غير محفوظ بڻيل دنيا ۽ انساني حقن جو ادارو/مدد علي سنڌي



انساني حقن واري عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي تازي رپورٽ ۾ آمريڪي صدر  ڊونلڊ ٽرمپ جي سياست تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ٽرمپ جي سياست نفرت پکيڙڻ ۽ انساني حقن لاءِ خطرن جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي. اداري جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ طرفان آمريڪا جي اندر ۽ آمريڪا جي ٻاهر کنيل سمورا قدم انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهن. ياد رهي ته ايمنسٽي انٽرنيشنل، آمريڪي صدر ٽرمپ کي به انهيءَ گروپ ۾ شامل ڪيو آهي،جنهن ۾ روس، چين، فلپائن، ۽ وينزيلا جا سربراهه شامل آهن.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سربراهه سليل شيلي چيو آهي ته هن مشڪل حالتن اندر جڏهن نفرت ۽ ڊپ جا پاڇا سموري دنيا ۾ پکڙجي رهيا آهن ته فقط ڪجهه حڪومتون اهڙيون آهن، جيڪي انساني حقن جي حفاظت لاءِ اٿي بيٺيون آهن. هن چيو ته دنيا جي مختلف سربراهن جهڙوڪر مصر جو صدر عبدالفتاح اليسي، فلپائن جو روڊر وينزيلا جو نيڪولس، روس جو ولاريمير پيوٽن، آمريڪا جو ٽرمپ ، ۽ چين جو صدر شي چينگ، لکين ماڻهن جي حقن جي ڀڃڪڙي ۾ مشغول آهن. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي 400 صفحن تي پکڙيل هي رپورٽ منهنجي آڏو آهي. جنهن ۾ دنيا جي 159 ملڪن ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جوطويل داستان آهي- ۽ عام ماڻهو، ائين ئي ظلم جي گهاڻي ۾ وڃي ٿو پيڙجندو. پر جڏهن اهوئي ظلم جي چڪيءَ ۾ پيڙجندڙ ماڻهو ظلم جي خلاف اٿي بيهي ٿو، ته ظالم ۽ جابر طبقا ڌوڙ ٿي وڃن ٿا. ان ئي سلسلي ۾  مون کي شيخ اياز جو هي شعر پيو ياد اچي ته :
سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جي اڀا،
سوين عيد جا چنڊ، اڀري پون؟
بهرحال زمانو اڳتي هلندڙ آهي، ماڻهو حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا، ته آمريڪي حڪمرانن جي جبر ۽ تشدد جو نشانو به بڻجن ٿا. شابس هجي ايمنسٽي انٽرنيشنل وارن کي جيڪي ڏاڍ ۽ ڏمر بابت آواز بلند ڪندا پيا اچن. انساني حقن واري تنظيم جي سربراهه طرفان آمريڪي صدر ٽرمپ جي انهيءَ فيصلي تي پڻ تنقيد ڪئي آهي. جنهن ۾ هن 6 مسلمان ملڪن جي شهرين تي آمريڪا اچڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هن رپورٽ ۾ هيٺين مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو آهي:
(الف) امريڪي صدر جا غير انساني فيصلا.
(ب) ميانمار ۾ روهينگا مسلمانن جو قتل عام.
(ت) انسانيت جي خلاف ٿيندڙ ڏوهن ۽ عراق ڏکڻ سوڊان، ۽ يمن ۾ ٿيندڙ جنگي ڏوهه.
(ٿ)آمريڪا،روس، ۽ پولينڊ ۾ عورتن جي حقن کي دٻائڻ جي ڪوشش.
(ٽ) چيچنيا ۽ مصر ۾ هم جنس پرستن جي خلاف ڪاروائي.
(ٺ) فلپائن ۾ منشيات جي خلاف جنگ ۾ انساني حقن جي لتاڙ.
(ث) اتر، آئرلينڊ ۾ زوريءَ ٻار ڪيرائڻ جي خلاف پاليسي ۽ انگلينڊ ۾ دهشت گردي ٽوڙ قانون.
رپورٽ ۾ عالمي اڳواڻن طرفان انساني ذهن جي ڀڃڪڙين تي ڪمزور رد عمل ظاهر ڪرڻ، ۽ عوامي راءِ کي استعمال ڪرڻ وارين ڪوڙين خبرن پکيڙڻ تي پڻ تنقيد ڪئي ويئي آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران سموري دنيا ۾ احتجاجي تحريڪن ۽ مختلف مقصدن لاءِ سرگرم ماڻهن طرفان جارحاڻي ورتاءَ کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سربراهه موجب آمريڪي صدر ٽرمپ جون پاليسيون انساني حقن کي نظر انداز ڪرڻ واري هڪ نئين دور جي شروعات آهي، پر اهو ڪو شفي رجحان هر گز ڪونهي.
دنيا جي مختلف ملڪن جون حڪومتون اڪثر بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ مصروف رهن ٿيون-مثال طور تي هڪ عرب ملڪ ۾ سال 2014ع جي مارچ ۾ اٽڪل 32 هزار پرڏيهين  پورهيتن کي گرفتار ڪيو ويو هو- انهن هزارن پورهيتن کي گرفتار ڪري جڏهن جيلن ۾ بند ڪيوويو هو. ته اتي احتجاج دوران هڪ پرڏيهي پورهيت مري ويو هو. پورهيتن جو موقف هو، ته مذڪوره ملڪ ۾ جڏهن ان حڪومت کي ضرورت هئي، ته هنن کان سالن جا سال پورهيو ڪرايو ويو، پر جڏهن سندن ضرورت ختم ٿي، ته کيس غير قانوني قرار ڏيئي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. انهن گرفتار ٿيلن ۾ 2000 هزار پاڪستاني پورهيت به شامل هئا، جن کي اڃا تائين ان ملڪ جي ڪمپنينن طرفان معاوضو به نه ڏنو ويو آهي. هن وقت خود افغانستان جو مثال وٺو. جتي اڄ به عورتن تي تمام گهڻو ظلم ٿو ڪيو وڃي. ويندي نابالغ نينگرين سان زبردستي وڏي ڄمار وارا ماڻهو شادي ڪن ٿا.
پاڙيسري ملڪ ڀارت ته غير انساني حرڪتن جا ليڪا لنگهي  ويو آهي، جتي والاريل ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙ نوجوانن، عورتن ۽ ٻارن تي گوليون  ٿيون هلايون وڃن. ۽ هزارين نوجوان جيلن ۾ بند آهن. ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ بي جي پي سرڪار جي اچڻ کان پوءِ گذريل سال يعني 2017ع جي نومبر تائين هڪ هزار انڪائونٽر ٿيا.پوليس 38 ماڻهن کي ڏوهاري چئي ماري ڇڏيو. انهن مقابلن ۾ 300 ماڻهو زخمي ٿيا هئا. جڏهن ته 2 هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو هو. بي بي سي جي رپورٽ هئي ته انهن پوليس مقابلن ۾ ڪيترا مقابلا جعلي هئا، جيئن ڪراچيءَ ۾ ايس ايس- پي- ملير رائو انور هڪ نوجوان نقيب الله کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو. اهڙا ڪيترا مثال پنجاب جا به موجود آهن.
پاڻ مٿي ميانمار جو ذڪر ڪيو. ته اتي برٽش خبر ڏيندڙ اداري رائيٽر موجب انهن 2 صحافين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ميانمار ۾ ٿيندڙ قتل عام جي رپورٽنگ ڪئي هئي. سندس ڏوهه اهو هو ته هنن ميانمار ۾ گذريل سال  ميانمار جي صوبي رخاتن ۾ 10 مسلمان روهنگن کي غير قانوني طور تي قتل  ڪرڻ جي رپورٽنگ ڪئي هئي- ۽ هاڻ رپورٽنگ ڪندڙ ٻئي صحافي جيل جي حوالي آهن.
مقصد اهو ته دنيا ۾ هاڻ جتي به ظلم ٿئي ٿو- ظلم جو راڄ برپا رهي ٿو. ڪاري قانون جو عوام شڪار ٿئي ٿو، ته اتي ايمنسٽي انٽرنيشنل آواز اٿاري ٿي. پوءِ چاهي اهو ڪارو قانون ۽ غلط ورتاءَ ڀلي دنيا جي وڏي طاقتور ملڪ يعني آمريڪا جو صدر ٽرمپ ڇو نه ڪندو هجي. ايمنسٽي انٽرنيشنل ان خلاف آواز اٿارڻ کان غافل نٿي رهي.
هاڻ وري پاڻ موٽي ٿا هلون شام ڏانهن، جتي عارضي جنگبنديءَ جو فيصلو گڏيل قومن واري اداري طرفان ڪيو ويو آهي.پر ان هوندي به اتي هڪ ڀيرو وري رتو ڇاڻ شروع آهي- ۽ شام جو علائقو غوطا، ۾ جنگ جاري آهي. ياد رهي ته شام جي علائقي عفرين ۾ ترڪيءَ جي جارحيت خلاف وڙهندڙ ڪرد جنگجوئن ۽ شامي حڪومت ۾ هڪ معاهدو ٿي ويو آهي. اها ڳالهه ڪرد جنگجوئن ڪئي آهي. سندن چوڻ آهي ته ان معاهدي تحت شامي فوج اترئين علائقي عفرين ۾ ڪردن خلاف ترڪي جي ڪاروائي کي شڪست ڏيڻ لاءِ پنهنجا فوجي اماڻيندي.
خيال رهي ته ترڪي ڪرد ويڙهاڪن جي تنظيم  واءِ پي جي مليشيا کي عفرين مان بيدخل ڪرڻ لاءِ گذريل مهيني 20 جنوري کان فوجي آپريشن شروع ڪيو هو. ترڪي آزادي پسند ڪردن جي ويڙهاڪ تنظيم واءِ پي جي کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ٿو. جڏهن ته شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش خلاف جنگ ۾ ان تنظيم کي آمريڪي اتحاد جي حمايت حاصل آهي. ترڪي شام جي علائقي عفرين مان ڪرد ويڙهاڪن جي نيڪالي چاهي ٿي. جيڪو 2012ع کان ڪردن جي ڪنٽرول ۾ آهي.
هڪ سينيئر ڪرد اهلڪار رائيٽرز کي ٻڌايو ته سرڪاري سپاهي عفرين جي علائقي ۾ ٻين هنڌان داخل ٿي سگهن ٿا ۽ انهن کي ڪجهه سرحدي پوزيشن تي مقرر ڪيو ويندو، عراق جي ڪردش ميڊيا گروپ ردوا به ان معاهدي جو اطلاع ڏنو آهي. ان گروپ شام مان هڪ ڪرد سياستدان جو حوالو ڏنو. ان کانسواءِ ان هڪ نيوز ايجنسي جو به حوالو ڏنو، جيڪا شام جي ڪردش فورسز جي حمايت ڪري ٿي. برطانيا جي هڪ نشرياتي سروس جي وچ اوڀر جي ايڊيٽر ايلن جانسن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حقيقت ۾ اهو معاهدو ٿيو آهي ته ترڪي جي فوجين کي عفرين ۾ نه رڳو ڪرد جنگجوئن پر شامي فوج کي به منهن ڏيڻو پوندو.خيال رهي ته شام جي صدر بشاراالاسد جا سپاهي 2012ع ۾ ڪردن جي ڪنٽرول هيٺ وارن علائقن مان نڪري ويا هئا. ترڪي ڪرد مليشيا واءِ پي جي کي عفرين مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هو ان کي آزادي پسند ڪردستان ورڪرز  پارٽيءَ جي ايڪسٽينشن سمجهي ٿو. ڪرد مليشيا واءِ پي جي ڪردستان ورڪرز پارٽيءَ سان ڪنهن به فوجي يا سياسي تعلق جي ترديد ڪري ٿي.
23 جنوري تي ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردگان چيو هو ته ترڪ فوج کي عفرين جي علائقن مان ڪڍڻ لاءِ ڪرد جنگجو آمريڪا جا فراهم ڪيل هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن.
واءِ پي جي اتر اوڀر شام جي هڪ وڏي حصي تي قابض آهي ۽ دولت اسلاميه خلاف ويڙهه ۾ آمريڪا جي هڪ اهم اتحادي آهي. انقره جو موقف آهي ته جيئن ته داعش خلاف جنگ ختم ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري اهو اتحاد ختم ٿيڻ گهرجي. ترڪ صدر جو ترجمان ابراهيم ڪالن چئي چڪوآهي ته اسان پنهنجي سرحدن سان شام ۾ ڪردستان ورڪرز پارٽيءَ جي اسٽيبلشمينٽ برداشت نه ٿا ڪري سگهون.
عفرين ۾ ترڪ فوج جي ڪاروائي کان پوءِ لکين شهري اتان وڃي رهيا آهن. ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته ترڪ فوج جي آپريشن جي ٻن ڏينهن اندر ئي 70 کان وڌيڪ شهري ماريا ويا. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ان آپريشن بابت شروعاتي ڏهاڙن ۾ خصوصي اجلاس سڏايو. جنهن ۾ ترڪيءَ جي شام ۾ ڪاروائي بابت ڳالهايو ته سهي پر ان جي مذمت نه ڪئي وئي. ترڪي جا اڳواڻ چئي چڪا آهن ته ترڪيءَ جي زميني فوجن جو شام جي اترئين حصي ۾ داخل ٿيڻ جو مقصد سرحدي علائقي مان ڪرد ويڙهاڪن جي نيڪالي آهي. ان ڪارروائي جو مقصد شام اندر 30 ڪلوميٽر گهرو محفوظ زون قائم ڪرڻ آهي. ترڪي پاران جنوريءَ ۾ شام جي اترئين علائقي عفرين ۾ فوجي جارحيت کان پوءِ ڪرد ويڙهاڪ وڏي  مزاحمت ڪري رهيا آهن. ان آپريشن کان پوءِ آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ترڪي کي تنبيهه ڪري چڪو آهي ته ائين نه ٿئي جو ترڪ فوجين جو آمريڪي فوجين سان ٽڪراءُ ٿي وڃي. ٽرمپ ترڪيءَ تي اهڙي صورتحال کان بچڻ تي زور ڏئي چڪو آهي.
روس جي صدر پيوٽن شام جي علائقي غوطا جي اوڀرندي علائقي ۾ هلندڙ جنگ کي عارضي 5 ڪلاڪ روڪڻ  جو حڪم ڏنو آهي، ته جيئن عام شهري متاثر علائقي مان نڪري وڃن. ياد رهي ته غوطا ۾ شامي سرڪار طرفان بمباري سبب 3 لک 93 هزار شهري ڦاٿل آهن. ۽ 500 کان وڌيڪ عام شهري مارجي چڪا آهن.
خبر ناهي ته بدقسمت شام ڪڏهن وڏين طاقتن جي سازشن کان پاڻ آجو ڪرائي سگهندو.



No comments:

Post a Comment