پاڪستان ۾ احتساب وارو عمل انڌي
منڊي انداز ۾ سالن کان هلندڙ آهي احتساب وارو ڪم ماضيءَ ۾ سياسي مخالفن خلاف
استعمال ٿيندو رهيو آهي پر تازو احتسان واري عمل کي تيز ڪيو ويو آهي ۽ پهريون ڀيرو
احتساب واري عمل کي جنهن انداز ۾ هلايو پيو وڃي ان حڪمرانن جون دانهون ڪڍائي ڇڏيون
آهن ڊي سي او لاهور سميت مختلف ڪمپنين جي ايم ڊي ، ۽ پي ڊيز جون هڪ ئي وقت چارجون
رکندڙ 18 گريڊ ۾ ھئڻ باوجود 20۽ 21 گريڊ جي پوسٽن تي ويهي بادشاهت ڪندڙ احد چيما
کي نيب گرفتار ڪيو ته پنجاب جي وزير اعلا سميت وفاقي وزير صاحبان بيورو ڪريٽ ميدان
۾ اچي ويا پنجاب حڪومت احد چيما کي بڪتر بند گاڏي ۾ ويهارڻ تي به اعتراض ڪيا ته
احد چيما کي بڪتر بند گاڏي ۾ ويهاري سٺو عمل نه ڪيو ويو آهي احد چيما جي گرفتاري
کان پوءِ مسلم ليگ ن جي قيادت پاران وڌ کان وڌ نيب تي دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي
بيورو ڪريٽن کان ڪم ڇڏ ھڙتال ڪرائي ويئي پر نيب پنهنجي ڪم کان پوئتي نه هٽي ۽ چيو
ته اسان ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه اينداسون.
احد چيما جي نشاندهي تي
ڪجهه ٻيون به گرفتاريون ٿيون آهن هاڻي اهي به انڪشاف ٿي رهيا آهن ته احد چيما
شهباز شريف خلاف مبينا طور وعدا معاف گواھ ٿيڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي نيب پاران
جڏهن سنڌ بلوچستان ۾ ڪاروائيون ڪيون پئي ويون ان وقت ن ليگ جي حڪومت نيب جي ساراھ
ڪندي نه پئي ٿڪي پر جڏهن نيب پنجاب ۾ پير رکيا آهن ته پنجاب جي حڪمرانن سميت مرڪزي
حڪومت جون دانهون شروع ٿي ويون آهن ته نيب ذيادتيون ڪري رهي آهي.
احد چيما کان پوءِ نيب
فواد حسن فواد کي طلب ڪري رهي آهي فواد حسن فواد لاءِ ميان نواز شريف جو ويجهو ساٿي ۽ پي ٽي وي چيئرمين عطاءُ الحق
قاسمي پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکي چڪو آهي ته فواد حسن فواد ٻيو محمود مسعود ثابت ٿيندو
محمود مسعود اهو شخص هو جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي خلاف وعدا معاف گواھ ٿيو هو
جنهن جي گواهي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سزائي موت ڏني ويئي هئي يعني فواد حسن
فواد تي سندس ئي حلقي جا ماڻهو اعتماد نه پيا ڪن، انهن کي شڪ نه پر پورو يقين آهي
ته فواد حسن فواد وعدا معاف گواھ بڻجي ويندو پنجاب ۾ هن وقت تائين جيڪا صورتحال
پيدا ٿي آهي اها صورتحال شهباز شريف لاءِ گهيرو تنگ ڪري رهي آهي، شهباز شريف لاءِ
چيو پيو وڃي ته کيس مسلم ليگ ن جو سربراھ بڻايو پيو وڃي هڪ پاسي سندس لاءِ وڏو
خوشي جو موقعو آهي ته مٿان نيب پنجاب پاران جنهن حساب سان ڪارروائيون تيز ڪيون
ويون آهن، ان مان لڳي پيو ته شهباز شريف وزير اعلا پنجاب هجي يا هو مسلم ليگ ن جو
سربراھ ٿي وڃي، کيس مستقبل ۾ وڏن چيلنجن کي منهن ڏيڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن.
ميان نواز شريف جي نا
اهليءَ کان پوءِ هن تحريڪ بحاليءَ عدل جو اعلان ڪيو هو پنجاب ۾ هن ڪجهه شهرن ۾
جلسا به ڪيا پر عوام سندس لاءِ روڊن تي اچي ڪا منظم تحريڪ هلائڻ لاءِ تيار نظر نٿي
اچي. نواز شريف جا ويجها ساٿي جيڪي زمين تنگ ڪرڻ ۽ لوھ جا چڻا هئڻ جون دعوائون ڪري
رهيا هئا اهي اڄ ٽيوٽر ذريعي نيب کي اپيلون پيا ڪن ته خدارا ڪجهه حلقو هٿ رکو اهي
همراھ ڌمڪين کان اپيلن تي اچي پهتا آهن مطلب ته انهن هاڻي اندازو لڳائي ورتو آهي
ته احد چيما جي گرفتاري کان پوءِ پيرا گون اسڪيم جا معامرا به منظر تي ايندا ۽ ان
۾ خواجا سعد رفيق عرف لوھ جو چڻو به قابو ٿي سگهي ٿو.
پنجاب ۾ نيب ڪاروائيون
شروع ڪيون ته وفاقي ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن پاران نيب کي هر طرح سان دٻائڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي، ڪڏهن چيو ويو ته نيب جا پر ڪٽينداسون ڪڏهن لوھ جي چڻن جو ذڪر ٻڌڻ ۾
آيو ڪڏهن بيورو ڪريسي کان هڙتال ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي ايترين ڪوششن باوجود
ڪجهھ ھڙ حاصل نه ٿيڻ تي مسلم ليگ ن جي حڪومت توڙي پارٽي قيادت هاڻي اهڙين ڌمڪين کي
ڪجهھ گهٽ ڪري ان مصيبت مان بچڻ لاءِ لائحه عمل جوڙڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
اهو پهاڪو مشهور آهي ته
کڏ کوٽبي ٻئي لاءِ آهي ان کڏ ۾ ڪرندو کڏ کوٽڻ وارو اها سڀني کي خبر آهي ته نيب
ڪڏهن ٺهي ۽ اها ڪنهن کي دٻائڻ لاءِ ٺاهي ويئي هئي نيب جو موجد نواز شريف خود آهي
هو جڏهن 1997 ۾ وزير اعظم بڻيو هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ، آصف علي زرداري ۽ پ پ
پ قيادت کي انتقام جو نشانو بنائڻ لاءِ نيب ٺاهي هئي صيف الرحمان کي نيب جو سربراھ
ٺاهيو ويو هو ان وقت نيب ڪورٽن پاران پ پ پ قيادت سان جيڪي ڪلور ڪيا ويا هئا اهي
ڪنهن کان ڍڪيل نه آهن اڄ سندس ئي ٺاهيل نيب پهريون ڀيرو ايمانداري سان ڪم شروع ڪيو
آهي ته اها ڳالھ شريفن کي نه پيئي وڻي هو نيب خلاف باقائدا محاذ ٺاهي ان کي ختم
ڪرڻ يا ان جا اختيار محدود ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن ميان صاحب مخالفن کي ڪچلڻ لاءِ نيب
ٺاهي اڄ ان ۾ پاڻ ٻه ٽنگو اچي ڦاٿو آهي نه صرف نواز شريف پر سندس سڄو خاندان هن وقت
نيب عدالتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي الله جي لٺ بي آواز هوندي آهي پ پ پ جي گذريل
حڪومت ۾ افتخار محمد چوڌري چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هو ته هو هر وقت سوموٽو
ڪارروائيون ڪندو هو پ پ پ حڪومت سپريم ڪورٽ جي اهڙن قدمن تي دانهون ڪندي هئي پر
ميان صاحب خوش ٿيندو هو اڄ سندس حڪومت ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مختلف مامرن تي از
خود نوٽس ٿي وٺي ته اهو ئي نواز شريف دانهون ٿو ڪري، سيد يوسف رضا گيلاني خلاف
عدالت ۾ وڃي کيس نا اهل ڪرائيندڙ پنهنجي نا اهلي تي سراپا احتجاج آهي ۽ اهو به
اقرار پيو ڪري ته سيد يوسف رضا گيلاني سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو غلط ٿيو، ميان صاحب
ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهھ مخالفن سان ڪندو رهيو آهي اڄ اها صورتحال هن سان پيش اچي رهي
آهي مزي جي ڳالهھ ته سندس دورن ۾ انهن نيب هٿان آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير
ڀٽو خلاف جيڪي ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪرايا انهن ڪيسن مان هو باعزت بري ٿي ويا پر نواز
شريف نا اهل ٿي ويو سندس پارٽي جي حڪومت هوندي سندس لاڏلا پٽ پاڪستان جي عدالتن
مان روپوش آهن، مسلم ليگ ن کي سنڀالڻ لاءِ کين اهڙو ماڻهو نه پيو ملي جيڪو صادق ۽
امين هجي هن وقت شهباز شريف يا مريم نواز مان ڪنهن هڪ کي صدر بنائڻ جون ڳالهيون
هلي رهيو آهن پر بدقسمتي سان انهن ٻنهي تي نيب ۾ يا ته ڪيس هلن پيا يا جاچ پيئي هلي انهن مٿان به نا اهليءَ جو خطرو موجود
آهي، مسلم ليگ ن جي نالي جو به مسئلو اڃا حل ٿيڻو آهي ڇوته هي پارٽي نواز شريف جي
نالي تي رجسٽر ٿيل آهي ۽ پارٽي جي نالي پٺيان نواز شريف جو نالو لکيل آهي يقينن
مسلم ليگ ن جي قيادت جي تبديلي کان پوءِ پارٽي جو نالو تبديل ڪرڻ لاءِ به کين
مشڪلاتون پيش اينديون.
هن وقت شريف فيملي سندن
ويجها ساٿي ۽ منظور نظر بيورو ڪريٽ احتساب جي مضبوط شڪنجي ۾ آيل آهن ماضيءَ ۾
مخالفن لاءِ زمين تنگ ڪندڙ هن وقت پنهنجي ئي ٺاهيل ڄار ۾ ٻه ٽنگا ڦاٿل آهن ۽ اڄ هو
وڏي واڪي پيا چون ته نيب جو قانون ٺيڪ نه آهي هن جون حدون مقرر هئڻ گهرجن اڄ شريف
خاندان کي خبر پيئي آهي ته نيب ڇا هوندي آهي هن جي ايڪشن سان ڪيتري تڪليف ٿيندي
آهي، پنجاب ۾ آفيسرن جي گرفتارين کان پوءِ شهباز شريف ۽ ٻين جي نڙي خشڪ ٿي ويئي
آهي، ڏسڻو اهو آهي ته مسلم ليگ ن انهن بحرانن مان ڪيئن ٿي نڪري زميني حالتون
ٻڌائين پيون ته شريف فيملي ۽ پنجاب جي بيورو ڪرسي لوڏن ۾ آهي.
No comments:
Post a Comment