اغوا ڪارن ۽ پوليس ۾ هڪ جهڙائي جو هڪ مثال/ درياءُ خان جهتيال / دادو

سنڌ ۾ اغوا انڊسٽري فعال هئڻ جا مثال تہ اغوا ڪارن پاران ڪيل اغوا جون تيز وارڌاتون آهن پر جيڪڏهن قانون جي پاسداري ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ بہ انهن اغوا ڪارن وارا پير سنڀالن تہ پڪ ڄاڻو معاشرو تباهي طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي، اهو ان لاءِ تہ قانون جي ڳالهہ ڪندڙ ۽ قانوني ڏوهہ ڪندڙن جو ڪم ساڳيو ٿي ويو آهي، اغوا ڪار ماڻهن کي کنڀي انهن کي يا تہ ماري ڇڏين ٿا يا تہ انهن جي وارثن کان ڀُنگ طلبي ان ماڻهو کي آزاد ڪن ٿا اهڙي ريت پوليس بہ ڪنهن بہ ماڻهو کي بنا ڪنهن ڏوهہ جي کنڀي گُم ڪري ڇڏي ٿي ۽ وري ان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ظاهر ڪري ٿي يا تہ موروڳي ئي ان کي گُم ڪري ڇڏي ٿي، اهڙو ئي واقعو قاسم آباد پوليس ڪيو آهي، قاسم آباد پوليس قاسم آباد جي علائقي نقاش ولازم مان 6 فيبروري يعني اڄ کان 24 ڏينهن اڳ نوجوان صحافي ڪامران علي سهتو کي بنا ڪنهن ڏوهہ جي کنڀي گُم ڪري ڇڏيو آهي، صحافي جي کنڀجڻ بعد ٽئين ڏينهن يعني 9 فيبروري تي ڪامران سهتو سان پوليس پاران سينيئر صحافين جي ملاقات ڪرائي وئي، ان وقت ڪامران تي ڪو بہ ڪيس وغيره داخل نہ هو، صحافين جي ملاقات بعد قاسم آباد پوليس ڪامران کي گُم ڪري ڇڏيو، ڪجهہ ڏينهن بعد پوليس ڪامران سهتو تي ڦر جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پر پوليس صحافي کي ظاهر نہ ڪيو، ڪامران سهتو جي کنڀجڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي برادري پاران احتجاج ڪيا ويا تہ وري ان مٿان ٻيو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس جي اهڙي عمل تي پڪ ٿي وئي تہ پوليس ۽ اغوا ڪار ۾ ڪو فرق باقي نہ رهيو آهي، ڪامران علي سهتو جي کنڀجڻ خلاف معاملو عدالت ۾ ويو جيڪو هلندڙ آهي، ڪيس جون ٻڌڻيون بہ ٿيون آهن، جنهن ۾ ڪيس جي پهرين ٻڌڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج حيدرآباد پوليس کي اهو چيو تہ جيڪڏهن ڪامران سهتو کي ڪجهہ بہ ٿيو تہ پنهجو خير نہ سمجهجو، ڇو جو سڀني کي خبر پئجي چڪي آهي تہ ڪامران سهتو کي قاسم آباد پوليس ئي کنڀيو آهي، ان کي نہ ڪنهن اغوا ڪار اغوا ڪيو آهي ۽ نہ ڪنهن ٻئي ۽ صحافي بہ ڪامران جي کنڀجڻ جي 3 ڏينهن بعد ساڻن ملاقات ڪئي هئي، هن وقت قاسم آباد پوليس جي هڪ هٽي اهڙي آهي جو ڪامران سهتو کي کنڀڻ بعد ان مٿان مختلف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا پر ان باوجود ڪامران سهتو کي ڪنهن بہ ڪيس ۾ ظاهر ناهي ڪيو، اها عام شهري سان ڪيڏي نہ ناانصافي ٿي رهي آهي، هتي جيئڻ جي حق کي ايئن قيد ڪيو ٿو وڃي ڄڻ هتي بادشاهت وارو قانون لاڳو ٿيل هجي، بس ماڻهو کنڀڻ ۽ ان کي پنهنجي کاتي ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ،صحافي ڪامران علي سهتو کي پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيدر آباد جي عدالت ۾ سندس والد درخواستگذار ميرل خان سهتو جي درخواست تي هلندڙ ٻڌڻين ۾ ڊي آءِ جي حيدر آباد طرفان جيڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي ان کي عدالت رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايس ايس پي حيدر آباد کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي، ان ڳالهہ جو هر وقت خوف آهي تہ الاءِ ڪامران سهتو پوليس وٽ آهي بہ الاءِ نہ، ڇو جو پهريان جڏهن پوليس ڪامران سهتو کي کنڀيو تہ هو 3 ڏينهن تائين پوليس وٽ هو بعد ۾ 21 ڏينهن کان گُم آهي ۽ پوليس ججن اڳيان بہ ڪامران کي پيش ڪرڻ کان نٽائي رهي آهي، اهو يقين آهي تہ صحافي ڪامران سهتو ڪنهن بہ غير قانوني ڪم ۾ ملوث ناهي نہ تہ هن وقت تائين پوليس ان کي ظاهر ضرور ڪري ها، ڪامران سهتو جي والد ميرل سهتو جي داخل ڪيل درخواست ۾ ايس ايڇ او قاسم آباد، ايس ايڇ او نسيم نگر ۽ انچارج سي آءِ اي ڌُر آهن، جيڪي اڃا تائين عدالت ۾ پيش ناهن ٿيا، ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج انهن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي، هڪ تعلقي جي پوليس آفيسرن وٽ جيڪڏهن ڪامران سهتو ناهي تہ آخر ان کي ڪهڙي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي؟ ان مٿان ڪوڙا ڪيس تہ داخل تہ ڪيا پيا وڃن پر عدالتن جي حڪم کي پٺي ڏيندي پوليس ڪامران کي ظاهر بہ نہ پئي ڪري، سنڌ ۾ اغوا ڪار ۽ پوليس ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهن، قانون سمجهائيندڙ  بہ غير قانوني ڪم کي مان بخشي رهيا آهن جيڪو عام مڻهن لاءِ تمام وڏو خطرناڪ آهي، پوليس هٿان کنڀي گُم ڪيل ڪامران سهتو جو ڪيس ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج حيدر آباد جي عدالت ۾ هلندڙ آهي پر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽٽس کي اپلي آهي تہ صحافي ڪامران سهتو کي پوليس کان آزاد ڪرائڻ لاءِ نوٽيس ورتو وڃي.

 

No comments:

Post a Comment