اسان اربن
انسانن جي جنهن دنيا ۾ رهون ٿا اتي هر انسان جي سوچ،ڪردار ۽ زندگي گذارڻ جا طريقا هڪ ٻئي کان جدا آهن.جيڪڏهن دنيا ۾ رڳو نيڪ،پرهيزگار ۽ قانون
جو احترام ڪندڙ ماڻهو موجود هجن ته پوءِ اسان کي قانون،عدالتن ۽ پوليس وغيره جهڙن
ادارن جي شايد ضرورت ئي نه پوي پر جيئن ته فساد،جھيڙو،غصو،لالچ ۽ دوکي وغيره
جهڙيون ناڪاري صفتون انساني فطرت ۾ شامل آهن ان ڪري دنيا ۾ ڏوهن جي تاريخ به ايتري
ئي پراڻي آهي جيتري خود انساني تاريخ!
ڪائنات جي پهرئين انسان
جي ٻن پٽن مان هڪڙي ٻئي کي قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو ڪائنات ۾ پهريون انساني قتل هو. سو
جيستائين هي ڪائنات آهي نيڪي ۽ برائي جو وجود انساني جيون سان چنبڙيل رهندو۽
جيستائين انسان کي اختيار جي آزادي حاصل آهي سندس ڏوهن جو سلسلو به جاري رهندو. البت
انساني تاريخ ۾ ڏوهن جي نوعيت ۽ انهن جي واردات جو طريقو ضرور وقت سان گڏوگڏ
بدلجندو رهيو آهي.اهو صحيح آهي ته پراڻن دورن ۾ ڏوهن جي شرح گھٽ هئي،ڏوهه ڪرڻ جا
طريقا ايترا منجھيل ۽ سائنسي نه هئا ۽ ڏوهارين کي پڪڙڻ اڄ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسان هو.ان
جو هڪڙو سبب اهو جو پراڻن دورن ۾ انساني آبادي به گھٽ هئي جنهن ڪري ڏوهن جي شرح به
ٿوري هئي. انساني آبادي وڌڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ڏوهن ۾ گھڻو اضافو آندو
آهي.
پراڻي دور ۾ ڪنهن ڳوٺ
يا علائقي ۾ڪا چوري چڪاري ٿيندي هئي ته پوليس يا ڳوٺ جي نيڪ مردن کي اهو اندازو ٿي
ويندو هو ته اهو ڏوهه ڪنهن ڪيو آهي.انهيءَ سلسلي ۾ نامي گرامي چورن جي موجود
ريڪارڊ مان به مدد ورتي ويندي هئي ۽ قابل “پيرين” ذريعي چور جي پيرن جي نشانن مان
سڃاڻپ ڪرائي ڏوهاريءَ تائين پهچبو هو.انهن پيرين وٽ اهڙو ته بي مثال فن هو جو پير
جي نشان مان ان ڏوهاريءَ جي قبيلي تائين پهچي ويندا هئا.پوليس وٽ اهڙا پيري مستقل
موجود رهندا هئا.پر پوءِ آهستي آهستي پيرين وارو اهو قصو به دم ٽوڙي ويٺو.يا ته
پوءِ وارن پيرين وٽ پير سڃاڻڻ جي اها ڏات نه رهي يا اهي پيري ڪنهن نه ڪنهن سبب
اهڙن ڏوهارين تي پردو وجھڻ يا انهن سان ٻٽ ٿيڻ لڳا.جنهن ڪري ڏوهارين کي پڪڙڻ لاءِ ”پيرين“ تي ڀاڙڻ وارو طريقو ختم ٿيندو ويو
جنهن کان پوءِ انهيءَ مقصد لاءِ سکيا ڏنل ڪتا استعمال ٿيڻ لڳا جيڪي ڪنهن ڏوهاريءَ
جي پير جي بوءِ سنگھي ان جو پيڇو ڪرڻ لڳا ۽ ڪنهن اهڙيءَ جڳهه تي وڃي ويهي رهندا
هئا جتي ڪو ڏوهاري موجود هوندو هو.پر اهڙن کوجي ڪتن جي ان عمل کي به ڪنهن حتمي
راءِ ۾ بدلائڻ ممڪن نه هو جو ڪيترائي ڀيرا انهن ڪتن جي اهڙي سموري ڪارڪردگي
غيراطمينان بخش ثابت ٿي ۽ اهي ڪنهن حقيقي ڏوهاريءَ تائين نه پهچي سگھيا.ماڻهن اهڙن
ڪتن جون ڪمپنيون جوڙي ورتيون جيڪي ڳري في وٺي ڳوٺاڻن يا ادارن کي اهڙن ڪتن جون
خدمتون حوالي ڪندا آهن.
دنيا ۾ جيئن ئي نئين
ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال انساني فائدي لاءِ ٿيڻ لڳو تيئن ئي ڏوهاري قسم جا ماڻهو به
انهي ٽيڪنالاجيءَ جو سهارو وٺي پوليس کان بچڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويا ۽ ڪيترائي ڏوهه
نئين ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان ٿيڻ لڳا.پر انهيءَ جو مطلب اهو ناهي ته روايتي طريقي
سان ٿيندڙ ڏوهن جو انداز ئي ختم ٿي ويو هجي.اڄ به جيڪڏهن ڪي هيڪرز دنيا جي ڪنهن
ڪنڊ مان هزارين ميل پري ڪٿي ڪا ڏوهاري واردات ڪن ٿا ته ٻئي طرف اسٽريٽ ڪرائيم ۽
گڏهه گابي جي چورين جهڙيون وارداتون به جاري آهن.انهن ڏوهارين پنهن جي ڏوهه ڪرڻ جا
طريقا برابر تبديل ڪيا آهن پر قانون نافذ ڪندڙ ادارا به ساڳي ٽيڪنالاجيءَ جي سهاري
انهن تائين ضرور پهچيو وڃن. (هلندڙ)
No comments:
Post a Comment