آهي.
احد چيما کان پوءِ نيب فواد حسن فواد کي طلب ڪري رهي آهي فواد حسن فواد  لاءِ ميان نواز شريف جو ويجهو ساٿي ۽ پي ٽي وي چيئرمين عطاءُ الحق قاسمي پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکي چڪو آهي ته فواد حسن فواد ٻيو محمود مسعود ثابت ٿيندو محمود مسعود اهو شخص هو جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي خلاف وعدا معاف گواھ ٿيو هو جنهن جي گواهي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سزائي موت ڏني ويئي هئي يعني فواد حسن فواد تي سندس ئي حلقي جا ماڻهو اعتماد نه پيا ڪن، انهن کي شڪ نه پر پورو يقين آهي ته فواد حسن فواد وعدا معاف گواھ بڻجي ويندو پنجاب ۾ هن وقت تائين جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي اها صورتحال شهباز شريف لاءِ گهيرو تنگ ڪري رهي آهي، شهباز شريف لاءِ چيو پيو وڃي ته کيس مسلم ليگ ن جو سربراھ بڻايو پيو وڃي هڪ پاسي سندس لاءِ وڏو خوشي جو موقعو آهي ته مٿان نيب پنجاب پاران جنهن حساب سان ڪارروائيون تيز ڪيون ويون آهن، ان مان لڳي پيو ته شهباز شريف وزير اعلا پنجاب هجي يا هو مسلم ليگ ن جو سربراھ ٿي وڃي، کيس مستقبل ۾ وڏن چيلنجن کي منهن ڏيڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن.
ميان نواز شريف جي نا اهليءَ کان پوءِ هن تحريڪ بحاليءَ عدل جو اعلان ڪيو هو پنجاب ۾ هن ڪجهه شهرن ۾ جلسا به ڪيا پر عوام سندس لاءِ روڊن تي اچي ڪا منظم تحريڪ هلائڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي. نواز شريف جا ويجها ساٿي جيڪي زمين تنگ ڪرڻ ۽ لوھ جا چڻا هئڻ جون دعوائون ڪري رهيا هئا اهي اڄ ٽيوٽر ذريعي نيب کي اپيلون پيا ڪن ته خدارا ڪجهه حلقو هٿ رکو اهي همراھ ڌمڪين کان اپيلن تي اچي پهتا آهن مطلب ته انهن هاڻي اندازو لڳائي ورتو آهي ته احد چيما جي گرفتاري کان پوءِ پيرا گون اسڪيم جا معامرا به منظر تي ايندا ۽ ان ۾ خواجا سعد رفيق عرف لوھ جو چڻو به قابو ٿي سگهي ٿو.
پنجاب ۾ نيب ڪاروائيون شروع ڪيون ته وفاقي ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن پاران نيب کي هر طرح سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪڏهن چيو ويو ته نيب جا پر ڪٽينداسون ڪڏهن لوھ جي چڻن جو ذڪر ٻڌڻ ۾ آيو ڪڏهن بيورو ڪريسي کان هڙتال ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي ايترين ڪوششن باوجود ڪجهھ ھڙ حاصل نه ٿيڻ تي مسلم ليگ ن جي حڪومت توڙي پارٽي قيادت هاڻي اهڙين ڌمڪين کي ڪجهھ گهٽ ڪري ان مصيبت مان بچڻ لاءِ لائحه عمل جوڙڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
اهو پهاڪو مشهور آهي ته کڏ کوٽبي ٻئي لاءِ آهي ان کڏ ۾ ڪرندو کڏ کوٽڻ وارو اها سڀني کي خبر آهي ته نيب ڪڏهن ٺهي ۽ اها ڪنهن کي دٻائڻ لاءِ ٺاهي ويئي هئي نيب جو موجد نواز شريف خود آهي هو جڏهن 1997 ۾ وزير اعظم بڻيو هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ، آصف علي زرداري ۽ پ پ پ قيادت کي انتقام جو نشانو بنائڻ لاءِ نيب ٺاهي هئي صيف الرحمان کي نيب جو سربراھ ٺاهيو ويو هو ان وقت نيب ڪورٽن پاران پ پ پ قيادت سان جيڪي ڪلور ڪيا ويا هئا اهي ڪنهن کان ڍڪيل نه آهن اڄ سندس ئي ٺاهيل نيب پهريون ڀيرو ايمانداري سان ڪم شروع ڪيو آهي ته اها ڳالھ شريفن کي نه پيئي وڻي هو نيب خلاف باقائدا محاذ ٺاهي ان کي ختم ڪرڻ يا ان جا اختيار محدود ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن ميان صاحب مخالفن کي ڪچلڻ لاءِ نيب ٺاهي اڄ ان ۾ پاڻ ٻه ٽنگو اچي ڦاٿو آهي نه صرف نواز شريف پر سندس سڄو خاندان هن وقت نيب عدالتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي الله جي لٺ بي آواز هوندي آهي پ پ پ جي گذريل حڪومت ۾ افتخار محمد چوڌري چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هو ته هو هر وقت سوموٽو ڪارروائيون ڪندو هو پ پ پ حڪومت سپريم ڪورٽ جي اهڙن قدمن تي دانهون ڪندي هئي پر ميان صاحب خوش ٿيندو هو اڄ سندس حڪومت ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مختلف مامرن تي از خود نوٽس ٿي وٺي ته اهو ئي نواز شريف دانهون ٿو ڪري، سيد يوسف رضا گيلاني خلاف عدالت ۾ وڃي کيس نا اهل ڪرائيندڙ پنهنجي نا اهلي تي سراپا احتجاج آهي ۽ اهو به اقرار پيو ڪري ته سيد يوسف رضا گيلاني سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو غلط ٿيو، ميان صاحب ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهھ مخالفن سان ڪندو رهيو آهي اڄ اها صورتحال هن سان پيش اچي رهي آهي مزي جي ڳالهھ ته سندس دورن ۾ انهن نيب هٿان آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو خلاف جيڪي ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪرايا انهن ڪيسن مان هو باعزت بري ٿي ويا پر نواز شريف نا اهل ٿي ويو سندس پارٽي جي حڪومت هوندي سندس لاڏلا پٽ پاڪستان جي عدالتن مان روپوش آهن، مسلم ليگ ن کي سنڀالڻ لاءِ کين اهڙو ماڻهو نه پيو ملي جيڪو صادق ۽ امين هجي هن وقت شهباز شريف يا مريم نواز مان ڪنهن هڪ کي صدر بنائڻ جون ڳالهيون هلي رهيو آهن پر بدقسمتي سان انهن ٻنهي تي نيب ۾ يا ته ڪيس  هلن پيا يا جاچ پيئي هلي انهن مٿان به نا اهليءَ جو خطرو موجود آهي، مسلم ليگ ن جي نالي جو به مسئلو اڃا حل ٿيڻو آهي ڇوته هي پارٽي نواز شريف جي نالي تي رجسٽر ٿيل آهي ۽ پارٽي جي نالي پٺيان نواز شريف جو نالو لکيل آهي يقينن مسلم ليگ ن جي قيادت جي تبديلي کان پوءِ پارٽي جو نالو تبديل ڪرڻ لاءِ به کين مشڪلاتون پيش اينديون.
هن وقت شريف فيملي سندن ويجها ساٿي ۽ منظور نظر بيورو ڪريٽ احتساب جي مضبوط شڪنجي ۾ آيل آهن ماضيءَ ۾ مخالفن لاءِ زمين تنگ ڪندڙ هن وقت پنهنجي ئي ٺاهيل ڄار ۾ ٻه ٽنگا ڦاٿل آهن ۽ اڄ هو وڏي واڪي پيا چون ته نيب جو قانون ٺيڪ نه آهي هن جون حدون مقرر هئڻ گهرجن اڄ شريف خاندان کي خبر پيئي آهي ته نيب ڇا هوندي آهي هن جي ايڪشن سان ڪيتري تڪليف ٿيندي آهي، پنجاب ۾ آفيسرن جي گرفتارين کان پوءِ شهباز شريف ۽ ٻين جي نڙي خشڪ ٿي ويئي آهي، ڏسڻو اهو آهي ته مسلم ليگ ن انهن بحرانن مان ڪيئن ٿي نڪري زميني حالتون ٻڌائين پيون ته شريف فيملي ۽ پنجاب جي بيورو ڪرسي لوڏن ۾ آهي.

 

اغوا ڪارن ۽ پوليس ۾ هڪ جهڙائي جو هڪ مثال/ درياءُ خان جهتيال / دادو

سنڌ ۾ اغوا انڊسٽري فعال هئڻ جا مثال تہ اغوا ڪارن پاران ڪيل اغوا جون تيز وارڌاتون آهن پر جيڪڏهن قانون جي پاسداري ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ بہ انهن اغوا ڪارن وارا پير سنڀالن تہ پڪ ڄاڻو معاشرو تباهي طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي، اهو ان لاءِ تہ قانون جي ڳالهہ ڪندڙ ۽ قانوني ڏوهہ ڪندڙن جو ڪم ساڳيو ٿي ويو آهي، اغوا ڪار ماڻهن کي کنڀي انهن کي يا تہ ماري ڇڏين ٿا يا تہ انهن جي وارثن کان ڀُنگ طلبي ان ماڻهو کي آزاد ڪن ٿا اهڙي ريت پوليس بہ ڪنهن بہ ماڻهو کي بنا ڪنهن ڏوهہ جي کنڀي گُم ڪري ڇڏي ٿي ۽ وري ان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ظاهر ڪري ٿي يا تہ موروڳي ئي ان کي گُم ڪري ڇڏي ٿي، اهڙو ئي واقعو قاسم آباد پوليس ڪيو آهي، قاسم آباد پوليس قاسم آباد جي علائقي نقاش ولازم مان 6 فيبروري يعني اڄ کان 24 ڏينهن اڳ نوجوان صحافي ڪامران علي سهتو کي بنا ڪنهن ڏوهہ جي کنڀي گُم ڪري ڇڏيو آهي، صحافي جي کنڀجڻ بعد ٽئين ڏينهن يعني 9 فيبروري تي ڪامران سهتو سان پوليس پاران سينيئر صحافين جي ملاقات ڪرائي وئي، ان وقت ڪامران تي ڪو بہ ڪيس وغيره داخل نہ هو، صحافين جي ملاقات بعد قاسم آباد پوليس ڪامران کي گُم ڪري ڇڏيو، ڪجهہ ڏينهن بعد پوليس ڪامران سهتو تي ڦر جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پر پوليس صحافي کي ظاهر نہ ڪيو، ڪامران سهتو جي کنڀجڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي برادري پاران احتجاج ڪيا ويا تہ وري ان مٿان ٻيو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس جي اهڙي عمل تي پڪ ٿي وئي تہ پوليس ۽ اغوا ڪار ۾ ڪو فرق باقي نہ رهيو آهي، ڪامران علي سهتو جي کنڀجڻ خلاف معاملو عدالت ۾ ويو جيڪو هلندڙ آهي، ڪيس جون ٻڌڻيون بہ ٿيون آهن، جنهن ۾ ڪيس جي پهرين ٻڌڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج حيدرآباد پوليس کي اهو چيو تہ جيڪڏهن ڪامران سهتو کي ڪجهہ بہ ٿيو تہ پنهجو خير نہ سمجهجو، ڇو جو سڀني کي خبر پئجي چڪي آهي تہ ڪامران سهتو کي قاسم آباد پوليس ئي کنڀيو آهي، ان کي نہ ڪنهن اغوا ڪار اغوا ڪيو آهي ۽ نہ ڪنهن ٻئي ۽ صحافي بہ ڪامران جي کنڀجڻ جي 3 ڏينهن بعد ساڻن ملاقات ڪئي هئي، هن وقت قاسم آباد پوليس جي هڪ هٽي اهڙي آهي جو ڪامران سهتو کي کنڀڻ بعد ان مٿان مختلف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا پر ان باوجود ڪامران سهتو کي ڪنهن بہ ڪيس ۾ ظاهر ناهي ڪيو، اها عام شهري سان ڪيڏي نہ ناانصافي ٿي رهي آهي، هتي جيئڻ جي حق کي ايئن قيد ڪيو ٿو وڃي ڄڻ هتي بادشاهت وارو قانون لاڳو ٿيل هجي، بس ماڻهو کنڀڻ ۽ ان کي پنهنجي کاتي ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ،صحافي ڪامران علي سهتو کي پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيدر آباد جي عدالت ۾ سندس والد درخواستگذار ميرل خان سهتو جي درخواست تي هلندڙ ٻڌڻين ۾ ڊي آءِ جي حيدر آباد طرفان جيڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي ان کي عدالت رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايس ايس پي حيدر آباد کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي، ان ڳالهہ جو هر وقت خوف آهي تہ الاءِ ڪامران سهتو پوليس وٽ آهي بہ الاءِ نہ، ڇو جو پهريان جڏهن پوليس ڪامران سهتو کي کنڀيو تہ هو 3 ڏينهن تائين پوليس وٽ هو بعد ۾ 21 ڏينهن کان گُم آهي ۽ پوليس ججن اڳيان بہ ڪامران کي پيش ڪرڻ کان نٽائي رهي آهي، اهو يقين آهي تہ صحافي ڪامران سهتو ڪنهن بہ غير قانوني ڪم ۾ ملوث ناهي نہ تہ هن وقت تائين پوليس ان کي ظاهر ضرور ڪري ها، ڪامران سهتو جي والد ميرل سهتو جي داخل ڪيل درخواست ۾ ايس ايڇ او قاسم آباد، ايس ايڇ او نسيم نگر ۽ انچارج سي آءِ اي ڌُر آهن، جيڪي اڃا تائين عدالت ۾ پيش ناهن ٿيا، ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج انهن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي، هڪ تعلقي جي پوليس آفيسرن وٽ جيڪڏهن ڪامران سهتو ناهي تہ آخر ان کي ڪهڙي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي؟ ان مٿان ڪوڙا ڪيس تہ داخل تہ ڪيا پيا وڃن پر عدالتن جي حڪم کي پٺي ڏيندي پوليس ڪامران کي ظاهر بہ نہ پئي ڪري، سنڌ ۾ اغوا ڪار ۽ پوليس ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهن، قانون سمجهائيندڙ  بہ غير قانوني ڪم کي مان بخشي رهيا آهن جيڪو عام مڻهن لاءِ تمام وڏو خطرناڪ آهي، پوليس هٿان کنڀي گُم ڪيل ڪامران سهتو جو ڪيس ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج حيدر آباد جي عدالت ۾ هلندڙ آهي پر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽٽس کي اپلي آهي تہ صحافي ڪامران سهتو کي پوليس کان آزاد ڪرائڻ لاءِ نوٽيس ورتو وڃي.

 

شام ۾ بيگناهن جي شهادت تي دنيا جي خاموشي..!!(سيد زوار حسين شاهه)

 C:\Documents and Settings\Administrator\Local Settings\Temporary Internet Files\Content.Word\DSCF0702.jpgانسانيت جو درس ڏيندڙن جي خاموشي تي پوري دنيا کي حيرانگي هجي نه هجي پر انسان ذات سان پيار ڪندڙ هر هڪ ماڻهون کي انتهائي ڏک ، پر ڏک ڪرڻ سان شام ۾ درندگي خلاف احتجاج نه سمجهيو وڃين  ان لاء تمام انسان پرست گهر ڇڏي شام ۾ بربريت ڪندڙن معصوم ٻارڙن جي مٿان ايٽمي بم اڇلائي انهن  کي شهيد ڪيو ٿو وڃين پوري  دنيا جا با شعور انسان پرست آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  اتان جي عوام ان سان گڏ پوري دنيا جي تمام سربرهان کان سول ڪيون ٿا ته توهان جي خاموشي مان اسان ڇا سمجهون ، سوالن جا جواب ڪير ڏيندو ؟ توهان ته پوري دنيا جي عوام سان پيار جو اظهار ڪندا اهيون جيڪڏهن توهان جي ڪنهن به رياست شهر ۾ ڪو جيڪڏهن ڪو هڪ شهري ماريو ٿو وڃين ته تواهان آخري حد به ڪراس ڪري وڃون ٿا برحال اسان توهان جي خاموشي تي حيران آهيون ته بس انسانيت سان پيار ڪرڻ صرف ڏيکاء آهي  شام جنهن ۾ جديد کان جديد هٿيار استعمال ڪرڻ سان گڏ شهرين جي آبادي مٿان جديد بم ڪيرائي انهن کي شهيد ڪيو ٿو وڃين جنهن تي پوري دنيا خاموش آهي کيس خاموشي تي سلام پيش ڪيان ٿو ، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهڙي ملڪ جو  صدر آهي جيڪو اهو تاثر ڏيندو آهي ته اسان  هر انسان سان بي انتها پيارڪندا آهيون ، شام مٿان حاليه بمباري  ۾ سوين معصوم ٻرڙا شهيد ٿي چڪا آهن ان سان گڏ ڪئي هزار  هن وقت به جائين جي تباهه ٿيل ملبي  هيٺان دٻيل آهن  ان سان گڏ وڏي تعجب جي اها به ڳالهه آهي ته ميڊيا کي به ڄڻ ناگ سگهي ويو آهي جو ڪو به چينل شام ۾ شهيد ٿيل معصوم بارڙن جي  ڪا خبر نه هلائي جنهن تي پڻ پوري دنيا جي عوام  کي افسوس ضرور ٿيو ان سان گڏ حيرانگي به ٿي اهو ان ڪري جو صحافين ڪم آهي ته جيڪا خبر هجي اها هلڻ گهرجي پر ائين به نه ٿيو                  
پاڪستان  جي حڪومت پاران ڻ ڪو خاطر خواه جواب نه ڏنو آهي ترڪي ايران روس  چين جي ڪيل ڪوششون پڻ رد ٿي چڪيون آهن  جنهن طرح سان جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو ان تي مڪمل عمل نه ٿيو جنهن کان پوء حسب دستور شاه ان جا حمايتي شهري آبادي کي نشانو بڻائي بي گناهه   عورتن مردن  معصوم ٻارڙن کي شهيد ڪري رهيا آهن ان تي وري اسان جو چپ رهڻ بس الله سائين ڪري ڪنهن دشمن تي به اهڙو ڏکيو ڏينهن نه اچي ، انساني حقن جي عالمي تنظيمن جي پڻ خاموشي اسان کي روئڻ تي مجوبور ڪري ٿي جنيوا جي سمجهه  ۾ نه ٿي اچي ته هو ڪهڙي پاليس تي لي رهيا آهن معصوم بي گناهنن کي شهيد ڪري هو ڪهڙو پيعام ڏيڻ چاهين ٿا ،  ٻئي طرف داعش پڻ اسلامي ملڪن ۾ وڏي مضبوط  ٿي رهي آهي ، جنهن کان پوء پوري دنيا کي پڻ نشانو بڻائي سگهن ٿا ان ڪري شام ۾ هلندڙ جنگ هاڻي بند ٿيڻ گهرجي ، هونء ته مجموعي طرح ڏسجي ته تقريبن هر مسلمان مٿان ظالمن جو اکيون لڳيون پيون آهن ، جيڪڏهن هاڻي به اسان پنهنجي گهرن کان ٻاهر نه نڪتا سين ته پوء هن ملڪ جو الله واهي ٿيندو . عوام حيران ان ڪري به ٿئي ٿو ته  ايترو ظلم ٿئي ٿو جو معصوم بارڙا ماريا وڃن ٿا ڪو ڳالهائڻ لاء تيار ناهي ، اسان کي ڏسڻ گهرجي ته مظظلوم ڪير آهي ظالم ڪير آهي هئڻ ته اهو گهرجي جيڪ ظالم آهي ان خلاف احتجاج ڪرڻ گهرجي ، مظلوم جي حمايت ڪرڻ گهرجي ،  شام  ۾ جنهن طرح سان سوشل ميڊيا لائيو  بمباري ڏيکاري آهي جنهن طرح سان معصوم ٻار سوشل ميڊيا تي اچي ڪري الله پاڪ کان مدد گهرن ٿا اهي مسلم ملڪن کان  مدد گهرن ٿا انهن جا اڃ به اراده مضبوط آهن  جيت وري به انهن مظلومن جي ٿيندي ، اسان جي مٿان آخر اهڙا ظلم ڇو ٿا ڪيا وڃن ٿا اهڙي ڪهڙي غلطي  ڪئي آهي جو انهن معصوم ٻارڙن کي به نه ٿو بخشو وڃين ، اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن مظلوم جي اڄ حمايت نه ڪئي سين ته پوء الله پاڪ اسان کي معاف نه ڪندو ان ڪري الله پاڪ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاء ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏيون ، هن وقت پوري دنيا جي لاء جيڪڏهن اهم مسئلو آهي ته جاهدي تنطيومن جنهن ۾ لشڪر جهنگوي  طالبان ، داعش  مسلامن ملڪن سميت  يورپ ۾ به پنهنجي ميمبر شپ ڪري رهيا آهن جنهن طرح سان داعش حڪمت عملي جوڙي آهي مان سمجهان ٿو ته انتهائي خطرناڪ آهي جنهن کي اڳتي شايد اسان منهن ڏئي سگهون ان ڪري اسان کي پنهنجي پاليسي به ظاهر ڪرڻ گهرجي اسان کي هر مظلوم سان ساٿ ڏيڻ لاء آواز بلند ڪرڻ گهرجي جيئن ڪشمير جي مسئلي تي ڪجهه ملڪ اسان سان ساٿ ڏئي رهيا آهن انهن کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي سڀاڻي اهو وقت پاڪستان مٿان به اچي سگهي ٿو ان ڪري مظلوم ڪٿي به رهي ان جي مدد ڪرڻ جهاد کان گهٽ ناهي شام ۾ ته اهڙن معصوم ٻارڙن کي ٽي وي سوشل ميڊيا تي ڏٺو سين جن کي ماء پنهنجي جهلي ۾ جهلي لوري ڏئي سمهاريندي هوندي انهن جو ڪهڙو قصور جو حياوانيت پسند انهن کي ماري رهيا آهن الله اڪبر اسان مسلمانن کي ڇا ٿي ويو آهي ڪنهن مظلوم سان ساٿ ڏيڻ ته پري انهن سان تعزيت لاء انهن جي مغفرت ڪرڻ لاء دعا به نه ٿا گهرون اسان ڪهڙا مسلامن آهيون ڇا الله سائين اسان کي معاف ڪندو ، داعش عراق افغانستان  شام سميت ٻين ملڪن ۾ ته طالبان سان گڏجي هر رياست کي ڪمزور ڪرڻ لاء حڪمت عملي جوڙي رهيا آهن هو هاڻي ته جديد کان جديد ٽڪنالاجي حاصل ڪري چڪا اهن جنهن ۾ ڊرون جهاز جي پڻ ٽيڪنلاجي پڻ حاصل ڪري ڪجهه به ڪري سگهن ٿا انهن کي روڪڻو پوندو ، شام ۾ ٿيندڙ حاليه بمباري ۾ معصوم ٻاررڻ جي انهن وارثن جن جا وارث به هاڻي ننڍڙا ٻار ئي آهن انهن جا ته حوصلا ڏسو انهن جا والدين به شهيد نياڻيون به شهيد ،  هاڻي ته انهن معصوم ٻارڙن کي  معصوم ٻار ئي دفن ڪن ٿا اهي انهن کي کڻي احتجاج ڪن ٿا پر ڏک اهو آهي ته اسان جي تقريبن مسلمت امه  خاموش آهي  ، ڪوئي انسانيت جي انتي احتجاج ڪرڻ لاء به تيار ناهي ، پر  پاڪستان جون ڪجهه باشعور اسان پرست  هيومين رائيٽس لا ڪائونسل پاڪستان شاه لطيف فائونڊيشن ٻين احتجاج ڪري حڪومت وقت کي اپيل ڪئي ته موت برحق آهي ان ڪري ڪنهن به ظالم جي حمايت ڪرڻ مناسب ناهي ، شام ۾ ٿيل بمباري خلاف  پوري دنيا مان آواز اٿڻ گهرجي .

محرابپور جي پهلوان قربان علي موجائي جي سار لهو/درياءُ خان جهتيال / دادو


سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ڪردار آهن جيڪي ظاهر ناهن ۽ غربت انهن کي اڳيان وڌڻ نٿي ڏئي، سنڌ جا اهي ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ مهارت تہ رکن ٿا پر انهن جي سرڪار طور تي ڪا سار نٿي لڌي وڃي، ان لاءِ اهي ماڻهو مايوس رهن ٿا ۽ ڪير بہ انهن کي ان مايوسي جي دلدل مان نٿو ڪڍي، اهڙو ئي هڪ ڪردار محرابپور جو بہ آهي، محرابپور شهر سنڌ جو تاريخي ۽ مشهور شهر آهي ان لاءِ  هن شهر بهترين ڪردار پيدا ڪيا آهن،پر وقت ۽ حالتون اهڙن ڪردارن کي نہ سمجهندي پوئيتي ڌڪي ڇڏيو آهي،محرابپور شهر جو رهواسي زبردست آرٽسٽ ۽ ملهہ پهلوان قربان علي موجائي اهم ڪردار جو مالڪ هوندي بہ سرڪار کان وسري ويو آهي، قربان علي موجائي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪرتب ڏيکاريا آهن جتان سندن کي ڀرپور داد مليو آهي، پاڻ هڪ ئي وقت ٻہ سائيڪلون ۽ ننڍي آڱر ۾ هڪ سائيڪل ڪيترن ئي منٽن تائين هلائڻ ڄاڻي، پهلوان قربان موجائي پنهنجي فن ۽ طاقت سان مختلف شهرن ۾ وڃي پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا آهن، قربان موجائي پنهنجي فن سان ٽريڪٽر جي پنج مڻ ڪيڻ بہ کنئي آهي، اٺ مڻ تي مشتمل ٽيوب ويل انجڻ کي پنهنجي پٺاڙن تي کنيون آهي، اهڙن جوهرن سان گڏ آرٽسٽ ۽ پهلوان قربان موجائي بجلي جو ٽرانسفارمر پنهنجي پٺي تي کڻي محرابور سميت ٻين شهرن جي ماڻهن کان داد حاصل ڪيو آهي، هن نواب شاهہ شهر ۾ ساڍا چار ڪلو ڇولا ۽ شربت جي باٽلي بہ پيتي جنهن ڳالهہ شهرين کي حيران ڪري ڇڏيو هو، قربان موجائي اهڙي فن جو مالڪ آهن جنهن تي کيس داد ڏيڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي، هو سنڌ جو زبردست پهلوان آهي، سنڌ ۾ ٻيا بہ اهڙا ڪردار ضرور هوندا پر قربان موجائي جا مثال الڳ آهن، هو پنهنجي فن ذريعي پنهنجي شهر سميت ٻين شهرن ۾ سڃاڻپ رکي ٿو، پر غربت هُن جي اڳيان اهم رڪاوٽ بڻيل آهن، هڪ غريب آرٽسٽ کي حڪومت وساري ڇڏيو آهي، هو ايترو تہ غريب آهي جو سنڌ کان علاوا ڪنهن ٻئي صوبي ۾ بہ وڃي نٿو سگهي، قربان موجائي فن ۾ تہ امير آهي پر معاشي طور غربت جي هيٺ واري لڪير کان بہ هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، هڪ وڏي فن جو مالڪ، آرٽسٽ بُک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، پهلوان قربان موجائي سرڪار کان ڏاڍو ڏکارو آهي، ڇو جو هُن جي فن جو قدر سرڪار وٽ ناهي، ماڻهن جي اڳيان تہ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪري ٿو پر سندس سرڪاري طور تي قربان موجائي سان ڪو بہ تعاون ناهي ڪيو ويو، جيڪا ڳالهہ هُن لاءِ تمام ڏکاري آهي، سنڌ جي هن ڀلوڙ پهلوان جهڙو شايد ئي ڪو سڄي ملڪ ۾ پهلوان هجي جيڪو اهڙا فن ڏيکاري جنهن سان ماڻهن کي ڏندين آڱريو اچي وڃن، پر اهڙا ڪردار حڪومت جي بيڌياني سبب غربت ۽ بدحالي جو شڪار آهن، پهلوان ماڻهن لاءِ کاڌ خوراڪ جو سٺو هجڻ ضروري آهي پر قربان موجوائي غربت سبب پنهنجي صحت جو خيال بہ نٿو رکي سگهي، ڇو جو قربان موجائي کي غربت وڪوڙي وئي آهي، بدحالي سندس کي بلڪل ويڙهي ڇڏيو آهي ان جو سبب سرڪاري جي بيڌياني آهي، اهڙا ڪردار سنڌ ۾ تمام گهٽ آهن جنهن جي ڪري سنڌ جا شهر مشهور ٿين ٿا، جنهن جي ڪري سنڌ جو نالو مشهرو ٿئي ٿو، قربان موجائي ٻين شهرن  ۾ بہ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پر هُن وٽ ايترو خرچ ئي ناهي جو هو سنڌ کان علاوا ڪنهن ٻئي ملڪ يا صوبي ۾ وڃي پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاري، سنڌ جي ٻين ملهہ پهلوانن جيان محرابپور جي ڀلوڙ آرٽسٽ ۽ ملهہ پهلوان قربان موجائي کي بہ سنڌ حڪومت جي مدد جي ضروورت آهي، اهڙن ڪردارن جي سنڌ کي بہ ضرورت آهي، پهلوان قربان موجائي صرف محرابپور جو نہ پر سنڌ جو ملهہ پهلوان آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت سندس کي قدر جي نگاهہ سان ڏسي تہ قربان موجائي پنهنجي فن سان سنڌ جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ضرو ڪندو، سنڌ حڪومت کي اپيل آهي تہ اهڙن ڪردارن کي اڳيان آڻيو، ثقافت کاتو اهڙن ماڻهن کي اڳيان آڻي، اهڙن ڪردارن جي پرگهور لڌي وڃي ڇو جو سنڌ جي مختلف ڪردارن ۽ غريب آرٽسٽن سميت هن ڪردار کي بہ اوهان جي نظر جي سخت ضرورت آهي، سنڌ ڌرتي کي اهڙ ڪردارن جي سخت ضرورت آهي جنهن سان هن ڌرتي جو نالو روشن ٿيندو.
______________________________________________

اچو ته وڻ لڳايون ڌرتيءَ جي سونهن وڌايون (ندیم شيخ)


چوندا آهن ته وڻ ڌرتي جي سونهن ۽ سينگار آهن ـ وڻن سان رنگيني ۽ رونق پيدا ٿيندي آهي ـ وڻن کان بغير ھي ڌرتي غير آباد ۽ بيابان ڏسڻ ۾ ايندي آهي ـ وڻ آلودگين ۽ غلازطن کي ختم ڪن ٿا ۽ وڻن جي ڪري فضا صاف رهي ٿي ـ
وڻن کان بغير  انسان جو جياپو مشڪل آهي ـ وڻن ۽ انسان جو پاڻ ۾ گھرو لاڳاپو آهي ـ انسان ڪاربانڊا۽ آڪساييڊ خارج ڪندو آهي جيڪا وڻن لا۽ ضروري آهي ۽ جڏهن ته وڻ وري انسان کي آڪسيجن مھيا ڪندا آهن جيڪو سندس لا۽ جياپي جو سبب آهي ـ مطلب ته وڻ ھڪ اعليٰ قدرتي نعمت آهن ـ وڻ پوکڻ ھڪ ثواب جو ڪم ۽ صدقو جاريا آهي ـ ترقي يافته ملڪن ۾ تمام گهڻو پيسو خرچ ڪري وڻ لڳايا ويندا آهن ۽ وڻ ڪپڻ کي گناهه سمجھيو ويندو آهي ۽ وڻ ڪپڻ واري کي قاتل سمجھيو ويندو آهي اڄڪلهه وڻ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ وڻ وڊڻ بجاءِ پوکڻ تي زور ڏنو وڃي شاہ عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي پاران شاہ لطيف فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان ٻوٽا لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو اعلانيل مهم جي شروعات شاهه لطيف فائونڊيشن پاران راڻيپور ۾ ڀٽائي پبلڪ اسڪول ۾  ٻوٽو لڳائي ڪئي وئي انهن موقعي تي ڀٽائيءَ پبلڪ جي ايڊمسٽريٽر شوڪت شيخ پروفیسر سجاول دين تنيو ٻين چيو ته اسان کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ پنهنجي حصي جو وڻ لڳائڻ گهرجي هنن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي جي حڪم تي ۽ شاہ لطيف فائونڊيشن مرڪز پاران اعلانيل وڻڪاري مهم تحت اسان هن وقت تائين هڪ هزار کان وڌيڪ وڻ لڳايا آهن جڏهن ته اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پڻ اهيو عهد ڪيو ته هو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ پنهنجي حصي جو وڻ ضرور لڳائيندا جڏهن ته مظهر مسلم ماڊل اسڪول راڻيپور پاران پڻ وڻڪاري  مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اسڪول جي ايڊمسٽريٽر انجنيئر غلام سرور ميمڻ الطاف حسین ميمڻ اسڪول جي استادن مظهر مسلم ماڊل اسڪول راڻيپور ۾ وڻ لڳائي مهم جو آغاز ڪيو ويو آهي ان سان گڏوگڏ ٻين ادارن ۽ تنظيمن کي به گهرجي ته ڌرتيءَ جي سونهن وڌائڻ لاءِ وڻڪاري مهم شروع ڪن جيڪڏهن اسان کي پنهنجي سنڌ ڌرتي سدائين سرسبز ۽ شاداب ڏسڻي آهي ته پوءِ اچو ته گڏجي  وڻن جي اھميت  کي گهر گهر پھچايون ۽ پنهنجي حصي جو وڻ لڳايون جيڪا پڻ ھڪ عبادت آهي ـ 
حڪومت ۽ وس وارن کي گذارش آهي ته خدارا  وڻڪاري ڏانهن توجهه ڏئي انسانن کي آلودگي کان  پاڪ ماحول مھيا ڪندا ته  جيئن ھر  ھڪ خوش ۽ صحت مند زندگي گذاري سگهي ــ

سنڌ وڌندڙ غربت پاڻي اهم مسئلو بڻيل.!!! (غلام مصطفيٰ جمالي)



پورهيت طبقي جي عظيم اُڀار ۽ انقلابي تحريڪن کان سبق سکندي جلد يا بدير هن خطي جو پورهيت طبقو به پنهنجي قسمت جا فيصلا پنهنجي هٿن ۾ وٺندو.؟ پورهيت طبقو انتهائي صبر سان هن ظالم نظام خلاف هڪ وڏي طبقاتي جنگ جي تياري ڪري رهيو آهي. جيڪا هن نظام کي پاڙان پٽي پورهيت راڄ قائم ڪري هميشه لاءِ ڏک، درد ۽ تڪليفن واري هن سماج کي ڊاهي پٽ ڪري هڪ پورهيت راڄ قائم ڪندي.سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن لاءِ روزگار جو مک ذريعو زراعت آهي، پر زراعت گهڻي عرصي کان مسئلن جو شڪار رهندي اچي، اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جو روزگار زراعت سان لاڳاپيل آهي پر گذريل گهڻي عرصي کاڻ پاڻي جي لاڳيتي کوٽ ۽ سم ۽ ڪلر وغيره ڪري زمينن جي بيڪار ٿي وڃڻ ڪري گهڻا ماڻهو روزگار جي ان ذريعي کان محروم ٿيندا پيا وڃن. اها شڪايت عام آهي ته سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي ۽ نهرن ۽ واٽر ڪورسن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي جنهن جي ڪري زرعي پيداوار ۾ پڻ گهٽتائي ٿي آهي. سنڌ ۾ وڌندڙ بيروزگاري ۽ روزگار جي گهٽ موقعن تي تبصرو ڪندي عالمي بئنڪ جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وڌندڙ آبادي، تعليم ۾ واڌاري ۽ لڏپلاڻ جي ڪري سنڌ ۾ ساليانو اٽڪل ڇهه لک ماڻهو روزگار جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي رهيا آهن جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ رڳو ساڍا ٽي لک ماڻهن لاءِ ئي روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا.سنڌ ۾ صنعتون گهڻي ڀاڱي ڪراچيءَ ۾ ئي آهن. انهن مان به گهڻيون شهر جي امن امان جي حالتن ۽ بجلي وغيره جي مسئلن جي ڪري ملڪ جي ٻين شهرن ۽ پرڏيهه ۾ منتقل ٿي چڪيون آهن. هن وقت ڪراچي جي چئن وڏن صنعتي علائقن ۾ اٽڪل ساڍا يارنهن هزار ننڍا ۽ وڏا صنعتي ادارا قائم ٿيل آهن جيڪي اٽڪل پنجويهه لک ماڻهن کي روزگار ڏيئي رهيا آهن. حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ سکر ۾ ڪجهه صنعتون لڳل آهن پر انهن کي رڳو آڱرين تي ئي ڳڻي سگهجي ٿو ۽ انهن جو علائقي جي مجموعي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ اتان جي ماڻهن کي روزگار وغيره مهيا ڪرڻ جي حوالي سان ڪو ذڪر جوڳو ڪردار ناهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جو قبائلي ۽ جاگيرداراڻو سماجي ڍانچو به صنعتي ترقيءَ جي سلسلي ۾ وڏي رڪاوٽ رهيو آهي. جنهن جو مثال سڀني جي آڏو آهي. علائقي جي سردارن ۽ ڀوتارن پاران صنعتڪارن کي حراسان ڪرڻ، ڀتي خوري ۽ اغوا وغيره جي ڪري اتي به صنعت ترقي نه ٿي سگهي.جيڪڏهن اتي اهو معمول مطابق هلڻ ڏنو وڃي ها ته ان ڳالهه جا گهڻا امڪان هئا ته اتان جي ماڻهن کي نه رڳو ڪنهن حد تائين روزگار ملي سگهي ها پر علائقي جا ڳوٺ روڊن رستن، اسڪولن ۽ اسپتالن جي سهولتن مان پڻ فائدو وٺي سگهن ها ۽ سندن زندگيءَ ۾ هڪ خاصيتي تبديلي اچي ها غربت ۽ بيروزگاريءَ کي گهٽائڻ ۾ تعليم ۽ تربيت جو وڏو ڪردار هوندو آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جيڪي صنعتون قائم ٿينديون آهن اتي گهڻو ڪري ٻاهران ماڻهو آڻڻ جو هڪ جواز اهو به ڄاڻايو ويندو آهي ته مقامي ماڻهن وٽ گهربل پيشي وراڻي ڄاڻ ۽ مهارت ناهي. انهن صنعتڪارن جي ترجيح مقامي ماڻهن کي تربيت ڏيئي روزگار فراهم ڪرڻ نه پر پنهنجو نفعو ۽ ان کي وڌ ۾ وڌ ڪرڻ هوندو آهي. ان ڪري اها ذميواري وري به حڪومت جي ٿئي ٿي ته اها ماڻهن جي پيشي وراڻي تربيت لاءِ جوڳا بندوبست ڪري ته جيئن ماڻهو زراعت کانسواءِ روزگار جي ٻين متبادل ذريعن مان پڻ فائدو وٺي سگهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ به اهي سهولتون اڻ پوريون آهن ۽ انهن جي حالت رحم جوڳي آهي. سڄي سنڌ ۾ هن وقت پنجيتاليهه ٽيڪنيڪل تعليم جا ادارا آهن جن ۾ ارڙهن هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. انهن مان رڳو اٺ هزار شاگرد اهڙن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪي ڪراچيءَ کان ٻاهر واقع آهن. ساڳيءَ ريت ڊائريڪٽوريٽ آف مين پاور ۽ ٽريننگ اهڙا ٽيٽيهه ادارا هلائي رهي آهي پر ڳوٺاڻن علائقن ۾ واقع گهڻا ادارا بند پيا آهن ۽ پنهنجو ڪم پوري ريت انجام نه پيا ڏين اعليٰ تعليم جا سٺا ادارا گهڻو ڪري ڪراچي ۾ واقع آهن. ان جو اندازو ان مان ڪري جي منظور ڪيل پنجويهه ادارن ۾ ٽيويهه ڪراچي ۾ آهن ۽ ٻه حيدرآباد ۾ انهن ادارن سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ سٺي تعليم لاءِ ذريعا، قابل استاد ۽ سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن پر ساڳي وقت حڪومت سان گڏوگڏ اها ذميواري سنڌي سماج تي پڻ لاڳو ٿئي ٿي ته اها گهٽ ۾ گهٽ موجود سهولتن مان فائدي وٺڻ لاءِ پنهنجن نوجوانن کي تيار ڪري ۽ تعليمي ادارن ۾ عنڊه گردي، تشدد ۽ هٿيارن جي ڪلچر جي حوصلي شڪني ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۾ غربت جي صورتحال کي ڏسندي ئي تازو عالمي بئنڪ جو اهو تبصرو سامهون آيو هو ته جيڪڏهن وقت سر جوڳا قدم نه کنيا ويا ته اهو ڏينهن پري ناهي جو هتي ڏڪر جي اها بدترين صورتحال هوندي جنهن جو مشاهدو دنيا آفريڪا جي مختلف ملڪن ۾ ڪري چڪي آهي. دنيا ۾ جتي به اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي اتي قدرتي ڪارڻن سان گڏوگڏ اهڙا عنصر به هوندا آهن جن جو واسطو سڌي ريت انسان سان هوندو آهي ۽ اهو ممڪن هوندو آهي ته جيڪڏهن انهن کي وقت سر منهن ڏنو وڃي ۽ انهن جو تدارڪ ڪيو وڃي ته اهڙي صورتحال کي نه رڳو ٽاري پر ختم ڪري سگهجي ٿو سنڌ جي صورتحال تي نظر وجهجي ٿي ته اها ڳالهه واضح نظر اچي ٿي ته ٿوري توجهه ۽ سٺي انتظام سان صورتحال کي بدلائي سگهجي ٿو. اهو ته صحيح آهي ته ان سلسلي ۾ حڪومت جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکي ٿو پر ساڳي وقت ان ۾ سماجي ۽ سياسي تنظيمن جي صورت ۾ ماڻهن جي سرگرم شرڪت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ان ڳالهه کي پڻ نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته اين جي اوز جي طرز تي رڳو ڪنهن هڪ يا ٻئي علائقي يا هڪ يا ٻئي شعبي تي توجهه مرڪوز ڪرڻ سان مسئلا نه ٿا ٿين پر سڄي سنڌ جي سطح تي مجموعي طور تي مسئلن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي زراعت نه رڳو سنڌ جي معيشت پر سنڌي سماج لاءِ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي. زرعي پيداوار جي گهٽجڻ جو سوال پاڻي جي کوٽ ۽ سم ۽ ڪلر وغيره سان گڏوگڏ زمين جي ملڪيت سان پڻ ڳنڍيل آهي. اهو سوال هن وقت سنڌ جي ڪنهن به سياسي جماعت جي ايجنڊا ۾ شامل ناهي. ان سوال جي اهيمت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن، قبائلي سردارن جي مضبوطي، صنعتي ترقي جو نه هئڻ ۽ روڊن رستن، اسڪون ۽ اسپتالن وغيره جي عدم دستيابي جو بنيادي ڪارڻ زمين جي ملڪيت جو نظام آهي. ان سوال کي بنياد بڻائيندي هڪ سماجي ايجنڊا جي ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ پيشي وراڻا بنياد تي ان ڳالهه جو جائزو ورتو وڃي ته سنڌ جي ڪهڙن علائقن ۾ ڪهڙين سهولتن جي ۽ ڪيتري ضرورت آهي ۽ پوءِ ان لاءِ ماڻهن کي متحرڪ به ڪجي ۽ حڪومت تي مختلف ذريعن کان اهو دٻاءُ به وجهجي ته اها انهن رٿائن لاءِ رقم ڏئي ۽ انهن جي تڪميل کي يقيني بڻائي سنڌ رڳو ڪجهه شهرن ۽ اتي رهندڙ ننڍي وچولي طبقي جو نالو ناهي. سنڌ جي خوشحالي، سنڌ جي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن سان لاڳاپيل آهي. انهن ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن جي حقيقي صورتحال کي ڏسڻ ۽ ان کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ سان ئي هڪ حقيقي خوشحال ۽ آسودي سنڌ وارو خواب ساڀيان ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هڪ آسودو ۽ سماجي طور پڙهيل ڳڙهيل ۽ آزاد ڳوٺاڻو ئي سياسي ۽ سماجي جدوجهد ۾ هڪ اثاثو ٿي سگهي ٿو

انــســان ايــتـرو پــٿـر دل ڇــو آهــي ؟....(نادر ڀٽي)


          انسان دل تي پٿر رکي زندگي گذاري ٿو ، انسان جي زندگي ۾ لاهه چاڙها ايندا رهن ٿا ، حادثا ٿيندا رهن ٿا ، بيماريون ، مصيبتون اينديون رهن ٿيون ڏک سور ڏسڻا پون ٿا ، دل تي هزار چوٽون لڳن ٿيون ذهني اذيتون اڀرنديون رهن ٿيون ، ڪيترا دفعا شڪستون کائڻيون پون ٿيون ، اسان ڪيترا دفعا ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي وياسين ، اڪيلا بيگانا ٿي وياسين ، اسان جي ٻيڙي ڪيترا دفعا ٻوڏي ٻوڏي تري پئي ، موت جي منهن ۾ وڃي ڪرياسين وري ٻاهر نڪري آياسين ، انسان هن زندگي جي ڏکي ۽ اڻاگهي سفر ۾ پوءِ به هلندي رهي ٿو وڏا بار ، وڏيون امانتو ، وڏيون ذميواريون کڻي پيو ٿو هلي ، ڪاٿي به ٿڪجي ويهي نه ٿو رهي ، هر ڏکي وقت کي امتحان سمجهي پيو ٿو قبول ڪري زماني جا ظلم ستم سهي پيو ٿو کلي هر دڳ هر موڙ تي بيهي پيو ٿو حالت جو مقابلو ڪري هر مسئلي کي ان جي حل ڏي پيو ٿو ڌڪي  ، انسان مڙس ماڻهو ٿي پيو ٿو ڪلهو ڏئي ، انسان تي جيستائين موت نه ٿو اچي ايستائين پيو ٿو محنت ، جستجو ۽ ڪوشش پيو ٿو ڪري ۽ زماني ۾ پنهنجو ڪرادر ادا پيو ٿو ڪري پنهنجي حصي جو پورهيو پيو ٿو ڪري اگر انسان همت ڪري زندگي جي ڏکي ميدان ۾ لهي پئي ته هر ميدان ماري ويندو ۽ ڪڏهن به شڪست نه کائيندو ۽ اگر انسان ۾ همت نه هوندي جوش ۽ جذبو نه هوندو ان مرد لاءِ هڪ وک تي هزار شڪستون هونديون ، هر جاءِ تي پيشماني حسرت ۽ افسوس هوندو ، اگر جئيڻو ئي آهي ته مڙس ماڻهو ٿي شان ۽ شوڪت سان جيئي اگر ماڻهو جو ارادو مضبوط هوندو ، ته دنيا ان جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندي ، جنهن انسان پنهنجي ڳچي مان غلامي جا لاهي ڪوڙن سهارن کي ٺڪرائي بي پرواهه ٿي پنهنجي ڪنڌ کي ان عظيم ذات آڏو جهڪائي ڇڏيو اهو ڪڏهن به ناڪام نه ٿو ٿي سگهي ، جنهن انسان پنهنجي ذات پنهنجي جند ۽ جان کي پنهنجي ذات ۽ ڏائو کي پنهنجي عشق ۽ عقل کي پنهنجي محبت ۽ پيار کي پنهنجي جوش ۽ جذبي کي پنهنجي علم ۽ دانائي کي خدائي پاڪ آڏو جهڪائي ڇڏيو اهو انسان ڪڏهن به نامراد نه ٿو ٿي سگهي ، خاک نشينن جي رسائي آسمانن تائين ضرور ٿيندي ، دنيا ۾ جيڪي به سونهن نظر اچي ٿي بلند عمارتون ، عجويا ، روڊ ، رستا ، وڻ ٽڻ ، ٻوٽا ، پوکون ، دريائن ، سمنڊرن ۾ رستا سامونڊي جهار ، هوائي جهاز ۽ هر هڪ شيءَ هر هڪ شاهڪار هر هڪ ايجاد ، تعمير ، ترقي ، ساڻنس ۽ ٽيڪنالاجي ، علم ۽ هنر سڀني ۾ الله پاڪ جي قدرت ۽ انسان جي محنت شامل آهي ، جيڪي انسان محنت نه ٿا ڪن جيڪي نوجوان همت نه ٿا ڪن دل شڪسته ۽ مايوس آهن ، زماني ۽ وقت ۽ حالت کان ناراض آهن انهن جو پنهنجو قصور آهي ڇو ته هو سوچ اهڙي منفي ٿا رکن انسان جي غيرت ، انسان جو ايمان ۽ انسان جو ضمير اهي نه ٿو گوارهه ڪري ته هو ڪنهن به معاملي ۾ ڪنهن ٻئي جو محتاج هجي ، اهو تڏهن ٿيندو انسان محنت ڪندو ، ٻن جي رحم ڪرم تي هلي ڌڪن ٿاٻن ۾ پلجي ٻين جي آسري ويٺل رهي ٻين ۾ حد کان وڌيڪ اميدون رکي اهي جئيڻ ته ناهي ، اهيا زندگي ته ناهي اهو هڪ مسلسل عذاب آهي ، جنهن ۾ اسان ڦاٿل آهيون ، جيڪڏهن هڪ پاسي اس آهي ته ٻئي پاسي ڇانو ڏي هليو وڃي ، جيڪڏهن هتان جي هوا ناسازگار آهي ته ٻي جيڪا سازگار آهي اوڏانهن هليو وڃي هڪڙو ڪم ڪنهن ڏانو جو ناهي ته اهو ڀلي نه ڪري ها پر اهو ضرور ڪري جيڪو ڏانو جو آهي ، هڪڙو رستو عزت وارو ناهي ته ٻيو رستو ضرورت عزت وارو هوندو ان تي هلي پئي ، منهنجي تمانا هڪڙي هئي ۽ ملي ٻئي شيءَ وئي ته ان کي پنهنجو نصيب سمجهي قبول ڪري جيڪي شيءَ ملي وئي ، اهو قدرت جو تحفو آهي ، اهو وٺي ڇڏجي پاڻ کي اعلي ٻين حقير ۽ عدنا نه سمجهي احترام آدميت رکي هر هڪ سچ کي حق کي مڃي هر حقيقت جو احتراف ڪري پنهنجي غلطي مڃي ، اگر طبيعت ۾ شوخي آهي ته ان ۾ نرمي ڪري غرور ۽ تڪبر ۾ اچي پنهنجو کي ڀڃي ڀورا ڀورا نه ڪري نشا پتا ڪري پنهنجي رت کي نه ساڙجي پنهنجي جان کي اوکي ڪم ۾ نه ڦاسائجي زندگي مان مايوس نه ٿجي پر اميد ٿي زندگي گذارجي ، پنهنجي خاطر نه صحيح ڪنهن ٻئي جي خاطر جئيجي پنهنجا بار لاهي وري ٻين جا بار کڻجن ، پنهنجو ذميواريون پوري ڪري وري ٻين جون کڻي اگر انتقام وٺڻو آهي ته جهالت کان وٺي ، هر هڪ کي معاف ڪري شڪواه شڪايتون ختم ڪري رسڻ ڪاوڙجڻ ڇڏي ڏئي ، گهڻو پڪو گهڻو ضدي مغرور نه ٿئجي ، ڪنهن جي اپلازن ڪنهن جي مئنٽن جو لحاظ رکجي ، نفرت ۽ عداوت ، دشمني ۽ وير نه رکجي ، شڪ شڪاجو ماحول نه هجي ٻين کي به ٻڌي ، ٻين کي تسليم ڪري پاڻ تي پاڻ ظلم نه ڪري پنهنجا رستا پاڻ تي بند نه ڪري پنهنجي ڦاهي پاڻ ٺاهي پاڻ جلاد ٿي پاڻ نه ماري هن سنسار ۾ پاڻ اڪيلو ته ناهي هن جا چاهڻ وارا کوڙ ، هن جا روئڻ وارا کوڙ هن جو انتظار ڪرڻ وارا کوڙ پوءِ انهن جو ڇا ٿيندو ، پوءِ انهن جو ڪير هوندو ، جيڪي ڌرتي سان پيار ڪندو ، جيڪو ڌرتي تي محنت ڪندو اهو خوشحال ٿيندو ، ڌرتي پنهنجا ڌڳ ڏيندي تون کي ڏس ڏيندي ، جيڪو خوشحالي جو سفر شروع ڪندو الله ان جو ساٿ ڏيندو ، ماڻهو پهرئين وک کڻي ته ان جو مالڪ ان جو رب ان تي روزي آسان ضرور ڪندو ، ۽ بند دروازن کي کوليندو ، شروعات هميشه ٿوڙي کان ٿيندي آهي ، ننڊڙي شيءَ کان شروع ڪبو ته اهو وڌي کوڙ ٿيندو ، تمام وڏي ڪاميابين جو بنياد ٿيندو ، انسان هن دنيا ۾ ڪنهن جو محتاج نه ٿئي ڪنهن جي رحم ڪرم تي نه هلي ۽ پنهنجي ڪمائي پنهنجي کائي ، ڪنهن کان ڪجهه به نه گهري ڪو ٻيو ماڻهو ان کي ڇا ڏيندو ، عزيتون ڏيندو ، طعنه ڏيندو ، دل تي ڏنب ڏيندو ٻيو ڇا بچو اٿس جو ٻيو ڇا ڏيندو ، ڪنهن مصيبت زنده ڪنهن پريشان حال ڪنهن ڏکي کي ٻيو ڇا سمجهندو ، ڇالاءِ سمجهندو پنهنجو بار پاڻ کي ئي کڻڻو پوندو ، ٻيو اسان جو بار جو کڻندو ڇا لاءِ کڻندو ، ڪرڻ واري جي مٿان سڀ چڙهي ويندا بغير ڪنهن جي سهاري جي ئي پاڻ کي اٿي بيهڻو پوندو ، بغير ڪنهن ٻئي جي سهاري جي جئيڻو پوندو .   

حڪومت ھيلٿ ملازمن جا مطالبا ڇو نہ ٿي مڃي ؟؟(اعجاز ممنائي )

پيراميڊيڪل اسٽاف توڙي ڊاڪٽر جن کي معاشري ۾ مسيحا جي تخلص سان ياد ڪيو وڃي ٿو پر گذريل ھڪ مھيني کان مختلف نموني احتجاج ڪندا رھن ٿا پر حڪومت پاران ڪوبہ توجہ نہ ڏنو ويو مجبورن سڄي سنڌ ڪراچيءَ پريس ڪلب اڳيان گڏ ٿي جتي ھزارين ملازم اھو وچن ڪري پھتا تہ پنھنجا جائز مطالبا مڃرائي پوءِ واپس ٿينداسين ان احتجاج رنگ لاتو ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري جمال الدين جلالاڻي ھڪ ھفتي جو وقت گھريو تہ اھو بہ چيو تہ سڀاڻي سيڪريٽري صحت سان ڳالھين جو دور ھلائي توھان جا مطالبا ضرور بضرور پورا ڪنداسين اڳواڻن اتفاق ڪندي احتجاج ختم ڪيو پر ھفتو گذرڻ باوجود ڪوبہ ڪم عملي طور نہ ٿي سگھيو ۽ وري ٻيھر احتجاج جو سلسلو جاري ڪيو ويو ٻئي پاسي صحت کاتي جي ڊاڪٽرن کي گذريل سترھن سالن کان پروموشن نہ ڏيڻ سبب مرڻ گهڙيءَ تائين احتجاج جي ڪال ڏني آھي ۽ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڪئمپ قائم ڪئي آھي جتي روزانو ڊاڪٽر ويھن ٿا جڏھن تہ سڄي سنڌ ۾ روزانو چار ڪلاڪ سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ مريضن کي تپاسڻ وارو عمل بند ڪري مختلف چونڪن ۽ پريس ڪلبن اڳيان مسلسل احتجاج ڪندا رھن ٿا پر افسوس جو حڪومت ڪا ڳالھہ ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نہ آھي پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ جي مختلف شھرن ۾ دل جي بيمارين جي جديد اسپتالن جو تہ افتتاح ڪري رھيو آھي پر کيس خبر ھجڻ کپي تہ اسپتالون سکڻين ديوارن جو نالو نہ آھي پر اتي ويٺل عملي سان ھلندڙ اسپتالون بھتر علاج معالج جون سھولتون فراھم ڪري سگھن ٿيون جيڪڏھن حڪومت چاھي تہ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي جا مطالبا ھڪ پل ۾ حل ڪري سگھي ٿي ڇوتہ ڪوبہ اھڙو نئون مطالبو ناھي جنھن جي لاءِ ڪاميٽي مٿان ڪاميٽي ٺاھي وقت جو زيان ڪيو وڃي ڊاڪٽرن جو ھڪڙو ئي مطالبو آھي تہ سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي عمل ڪري سينارٽيءَ جي بنياد تي پروموشنس ڪيا وڃن جڏھن تہ پيراميڊيڪل اسٽاف کي ھيلٿ پروفيشنل الائونس ڏنو وڃي جيڪو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي اڳواٽ ئي ڏنو وڃي اھي ٻہ مطالبا مڃڻ لاءِ خبر ناھي ڇو حڪومت ڪن لاٽار ڪري رھي آھي جڏھن تہ ھُو ڄاڻن ٿا تہ اسپتالون ڊاڪٽر توڙي پيرا ميڊيڪل اسٽاف کان سواءِ ھلي نہ ٿيون سگھن ان جي باوجود کين پنھنجي جائز حق کان محروم ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آھي حڪمرانن جون دعوائون تہ اسان اسپتالن کي عوام جي سھولتن لاءِ وڏا ڪم ڪيا آھن قوم سان ھڪ وڏي مذاق آھي ڇوتہ ڊاڪٽرن کان سواء غريب مريض  کي چيڪ ڪير ڪندو پيراميڊيڪل اسٽاف کان سواءِ مريض کي دوائون ڪير ڏيندو اسپتالن ۾ صفائي ڪير ڪندو اھو سڀ ڪجھہ تڏھن ممڪن آھي جڏھن ڊاڪٽرن توڙي پيراميڊيڪل عملي جي حقن جي حفاظت ڪريو جيڪڏھن مريض کي تپاسڻ وارا پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڪاريون پٽيون احتجاج تي ھوندا تہ مريض جي پرگھور ڪير لھندو بي حسيءَ جي انتھا اھا آھي جو سترھين ۽ ارڙھين گريڊ جا ڊاڪٽر مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان روڊن تي احتجاج ڪري ويٺا آھن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان تہ مسلسل ڪئمپ قائم ڪري حڪومت جي ناانصافيءَ تي ماتم ڪري رھيا آھن پر ڪنھن کي بہ ڪو خيال ڪونھي ايتري تائين جو ڊاڪٽرن جي حق ۾ آيل عدالت جو فيصلو بہ حڪومت مڃڻ کان لاچار آھي ۽ ھر روز نوان بھانا ڪري ڊاڪٽرن توڙي پيرا ميڊيڪل عملي جي مسئلن ۾ اضافو ڪري رھيا آھن ظلم جي انتھا اھا بہ آھي تہ پيرا ميڊيڪل جو بحال ٿيل سروس اسٽرڪچر واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ھڪ تہ ڪا اضافي شيءِ ڏني تہ نہ ٿي وڃي پر ڏنل سھولت واپس وٺڻ بيوقوفيءَ جي علامت آھي توڙي جو سيڪريٽري صحت پاران اھو سروس اسٽرڪچر واپس نہ ڪرڻ ۽ باقي رھيل ملازمن کي ڏيڻ جو چيو ويو آھي پر اڃان تائين ان لاءِ ڪوبہ ليٽر جاري نہ ٿو ڪيو وڃي ڇا ان ۾ توھان جو خرچ ٿو اچي يا وقت نہ ٿو ملي جو ليٽر فنانس ڊپارٽمينٽ کي موڪلي سگھو صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر توڙي پيراميڊيڪل ملازمن جو ڪڏھن بہ اھو مقصد نہ رھيو آھي تہ عوام کي آزارجي يا ان جي علاج معالج ۾ ڪا رڪاوٽ کڙي ڪجي پر جڏھن انھن جي حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي تہ اھو مسيحا مجبور ٿي مريضن کان لاتعلقي اختيار ڪري ويھي ٿو کيس احساس آھي تہ مريض جيڪو سڀ در ڇڏي سرڪاري اسپتالن جو رخ ڪري ٿو جيڪڏھن ان غريب کي ڪو ڊاڪٽر نہ ٿو ملي تہ مايوس ٿي وڃي ٿو ڇوتہ اھو مسيحا صفت انسان مريض کي زخمن مان نجات ڏياريندو آھي کيس صحتمند رکڻ جي ڪوشش ڪندو آھي کيس سچائي ۽ صداقت سان علاج ڏيئي معاشري جو لائق فرد بڻائيندو آھي پر پوءِ بہ سندس حقن جي لتاڙ ڪئي وڃي تہ ان کي حڪومت جي لاپرواھي چئجي يا غير سنجيدگي چئجي  ڇوتہ حڪمران پنھنجي ملازمن کي بلڪل ناڪارا ۽ حقير سمجھندا رھيا آھن ھتي سوال ٿو پيدا ٿئي تہ آخر اسان ڪگڙي اسلامي ملڪ ۾ رھي رھيا آھيون اسلام جي باني حضور اڪرم صلعم تہ حجة الوداع جي آخري خطبي ۾ جتي ٻين ڳالھين ڏانھن ڌيان ڏياريو اتي خاص طور تي غلامن (ملازمن)لاءِ بہ فرمايو تہ غلامن تي ظلم نہ ڪجو ساڻن نرميءَ سان پيش اچجو جيڪو توھان کائو سو انھن کي کائجو جيڪو توھان پھريو سو انھن کي پھرائجو انھن ڳالھين ڏانھن غور سان ڌيان ڏيڻ گهرجي تہ جيڪي ملازم 24 ڪلاڪ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا رھن ٿا تنھن سان ڪھڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ڇا سندن حقن جي ادائگي وقت سر ٿي رھي آھي؟ سندن جائز مطالبا وقت سر پورا ڪيا وڃن ھان تہ شايد ھن وقت احتجاجن جي ضرورت نہ پوي ھان پر اڃان بہ وقت نہ ويو آھي جيڪڏھن واقعي حڪومت کي عوام جي دردن جو خيال آھي تہ في الفور ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا مسئلا حل ڪري، جي ائين نہ ٿيو تہ مريضن کي وڌيڪ تڪليف مان گذرڻو پوندو، ھُو پھرئين ئي تڪليفن ۾ آھن انڪري صحت کاتي ۾ رائج ڪيل ايمرجنسيء کي نظر ۾ رکي ملازمن جا سمورا مسئلا ترجيحي بنياد تي حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اھا شروع ڪيل جدوجھد ڪو وڏو انقلاب بہ آڻي سگھي ٿي قاضي منظر حيات سنڌ جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙن کي ھن ريت بيان ڪيو آھي
بي حسيءَ جي دور ۾ بي لوث ھي
حق خاطر ويڙھہ ٿا سڀ جي وڙھن
ساھہ ۽ سر کان مٿڀرو مقصد رکي 
ٿا جان جوکي ۾ وجھي جوڌا وڌن